نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست اوطاق جي آسمان تي ڪيترائي اهڙا دوست آهن جيڪي ستارن جي جهرمٽ جيئان هميشه چمڪندا رهيا آهن ... انهن دوستن جي ڪاوشن ۽ سچي دوستيءَ سبب اڄ سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي اوطاق ٿي اڀري رهي آهي ....
هن اوطاق جي سچن دوستن ۾ هڪ نالو آهي ممتاز وگهيو صاحب جن جو .... هن اوطاق جي شروع ٿيڻ کان وٺي هي دوست سنڌ سلامت جي اوطاق تي اهڙا ته سهڻا سهڻا ليک کڻي آيو جو علمي تاس پوري ٿيڻ لڳي هئي .... هي دوست بيمار هجي يا صحتمند هميشه سنڌ سلامت تي حاضر ۽ ناظر رهندو هو .... دوستن جا ليک پسند ڪرڻ انهن کي اتساهڻ ۽ تمام سهڻن راين سان رهنمائي ڪندو رهندو هو ... موٽ ۾ انهن ليکن جي حوالي سان پاڻ تمام سهڻا ليک ونڊ ڪندو هو ...

http://imageshack.us
ڪيترن ڏينهن کان هي دوست هن اوطاق تي نظر نه آيو آهي ،،، ڪجهه ڏينهن ته ان خيال کان صبر ڪيو ته شايد دوست مصروف هجي ۽ ڪنهن مجبوريءَ سبب نه ايندو هجي، پر هاڻ شايد ائين لڳي ٿو ته دوست، پنهنجي نظر ڪرم کي ڦيرائڻ ۾ رڌل آهي.
اي دوست ممتاز، اوهان ئي ته چوندا هئا ته لائجي ته نڀائجي، پوءِ هاڻ ڇا ٿيو، لائي نڀائڻ واري واعدي جو ڇا ٿيو؟ ڇا اسانکان ڪا غلطي ٿي آهي يا وري اوهانکي ڪي دوست ملي ويا آهن؟ يا وري اوهان ڪنهن ٻي راهه تي هلڻ لڳا آهيو؟
هن اوطاق تي اوهانجو ڪيل ادبي سفر ته سڀ کان اوچو آهي، اڄ به اوهانجا ليک اسان سڀني کان گهڻا آهن .... اوهانجي پورهيي جو پگهر اڃان به سنڌ سلامت تي نظر اچي رهيو آهي ... پو ڀلا ائين ڇو جو اڄ اوهان اسانکان ڪٿي لڪي ويٺا آهيو، جت اسانجو آواز به نه پهچي ...؟ دوست سڏائي سڀ ڪو، پر اوهان ته دوستي ثابت ڪئي آهي پوءِ هاڻ دوستن کي سڏ ڪرڻا ڇو ٿا پون؟
سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهانجي راهه نهاري ٿو، اميد ته لڪ جي اونده ختم ڪري، اڱڻ کي روشن ڪندا ....
ڪا به اوطاق دوستن جي دوستيءَ سان قائم هوندي آهي ۽ اوهانجي پارس جهڙي دوستيءَ جا طلبگار آهيون ... اميد ته مثبت موٽ ملندي ...
ڪــــي ويجهـــا ئـــي ڏور، ڪــي ڏور به ويجهــا سپريــن،
ڪــــي چـــڙهـن نه چت تــي ڪـــي وســـرن نــه مـــور،
جيئن مينهن ڪنڍيائي ڪور، تئن دوست وارڪو دل سين۔
طلبگار
نثار ابڙو