روشنين جو شهر ڪراچي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ڪراچي ۾ پوليس موبائيل ۽ وردي ۾ آيل هٿياربند واپاري کان 7 ڪروڙ رپيا ڦري ويا

    ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي ماڙيپور واري علائقي ۾ پوليس وردي پهريل ۽ موبائيل ۾ آيل هٿياربندن واپاري کان اٽڪل 7 ڪروڙ رپيا ڦري فرار ٿي ويا، ماڙيپور پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ان ڏس ۾ ماڙيپور پوليس ٻڌايو ته هنڊي جو ڪم ڪندڙ واپاري عطاءَ محمد ولد ولي داد پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رقم جي حوالي سان ڪم ڪندو آهي ۽ معمول موجب جونا مارڪيٽ مان انيس نالي ايجنٽ کان 4 ڪروڙ رپيا پاڪستاني ڪرنسي ۽ 2 لک آمريڪي ڊالرز وٺي ڪوئيٽا پهچائڻ لاءِ پنهنجي سئوٽ شاهه خالد کي ڏنا، جيڪو اها رقم پنهنجي ڪار جي ڊگي ۾ وجهي وڃي رهيو هو ته ان دوران ماڙيپور جي حد ۾ نادرن باءِ پاس پهتو ته پوليس جي موبائيل ۾ سوار ٿيل وردي پهريل ٻن هٿياربندن سميت 5 جوابدارن سندس گاڏي کي روڪي شاهه خالد کي چيو ته تنهنجي خلاف ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس آهي جنهن ڪري اسان سان گڏ ٿاڻي تي هل، اهو چئي کيس موبائيل ۾ ويهاريو ۽ ڪار جي ڊگي مان ڪيش جا ٿيلها کڻي ورتا، جنهن بعد ٿورو اڳتي وڃي شاهه خالد کي موبائيل مان هيٺ لاهي ڇڏيو ۽ ڪيش کڻي فرار ٿي ويا، پوليس موجب ڪيس ۾ ڪنهن کي نامزد نه ڪيو ويو آهي پر ان ڄاڻايو آهي ته هو جوابدارن کي ڏسي سندن سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو، پوليس موجب ڦر ٿيل رقم اٽڪل 7 ڪروڙ رپيا آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو