مجبور دل جي صدا !

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Moazam Ali طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2011۔

  1. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    اي گلابن جي گل جهڙا پرين تون اهڙا ظلم ڪرڻ ڪڏهن کان ۽ ڪٿان کان سکي آهين۔ اي دلربا توکي ياد ڪندي دل روئيندي ۽ چوندي آهي۔ ته توکي ڪئين مان بي وفا چوان اگر توکي بي وفا چوان ته پو آئون عاشق نه ٿئيس۔ اگر توکي وفا واري چوان ته تون وفا واري نه هئين۔ (اي دلربا) بي وفا چوڻ عاشق جي فطرت ۾ نه هوندي آهي۔ انهي کي هر وقت اها آس هوندي آهي ته من ڪنهن موڙ تي وفا ڪري۔ اي پرين تنهنجا ناز نخرا تنهنجون ڳالهيون ارڏايون تنهنجا واعدا وچن ته پرين وارا هيا۔ پر تون ظلم ڪرڻ ۾ ڪنهن ظالم کان گهٽ نه هئين پو آئون توکي ڪئين دل جو دلبر من جو محرم ساهه جو سڄڻ چاهت جو چڪور محبت جو مور دل جو دوست ساهه جو سهارو يعني وفا وارو چئي سگهان۔ اڄ به مونکي توسان ايڏي محبت آهي۔ جئين مڇي کي پاڻي سان پوپٽ کي گل سان هاري کي فصل سان پر توکي خبر هجي ته عاشق جي زندگي آهي۔ دلبر جي ديدار سان پو ڇو تون پرين ايڏي دور هلي وئين، جو توکي ڏسندي سال ٿئي ويا آهن۔ سال نه بلڪه صديون محبت وارن لا هڪ پل جو وڇوڙو به صدين جي برابر هوندو آهي۔ پو اي پرين تون مون ۾ ڪهڙو عيب ڏٺو جو تون مون کان دور هلي وئين۔ خدا جي واسطي هڪ دفعي فون ڪري پنهنجو حال ته ٻڌائي، نه ته آئون زندگي ڀر پيو تڙپندس، ۽ تڙپي تڙپي مري ويندس۔ تنهنجي هر ڳالهه مڃيم تو چيو هو ته ڪجهه ڏينهن لا تون هن شهر مان هليو وڃ ته به روئي چيم جي بسم الله ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي شهر ۾ پير نه رکيم۔ شهر ڇڏڻ کان پو تنهنجو هڪ خط مليو جنهن ۾ فقط اهو لکيل هيو ته مون کي پرديس ۾ تون ياد نه ڪجان ۽ وري منهنجي شهر ۾ تون موٽي نه اچجان۔ اڄ آئون تنهنجي نه بلڪه ڪنهن ٻئي جي آهيان۔ اهي الفاظ پڙهي دل مان آهه نڪتي (اي سڄڻ ايڏو ظلم) پر اڄ به دردن سان ڀريل دل مان اها صدا نڪرندي آهي ته شال سدا خوش ۽ کلندي رهين۔ فقط تنهنجي الفاظن جو ماريل مجبور (تنهنجو عاشق)

    معظم علي نظاماڻي
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مجبور دل جي صدا !

    ادا بهترين ونڊ آهي ۔
     
  3. شاهزير نظاماڻي

    شاهزير نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2011
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مجبور دل جي صدا !

    زبردست ۽ بهترين ونڊ آهي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مجبور دل جي صدا !

    هل ته سهي، اصل سڙيل عاشق جي صدا آهي، بس ڙي ادا عاشق مجبور آ، ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي ۔۔۔؟

    پر آءُ کيس صلاح ڏيندس ته دعائون ڀل ڪري پر هاڻ ”هوءَ“ پرائي امانت آهي ۽ ڪنهنجي عزت انڪري سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي اصول آهن ته ان محبوب کي دل مان ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي صورت کي جڳهه ڏجي ته جيئن معاشري سان گڏ عاشق جي زندگيءَ ۾ به سڪون جو درياه وهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مجبور دل جي صدا !

    دردان دي ماري دلڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اهو ساڳيو شعر ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ڪورٽ ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪندي ٻڌايو هو ۔ هت به دردن جا مريل گهڻا آهن۔ صرف جهونن جو ڏوهه ناهي۔۔

    سٺا لفظ ۽ سهڻو سٽاء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو