21 جون 1953ع تي سمنڊ جي ڪناري تي واقع روشنين جي شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم نياڻيءَ جنم ورتو، جنهن جو نالو ”بينظير“ رکيو ويو، پر سندس والد، جيڪو ان وقت 25 سالن جو نوجوان اڀرندڙ سياستدان هو، سو پنهنجي انهيءَ نياڻيءَ کي پيار مان ”پنڪي“ جي نالي سان پڪاريندو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي اها ”پنڪي“ جڏهن ڪجهه سمجهه واري ٿي ته هن کي راولپنڊيءَ جي هڪ اسڪول م داخل ڪرايو ويو، جتي هن ٻن سالن تائين علم جي ابتدائي روشني حاصل ڪئي، پر انهيءَ وقت ان ننڍڙي معصوم نينگريءَ کي اها خبر نه هئي ته جتي هوءَ پنهنجي ننڍپڻ جا يادگار ڏينهن گهاري رهي آهي، لڳ ڀڳ 50 سالن کانپوءِ انهيءَ شهر راولپنڊي ۾ کيس شهيد ڪيو ويندو. مري، ڪراچي، آمريڪا ۾ ريڊ ڪلف، هارورڊ يونيورسٽي ۽ لنڊن جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ علم پرائيندي هن شهرتن جا ڪئين ڏاڪا طئي ڪيا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي باشعور ۽ ذهين هئڻ جا ثبوت ڏيندي ڪئين ڪارناما سرانجام ڏنا، جنهن سان هن پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پنهنجي ملڪ ۽ ماروئڙن کان پري ست سمنڊ پار رهندي هن زندگيءَ جي تلخ حقيقتن ۽ سياست جي اصولن، قانون ۽ نتيجن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي ورتو، پر افسوس جو هن جي انهيءَ روشنيءَ مان اسان جي قوم ڪو گهڻو فائدو حاصل نه ڪري سگهي ۽ اسان انهيءَ عظيم ليڊر جي حفاظت نه ڪري سگهياسين. اڄ اسان شهيد محترمه کي ڀلا ڪيئن سالگرهه جي مبارڪ پيش ڪريون، جڏهن ته اڄ به هن جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا. ڪيئن ڏيون محترمه بينظير ڀٽو کي هن جي جنم ڏينهن جون واڌايون، جڏهن ته هن جا خواب اڃا اڌورا رهيل آهن، جن کي اسان ساڍن ٽن سالن ۾ به پورا ڪري سگهيا ناهيون. اسان شرمندا آهيون شهيد محترمه! جو تنهنجو نعرو ”اٽو لٽو ۽ اجهو“ اسان غريب هارين، مزدورن کي مهيا ڪري سگهيا ناهيون. سنڌ جي نياڻي، جمهوريت جي راڻي! جنهن سنڌ ۾ اچي تو اکين مان موتي وهايا هئا، اها سنڌ اڄ سورن ۾ آهي، انهيءَ جو نوجوان نسل مايوسيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، پر ها محترمه! اسان جو توسان اهو وچن آهي ته جڏهن به تنهنجي خوابن ساڀيان ماڻي ۽ اسان تنهنجي قتل جو انصاف ڪيو، انهيءَ ڏينهن اسان ائين سمجهنداسين ته اسان تنهنجو مشن پورو ڪيو. اڄ عقيدت مان اسان پنهنجي ڀيڻ کي چئون ٿا سلامِ بينظير!
غضنفر علي سولنگي/راڻيپور
غضنفر علي سولنگي/راڻيپور