جيئن ته مان ڪجه مصروفيت جي ڪري ڪجه مهينا هتي نه اچي سگهيس، هاڻي وري ساڳئي محنت ۽ جدوجهد سان ڪم ڪنداسين، هاڻي وري ساڳيا محبت جا ميلا مچائينداسينsindhsalamatsaathsal
جي ادا احسان علي جانوري توهان جي خلوص واري سلام جي جواب ۾ وعليڪم سلام ۽ يا علي مدد جي جواب ۾ پير سخي مولا علي مدد، بلڪل ادا احسان اسان کي توهان جي ڪمي شديد محسوس پي ٿي۔ خير دير آيد درست آيد سنڌ سلامت جي اڱڻ تان انشاالله سنڌ کي سجائڻ وارا خيال، سنڌي ماڻهن جي تڪليفن اهنجن ايذائن کي ختم ڪرڻ وارا خيال، سنڌو ماٿري کي معطر ڪرڻ وارا خيال ضرور هڪ ٻئي سان شيئر ڪنداسين ، رب سائين پنهنجا ميلا مچايا آهن، يقينن اهي ميلا لايا سجايا ٿيندا۔ اسان هڪ دفعو وري توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان پنهنجي نڪور لکڻين ۽ پنهنجي ذهن جي وسيع ڪينواس تان خالص سنڌ لئه سرجندڙ خيالن کي سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سان سدائين ونڊيندا رهندا ۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا مهرباني ادا احسان جانوري۔
واليڪم سلام پير مولا علي مدد ادا احسان علي جانوري توهان جي ڪمي شدت سان محسوس ڪئي ويندي آهي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت فورم تي ڀيلڪار سدائين گڏ
ادا احسان علي جي آئين ڀلي آئين، اسان به پهريان توهان وانگر گهوٻي هڻِ ويا هئاسين. پر دوستن جي محبتن واپس اسان کي هت کڻي آئي.