سنگت کي سلام۔۔۔ ڪنهن دوست پاران لوڪل ٽرين ۾ ٻڌايل لطيفو توهان جي نظر ڪجي ٿو اميد ته سمجهڻ لا تيار ويهندا۔۔۔ مهنگائي جي مار ۽ پيٽرول جي قلط کي ڌيان ۾ رکي هڪ ڏينهن جادوگر سائين، مست ۽ انٽرنيشنل فقير هڪ بئنڪ کي لٽڻ جو پروگرام ٺاهيو۔۔ سڀ ڪم پنهنجي نموني پڪا ڪيا ويا۔۔ ايتري قدر جو پستول جي ٽريننگ وغيره به۔۔۔۔ نيٺ اهو ڏينهن به آيو۔۔۔ جو ٽئي پنهنجي پراڻي سکر مان چورايل موٽر سائيڪل تي اچي بئنڪ پهتا۔۔۔ جيئن ئي اندر ويا ته ڇا ڏسن بئگ ۾ پستول ئي نه هيو۔۔۔۔ پو به بئنڪ کي لُٽي آيا ٻڌايو ڪيئن۔۔۔۔۔؟؟؟ سوچيو۔۔۔۔ اڃا سوچيو۔۔۔۔۔ هلو ڀلا ٻڌو۔۔۔۔۔ ڇو جو بئنڪ جو مئنيجر ڦلپوٽو فقير هيو۔۔۔ چيائين ته خيئر آهي بيئنڪ ڀل اڄ لٽي وڃو پستول ڀل سڀاڻي ڏيکارجو۔۔۔۔۔
جواب: ننڍڙو لطيفو۔۔۔ ها ها ها ها ۔۔۔۔ پر يار ڦلپوٽو بئنڪ جو مينيجر ٿئي اها اسانجي دعا آهي،۔۔۔۔۔ پر يار! ڀتين کي به ڪن هوندا آهن، ڇو ٿو سنگت کي مارائين ۔۔۔ ڀلا انٽرنيشنل فقير هاڻ اصل ڌنڌو ڇڏيو آهي ڇا؟ مست تي ميار ناهي ۔۔۔ جادوگر آهي ئي جادوگر، ات جادو ڪيو هوندائين ۔۔۔۔ ابا جادوگر رام رکيي کان بچجو ۔۔۔
جواب: ننڍڙو لطيفو۔۔۔ ادا رام رکهيا يار ائين ته نه راز فاش ڪر نه ٻيلي ڏاهو ٿئي يار لاجواب ونڊ آهي سدائين گڏ
جواب: ننڍڙو لطيفو۔۔۔ يار رنجيت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڦلپوٽي فقير لاء دعا ته مينيجر ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر يار اهڙا ڪم نه ڪري ۔۔۔۔۔۔۔ نه ته پاڻ ته اندر هوندو پر اسان جي سنڌ سلامت جي بدنامي ٿي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ننڍڙو لطيفو۔۔۔ پپو يار تنگ نا ڪر۔۔۔۔ ههههه ادا جادوگر ته جادوگر آهي، پستول وسري به ويس تڏهن به ڪٿان نه ڪٿان جادو جو ڪو ٽوٽڪو آزمائي اڳئين جون اکيون ڦيرائي ايئن ڪري ويندو باقي انٽرنيشنل فقير کي به وظيفا ۽ ڦيڻا وغيره ياد آهن، اهو به ڪو نمونو سمونو ڪري ويندو۔۔۔ باقي رهيو مست۔۔ ان کي پوليس ٿوڙئي ڇڏيندي۔۔ مهرباني ڦلپوٽو فقير جهڙن مينيجرن جي، جنهن جي ڪري اهو مسئلو حل ٿي ويو۔۔ هههههه