غزل اُداسين اسانکي وڌو يار ماري جيون ياد تنهنجيءَ جي ٿا سهاري تخيل ڀي تنهنجا تصور ڀي تنهنجا ڀلا ڪيئن توکي سگھون ٿا وساري اميدن جا ڏيئا وساڻا نه آهن لڳي نيٺ ڪشتي به ويندي ڪناري رڳو پيار محبت پکيڙيون اچو سڀ ڪڍي نفرتن کي دلين مان ڌڪاري سوا سنڌ جي آ اڌوري حياتي او جانان بنا تو سگھون ٿا گذاري نگاهن جي تيرن سان گھايل ٿياسين نقابن اسان لئه ڇڏيو ويل ٻاري وفا جي خطا ٿي وئي آ اسان کان جفائون مليون هن تڏهن واري واري اڃان انتظاريءَ ۾ اکيون هي ”آزاد“ ٿڪيون راهه هن جي نهاري نهاري
جواب: غزل ڊاڪٽر آزاد منگي وفا جي خطا ٿي وئي آ اسان کان جفائون مليون هن تڏهن واري واري بهترين شاعري، لفظن جو سهڻو جوڙ۔۔۔۔۔۔۔ هن بند تي مونکي هيٺيون شعر ياد پيو اچي: وفائن جي بدلي ڪيونسين جفائون مگر هن ذماني اسان کي نه سمجهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔