• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دوستو ! اڄ 21 جون 2011 آهي ۽ هر سال هي ڏيهاڙو يعني 21 جون سال جو ڊگهو ترين ڏينهن ڳڻيو وڃي ٿو ۽ اڄوڪي رات ننڍي ۾ ننڍي رات هجي ٿي۔۔ 21 مارچ کان سج جي طلوع ٿيڻ جو مقام اوڀر کان اتر طرف وڌڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽ آهستي آهستي ڏينهن جو مدو وڌندو وڃي ٿو ۽ اڄوڪي تاريخ تي سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ٿئي ٿو۔
اڄ سج
اسلام آباد ۾ 14 ڪلاڪ 29 منٽ
پشاور ۾ 14 ڪلاڪ 31 منٽ
ڪوئيٽا ۾ 14 ڪلاڪ 16 منٽ ۽
ڪراچي ۾ 13 ڪلاڪ 43 منٽ
تائين آسمان تي موجود رهندو ۽ 1 جولائي کان ڏينهن جو مدو آهستي آهستي گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي ۽ رات جو مدو وڌڻ شروع ٿيندو آهي 22 سيپٽمبر تي ڏينهن ۽ رات جو مدو هڪ جيترو ٿي وڃي ٿو ۽ ان کان بعد ۾ رات جو مدو وڌڻ شروع ٿئي ٿي۔​
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

قيمتي معلومات

مطلب ته اڄ اسان وڏي ڏينهن کي انجواء ڪري رهيا آهيون۔

مهرباني ڄاڻ ڏيڻ جي
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

گرميءَ سان ڀريل ايڏو وڏو ڏينهن ۽ پاڪستان جي لوڊشيڊنگ۔۔۔ الله کان دعا آهي ته اسان جي ملڪ جا غريب ماڻهو هن گرم ڏينهن جي گرميءَ کان بچي وڃن۔۔۔​
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

تمام سٺي معلومات ڌني آهي ادا مست
مهرباني ونڊ ڪرڻ جي
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

قيمتي معلومات

مطلب ته اڄ اسان وڏي ڏينهن کي انجواء ڪري رهيا آهيون۔

مهرباني ڄاڻ ڏيڻ جي

سائين بادشاهه ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس کان ٻاهر نڪري به ڏسو ۔۔۔۔ يا وري بهتر رهندو بغير گاڏي جي منجهند جو طارق روڊ تي واڪ ڪريو۔۔۔ بعد ۾ پنهنجي انجوائيمينٽ وارا ڪمينٽس ڏجو ۔۔۔ اهو ته سٺو ٿيو جو آ به هن وقت ڪراچي ۾ آهيان جي ڳوٺ موڪلن تي هجان ها ته انجوائيمينٽ جو اسڪيل ضرور ٻڌايان ها۔۔۔
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

سائين بادشاهه ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس کان ٻاهر نڪري به ڏسو ۔۔۔۔ يا وري بهتر رهندو بغير گاڏي جي منجهند جو طارق روڊ تي واڪ ڪريو۔۔۔ بعد ۾ پنهنجي انجوائيمينٽ وارا ڪمينٽس ڏجو ۔۔۔ اهو ته سٺو ٿيو جو آ به هن وقت ڪراچي ۾ آهيان جي ڳوٺ موڪلن تي هجان ها ته انجوائيمينٽ جو اسڪيل ضرور ٻڌايان ها۔۔۔

هر موسم جو پنهنجو هڪ مزو هوندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔

گرمي جي موسم ۾ ٿاڌل هجي، سائي چُڪڙي هجي، مٺائي ۽ ليمي جو شربت هجي، انب هجن، کارڪون هجن ۔۔۔۔۔ واهه يار انهن کي اوهان انجواء مينت نه چوندا ته ٻيو ڇا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

بي پازيٽو يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن مهنن ۽ بهانن مان نڪرو ۔۔۔۔۔۔۔ زندگي ۾ موسمون انڪري اينديون آهن ته اوهان انهن سان لاڳاپيل شين ۽ قدرتي نعمتن جو مزو وٺو۔ گرمي جو قدر انهن کان پڇو جتي برف ئي برف آهي ۔۔۔۔۔

خير وڏو ڏينهن ته هن وقت پورو ٿي چڪو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: سال جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڏينهن ۽ ننڍي ۾ ننڍي رات

سائي چُڪڙيءَ جو بندوبست هجي ۽ برف ۾ ٿڌا ٿيل انب به هجن ته مان به اچان ڀل ڏينهن 14 جو هجي يا 16 جو ائين گذري ويندو جو وڃي ٿين خئير ۔۔۔ حقيقت ۾ انجوائمنٽ جو تعلق آهي اندر جي احساس سان، انسان بيشڪ ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن؟ جي هجي اندر ۾ خوشي ۽ سڪون ته گرميءَ جو ڏينهن به مزي ۾ گذرندو ۽ جي هجي ڏک ۽ ڏولائو ته سرديءَ ۾ به ڀلا ڪهڙو مزو؟

خئير ڳالهه اها آهي ته آءُ انڪري ئي ڪوشش ڪري رمضان کانپوءِ ايندو آهيان ته رات جو وقت ڪجهه وڌي وڃي، ڇاڪاڻ 10 مهينن جي مسلسل ڊيوٽيءَ کانپوءِ رات جي ننڊ ايتري پياري ٿي پوندي آهي جو ڳالهه ڪرڻ جهڙي ناهي ؟؟؟ وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔۔ ؟؟؟؟

قدرت جو قانون آهي نه تر هيڏي نه هوڏي ٿيندو آهي ۔۔۔۔ تورتڪ اهڙي جو دنيا جا سڀ انجنيئر ملن ته به مقابلو نٿا ڪري سگهن ۔۔۔ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون ۔۔۔رب جي ڪائنات ڏسي رڙ نڪري ٿي وڃي ۔۔۔ سبحان الله
 
Back
Top