• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساجن سونهن سُرت - شاعري (تنوير عباسي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
تنوير عباسيء کي سنڌ جي وليم ورڊس ورٿ طور به سڃاتو ويندو آهي جنهن جو سبب سندس فطرت تي ڪيل سهڻي شاعري آهي۔ سندس شاعريء جو هي ڪتاب ”ساجن سونهن سُرت“ سندس چونڊ شاعريء تي مشتمل آهي جيڪو 1996 ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو هو۔ هن ڪتاب مان ڪجهه چونڊ شاعري:

لڪايو مون، سُرهاڻ چغلي هنئي،
پڇن پيا هتي ڪير آئي هئي؟
نهاري ۽ نظرن کي ڦيري ڇڏيئي،
ٻنهي جي انهيء ۾ چڱائي هئي۔
هئا وار، چَپ، ڳل سڀ هڪ طرف،
طرف ٻئي غزل گيت وائي هئي۔

هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي فرزند محترم سرمد عباسيء جي آهي ۽ هُن پاڻ ئي انٽرنيٽ تي اِي بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرايو آهي۔

لا جواب
 
Back
Top