• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا شهيد (لطيف سنڌي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
محترم لطيف سنڌي جو سهيڙيل هي ڪتاب ”سنڌ جا شهيد“ سنڌي سورمن تي لکيل مضمونن جو آهي۔ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي هيٺين امر ڪردارن تي لاجواب مضمون لکيل آهن:

1۔ دولهه دريا خان (سائين جي ايم سيد)
2۔ هوشو شيدي (منصور قادر جوڻيجو)
3۔ بختاور لاشارڻ (مير محمد ٽالپر)
4۔ هيمون ڪالاڻي (ناز سنائي)
5۔ روپلو ڪولهي (اسرار شام)

ڪجهه ڪتاب بابت:

”سنڌ جا شهيد“ نالي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي انهن امر ڪردارن بابت مواد سيهڙيو ويو آهي جنن سنڌ جي حفاظت خاطر وقت بوقت ايندڙ ٻاهرين لٽيرن ۽ ڦورن سان جنگ جوٽي باوجود ان جي ته هو هيڻا ۽ ڪمزور هئا جڏهن ته ٻاهران ايندڙ لٽيرا لشڪر ۽ ساز و سامان ۾ انهن کان وڌيڪ، جنگي حرفتن ۽ چالاڪين ۾ ڌرتي ڌڻين کان ڪافي اڳڀرا هئا. پر سنڌ خاطر جان ڏيندڙ جنن ڪردارن بابت هن ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي اُنهن ڪردارن اڳيان دشمن جي انهي مادي طاقت جي ڪابه حيثيت نه هئي انهن کي بس پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت جو اونو هو انهي خاطر انهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ ماتا جي هنج ۾ رت هاڻي ڳاڙهي وجود سان جاءِ ورتي. پر جئين ته سنڌ جي تاريخ لکندڙن انهن سان ڪو انصاف ناهي ڪيو ۽ تاريخ گھڻو ڪري حڪمرانن جي مرضي ۽ منشا سان درٻاري تاريخدانن لکي آهي سو انهن سنڌ جي اهڙن ڪردارن کي نظرانداز ڪيو يا انهن کي جيڪو مقام ملڻ کپي ها اهو ڏيئڻ ۾ انصاف کان ڪم نه ورتو. انهي ڪمي کي محسوس ڪندي سنڌ جي شهيدن جي وسيع لسٽ مان هن ڪجھه ناليوارن ڪردارن تي مشتمل هي ڪتاب توهان پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو جيڪو اُميد ته توهان جي معلومات ۾ اضافي جو باعث ٿيندو. گڏو گڏ انهي ڪميءَ کي به دور ڪرڻ جي ڪوشش طور پهريون قدم ضرور سمجھيو ويندو جيڪا انهن سنڌي ڪردارن سان عرب توڙي حڪمران تاريخن دانن روا رکي آهي.

مضمونن جو سهيڙيندڙ محترم لطيف سنڌي آهي جڏهن ته ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم سعيد سنڌي ڪئي آهي ۽ انٽرنيٽ تي وائس آف سنڌ پاران آندو ويو آهي۔

 
تمام بهترين ۽ تاريخ ساز شخصيتن جو خاڪو. هي ڪتاب سنڌ جي سورمن جي حقيقي تاريخ بيان ڪري ٿو، اسان کي گهرجي ته سنڌ جي سمورن شهيدن تي مستند ڪتاب لکون، جنهن ۾ سنڌ جا شهيد، سنڌي ٻولي جا شهيد، ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، قومي تحريڪ جا شهيد، ايم. آر. ڊي تحريڪ جا شهيد، ون يونٽ جا شهيد ۽ ٻيا مختلف وقتن تي مختلف سانحن ۾ ٿيندڙ شهيد شامل هجن. هي تاريخ سنڌ جي هڪ ڏکوئيندڙ باب کي بيان ڪندڙ هوندي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لا رهنما ثابت ٿيندي
 
Back
Top