امر جليل سنڌيء جي انهن ليکڪن مان آهي جن کي تمام گهڻو پڙهيو ويو آهي۔ امر جليل کي لکندي 55 سال ٿي ويا آهن۔ ڪراچي يونيورسٽيء جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران سندس گولڊن جوبلي سال ملهائڻ جي سلسلي ۾ جون 2008 ۾ سندس مان ۾ هڪ پروگرام ڪيو وي ۽ ڪلاچي نالي تحقيقي رسالي کي امر جليل نمبر طور ڇپيو ويو۔ محترم سليم ميمڻ جون اهي خدمتون ياد ڪرڻ جهڙيون آهن۔ هن رسالي جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ عبدالجبار شيخ ڪئي آهي ۽ وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو
ادا، امر جليل سنڌ جو بهترين افسانه نگار آهي۔ اوهان زبردست ڪم ڪيو آهي جو جليل صاحب جا ڪتاب آنلائن ڪيا آهن۔ جس هجي اوهان کي۔ مهرباني ادا