21 جون سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن
تحرير : سليمان وساڻ
اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم هستيء جو جنم ڏينهن آهي جنهن جي شهادت تي سموري دنيا کي پار ڪڍي روئيندي ڏٺو آهي. هوء جنهن کي عوام سان ايترو چاهه هوندو هو جو سنگينن ۽ بندوقن کان به نه ڊڄندي عوام جي ويجهو هلي ويندي هئي، هوء جيڪا پنهنجو پاڻ کي عوام کانسواء اڌورو سمجهندي هئي، هوء جيڪا ملير جي ماروي هئي، هوء جيڪا بهادريء جي علامت هئي، هوء جيڪا سنڌ جي راڻي هئي۔ ملير جي ماروي، سنڌ جي نياڻي ۽ بهادريء جي علامت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت جو ساٿ کيس سلام پيش ڪري ٿو.
سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم ، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري 5000 سالن واري تاريخ، تهذيب، تمدن جي وارثن ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو مُهڙ جي شخصيتن ۾ شامل آهي. 21 جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم ورتو هو. قدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ ٻارڙي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. سندس تاريخ جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته سڄي جدوجهد هڪ لفظ جي ئي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي ۽ اهو لفظ آهي ”جدوجهد، جدوجهد ۽ جدوجهد“ جنهن جي معنى آهي ته هر قدم اڳتي لاءِ وڌي ۽ وک وک تي نئين منزلن کي جنم ڏجي. سندس حياتي شاهه لطيف جي ان بيت جي عڪاسي آهي:
محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئين جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاء جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. بقول اين ڊي خان جي ته گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو. ڳاڙهيون پتيون وکري ويون. سڄو چمن اجڙي ويو هو. سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.
ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي.

سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا