ڪچ ڪوڏيون - فڪري مضمون (سيد عطا حسين موسوي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مونکي ياد آهي ته مان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته اسڪول جي الماريء ۾ ڪجهه ناياب ڪتاب هوندا هئا جن مان ”ڪچ ڪوڏيون“ پڻ موجود هيو جنهن ۾ بهترين فڪري ۽ سمجهاڻي وارا مضمون هئا۔ ڪچ ڪوڏيون سيد عطا حسين موسويء جو لکيل آهي۔

ڪتاب مان کنيل ٽڪرو:

دنيا ۾ داس ٿي ھل . دنيا دورنگي آھي . ھو ٻھروپڻ وانگي ويس بدلائي موھڻي پئي ڏيکاري ۽ بار بار پئي موھي . آخر ۾ پنھنجي بدزيبي شڪل ڏيکاري توتي ڀي کلندي ، تڏھن تنھنجا نشا ٽٽندا ۽ دماغ جا پردا کلندا . ھلي قبرستان ۾ ڏس ته توکي عبرت وٺندي ۽ حيرت لڳندي ، جتي اميرن جي قبرن تي زربفت جا پڙ پيا پون ۽ مجاور پيا سٽون ڏين . شايد چاپلوس پيا ڦيرو پائيندا ھوندا . اھي ته جاڏي ڏسن ڍيري تاڏي پائن ڦيري . يا ته ڪي ماڻھو نقش نگار ۽ چٽسالي ڏسڻ لاءِ قبن ۾ پيا نظر ايندا . ھيڏانھن ديناناٿ ديالوءَ جي داسن جون ڏيوريون ۽ فقيرن جون زيارت گاھون ڏس ته سوين امير اچي پيا پيشانيون گسائين ، آزيون نيازيون ڪن ، مٿو پيا ٽيڪين ، سکائون پيا باسين ، ۽ دعائون پيا گھرن .

” جاڳي جنھن ياد ڪيو ، ساري رات سبحان ،
ان جي عبدالطيف چئي ، مٽيءَ لڌو مان ،
ڪوڙين ڪن سلام ، اچي آسڻ ان جي .“

( مضمون: حضرت انسان)

هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران انٽر نيٽ تي اِي بوڪ ايڊيشن پيش ڪيل آهي۔


 
جواب: ڪچ ڪوڏيون - فڪري مضمون (سيد عطا حسين موسوي)

ادا لاجواب ونڊ آهي ۔

مهربانيون

هن ڪتاب ۾ لکيل مضمون جيڪي مختلف موضوعن تي لکيل آهن سي بلڪل نرالا ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهن۔ محترم عطا حسين موسوي پنهنجي دور جو تمام وڏو مضمون نگار ٿي گذريو آهي۔
 
Back
Top