ساري دنيا جا پيارا سنڌي دوستو ڪجهه گلابي گُل ۽ ڪجهه گُل دستا توهان دوستن لاءِ کڻي آيو آهيان۔ خاص ڪري سنڌ سلامت جي سمورن دوستن لاءِ بس پيارا ساٿيو گل ڀلي ڪمپيوٽر جا ئي آهن پر هن گُلن کي موڪلڻ ۾ مُنهنجو خلوص نج پج سئو سيڪڙو سچُولو آهي ۔ توهان جي نظر آهن پوءِ ڀلي هنن گُلن کي رمضان المبارڪ جو تُحفو ئي سمجهيو وڃي۔ هي گل ڪيئن ٿا لڳن۔ ڀلا هي ننڍڙو پتڪڙو گلن جهڙو گُل ڪيئن ٿو لڳي توهان کي ڀلا هي ٻه پيمانه چلو ڇلڪيل ئي سهي گلاب سان گڏ ڪيئن ٿا لڳن۔ هي ماڪ ڀنل گلابي گُل ڏسي سُبحان الله ضرور چئجو هر گُل جي پنهنجي پنهنجي خوشبو هوندي آهي پر سفيد گلاب جي گُل جي خوشبو ڪهڙي هوندي آهي؟ توهان کي خبر آهي! مونکي ڀي خبر ناهي! اڙي واهه هي پيار ۽ گُلن سان ڀريل گُلدستو پرين کي اُماڻيو ته محبت سان ضرور اُماڻجو۔ باقي ٻي قسط ۾
lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing سائين ڏاڍا قيمتي تحفه هٿ ڪيا اٿو فقيرسائين ته استقبال لاءِ به اوڌر تي الاءِ ڪٿان پاروٿا گل وٺي ايندو هو هاڻي اهو به ڪون ٿو وٺي اچي سائين تمام بهترين شئيرنگ آهي sadayeen gudsadayeen gud
پيارا سائين عظيم سدائين مهڪندا مُسڪرائيندا رهو سنڌ جي تازن گلابي گُلن وانگر ۔ توهان کي مُنهنجا موڪليل گُلن جا تُحفا وڻيا، ڄڻ سندم من موتئي جي واس سان مهڪي پيو۔ ادا عظيم وحيد ڦلپوٽي فقير ۽ ننڍي ائڊمن علي علي جا گُلَ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي بقول اُنهن جي ته اوڌر تي ايندا هُئا پر ير اها ڳالهه توکي مڃڻي پوندي ته سنڌ جي هر چمن جي گُل جي مهڪ انهن گُلن ۾ هوندي هُئي۔ ادا عظيم گُل ته مُرجهائجي به ويندا آهن پر انسان جي اندر اُڪير ۽ انسان جو بي لوث خلوص ڪڏهن به ڪُومائجي نٿا سگهن۔ خير الله سائين توهان کي سدائين آباد رکي پنهنجي پيارن سان گڏ۔
سائين توهان جو پيار ۽ گلن سان ڀريل گلدستو ته توهان ڏنو آهي ته پرين کي اماڻيو پر پرين وري ڪٿان اچي ان پرين جي ڪري ته مان ننڍي ايڊمن کي روز ٿو منٿون ڪيان ته ادا مالڪي ڪر ننڍا ايڊمن بس يار پارت ٿئي ادا عظيم توهان جي کائو طبيعت ڏسي ڪري هاڻي وري گلن جي جا۽ تي فروٽ وٺڻ شروع ڪيو آهي hall charihall charihall charihall chari suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
فقير سائين اهي فروٽ وري ڪهڙا پئيسن سان وٺي ٿا اچو ادي علي علي مونکي ٻڌايو هو ته توهان فروٽ ڪٿان ٿا آڻيو
ادا علي علي مون سان وڏي ناجائزي ڪئي آهي توهان کي اها ڳالهه ٻڌائي ته مان ڪٿان ٿو فروٽ آڻيان هن ڀيري جڏهن مان فروٽ وٺڻ پهتس ته توهان کي اڳ ۾ اتي فروٽ وٺندو ڏسي مان پاڻ ئي سمجهي ويس ته اهو ڪم علي علي جو آهي hall charihall charihall charihall charihall charihall chari hatt-parehatt-parehatt-parehatt-parehatt-pare khil sahi sindhsalamatsaathsal
ادا جهانداد سمان عرف سنڌ سلامت جا ڪِنگ گلاب ڪيئن سهڻي ويندو توهان کي معلوم هُجي ته سهڻي جي معنى خوبصورت آهي جيڪڏهن توهان اهو سوچي سهڻي لکيو آهي ته مٺا سمورو جملو گرامر جي حساب سان ٺهي ڪونه ٿو باقي هتي توهان جو مطلب اهو سمجهون ته توهان جي گهر ۾ گلاب سڙي ويندو آهي، مطلب گلاب جي ٻوٽي جي اوسر نه ٿيندي آهي . ته پوءِ ڪنهن گُلن جي مالي سان اسان فوري رابطي ۾ ٿا اچون جلدي ۾ گُلاب جي ٻوٽي جي نه سڙڻ جو ڏس پتو توهان کي لکي ٿا موڪليون، توهان ته بادشاهه مطلب ڪنگ آهيو، حڪم ڪريون ادا جهانداد