[justify]بادام جا طبي فائدا حڪيم نذير احمد شيخ انسان ذات جي صحت ۽ تندرستي لاءِ رب پاڪ بيشمار جڙي ٻوٽيون ۽ نعمتون پيدا ڪيون آهن جنهن جي معلومات حاصل ڪري فيض ۽ فائدو وٺڻ انسان جو ڪم آهي هر پيدا ڪيل شي جي پنهنجي افاديت خوبي ۽ خاصيت آهي وکر ۽ شيون اڪيلي سر نهايت فائديمند ۽ شفا بخش هونديون آهن بادام مغزيات جو بادشاهه سمجهيو ويندو آهي جيڪو جيڪڏهن سٺي ۽ معياري ڪوالٽي جو آهي ته کائڻ ۾ وڻندڙ لذيز ۽ ذائقي وارو هوندو آهي. آمريڪن بادام مٺو ۽ ڪوالٽي ۾ سٺو هوندو آهي کاڌي پيتي جي ڪافي شين خاص طور تي مٺي ڊش تيار ڪرڻ ۾ اڪثر استعمال ٿئي ٿو. سياري جي موسم ۾ خاص طور تي ماڻهو نيراني شوق سان کائيندا آهن طبي ماهرين بادام جي جزن جو تجربو ڪري اهو نتيجو حاصل ڪيو آهي حياتين ب (تهايامين) 25 ملي گرام جياتين b-2 (رنبو فلووين) 67 ملي گرام، نايامين 4.6 ملي گرام، ڪيلشم 254 ملي گرام، فولاد 4.4 ملي گرام ڪيلشيم 254 ملي گرام فاسفورس 474 ملي گرام نشاستو 19.9 ملي گرام پروٽين، 18.6 ملي گرام چڪنائي 54.1 ملي گرام حراري 597 في سوگرام، ان کان علاوه بادام ۾ پوٽاشيم، فاسفيٽ ميگززيم پڻ شامل هوندا آهن ٻارن وڏن ۽ پوڙهن لاءِ هڪ جهڙو فائديمند آهن بادام کي حسب هضم مناسب مقدار ۾ کائڻ گهرجي، عام طور تي ست عدد بادام ڇليل ماکي خالص جي ٻن چاءُ وارن چمچن ۾ رات جو پسائي ڇڏجي ۽ صبح جو نيراني بادام کائي ان مٿان ماکي سان ناشتو ڪجي جسماني دماغي اعصابي ڪمزوري دور ڪرڻ لاءِ بادام جو استعمال ڪافي يوناني ديسي دوائن ۽ معجونن ۾ ٿئي ٿو بادام ۾ ڪيلشيم موجوده هئڻ سبب هڏن کي طاقت حاصل ٿئي ٿي. دماغي قوت بحال ۽ برقرار رهي ٿي نظر چٽي ۽ صاف ٿئي ٿي ياداشت ۽ ويسر کي ختم ڪرڻ لاءِ دماغي ڪم ڪندڙن لاءِ بادام بهترين حل آهي بلڪ رب پاڪ طرفان وڏي نعمت آهي بادام جو تيل وڻي قبضي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه چانهه ُ جا چمچا ٿوري نيم گرم کير ۾ ملائي پيئڻ سان شفا ملي ٿي خالص بادامن جي تيل جي لوندڙين تي هلڪي هٿ سان مالش ڪرڻ ان دماغي قوت ۾ اضافي ٿيڻ سان گڏ پر سڪون ننڍپڻ اچي ٿي بادامن ۾ عام طور تي ٻه قسم ٿيندا آهن هڪڙا مٺا ٻيا ڪڙا بادام جيڪي کائڻ سان وات ۾ تيز ڪڙاڻ محسوس ٿيندي آهي اهي پيٽ ۽ معدي ۾ اسر پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا ڪڙا بادام صرف ڪاسميٽڪ ڪريمن ۽ لوشن وغيره ۾ استعمال ٿين ٿا ، لالچي ۽ غير ذميدار دڪاندار ڪڙا ۽ مٺا بادام نعفي ڪمائڻ خاطر پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن ڪڙن بادامن جو تيل اڪثر چهري ۽ چمڙي جي نکار ۽ خوبصورتي لاءِ ڪم ۾ ايندو آهي عام طور تي کاڌي ۾ جيڪي بادام استعمال ٿيندا آهن انهن کي بادام شيرين چئبو آهي بادام ڪوليسٽرول کي معمول تي رکن ٿا دل کي طاقت فرحت ۽ سڪون بخشين ٿا دماغي ڪم ڪندڙ خاص طور حافظ قران لاءِ بادام کائڻ نهايت مفيد آهن۔ ڪجهه ماڻهو پنهنجو وزن وڌائڻ لاءِ فڪرمند هوندا آهن انهن لاءِ مجرب نسخو حاضر آهي هو الشافي، مغز بادام شيرين ست عدد ڪشمش تازي 25 گرام رات جو پاڻي ۾ پسائي ڇڏجي صبح جو بادام تان گل لاهي ڀلي ٻئي شيون کائي مٿان کير جو گلاس پي ڇڏجي انشاالله ڪمزور جسم ۾ واڌ ايندي دماغي ٿڪاوٽ ويسر، وهم و سوسي ۽ خفي کي ختم ڪرڻ لاءِ ست بادام صبح جو نيراني کائي مٿان هڪ چمچو چانهه وارو معجون شفا (جيڪا اسان جي مطلب تي تيار ملي ٿي ۽ شگر فري پڻ آهي کائڻ سان جسماني قوت ۾ پڻ شفا حاصل ٿئي ٿي ذهني ڪمزوري ۽ دماغ جي خشڪي سبب ڪن ماڻهن کي پر سڪون ننڊ نه ايندي آهي ان لاءِ پڻ هي آزمايل نسخو پڻ انهن لاءِ پيش ڪجي ٿو مغز بادام شيرين 10 عدد مغز ڪدو 6 گرام خسخاش 6 گرام ، تخم ڪاهو 6 گرام، تر سفيد 6 گرام ، ڦوٽا ننڍا 4 عدد سڀ شيون مناسب پاڻي ۾ وجهي ڏنڊي ڪونڊي يا گرائينڊر ۾ گهوٽي ڇاڻي کير ۽ مصري يا کنڊ ملائي صبح جو نيراني روزانه پيئڻ گهرجي۔ هٻڪ جنهن کي اردو ۾ لڪنت چئبو آهي اڪثر ٻاراڻي وهي کان وڏي هوندي تائين ڪن ماڻهن کي اها تڪليف ٿيندي آهي جو رواني سان مسلسل نه ڳالهائيدي سگهندا آهن بلڪ زبان مان الفاظ روڪي روڪي غلط تلفظ سان ڪڍڍندا آهن ان مسئلي جي حل لاءِ به هڪ نسخو لکان ٿو شفا من جانب رب پاڪ آهي هو الشافي مغز بادام شيرين 50 گرام ، مغز پستا 25 گرام، لونگ 6 گرام دار چيني 12 گرام، زعفران نمبر هڪ (بشر ط اصلي) 3 گرام ماکي 200 گرام سڀني شين کي تمام سنهو ڪٽي ڪپڙي مان ڇاڻي ڪري ماکي ۾ چڱي طرح ملائي ٻار کي اڌ يا چوٿو چمچو هڪ دفعو روز چٽائجي انشاالله شفا ٿيندي، بي خبري ۽ لا عملي سبب ڪيترين مجرب ۽ شفا بخش شين جي فائدن ۽ صحت لاءِ سون برابر هئڻ جي اڪثر ماڻهن کي علم ۽ معلومات نه آهي کوڙ سارن مغربي ملڪن ۾ هاڻي واپس قدرتي جڙي ٻوٽين مان تيار دوائن ۽ علاج مان ماڻهو شفا حاصل ڪن پيا۔ جيتوڻيڪ حڪومتي سرپرستي ۾ قانوني طور وڏي پيماني تي هر بل ميڊيسن ۽ علاج کي نيچرل ٿراپي چيو وڃي ٿو مان عوام فيض حاصل ڪري پيو ڪيترين ايلوپيٿڪ دوائون جيڪي قيمت ۾ تمام مهانگيون ۽ وڏي پاور واريون ٿين ٿيون ماڻهن کي شديد منفي اثرات ٿين ٿا ديسي يوناني دوا ۽ علاج جيڪڏهن صحيح جزن ۽ مقدار ۾ مستند معالج يا اداري جو تيار ٿيل آهي ته ماشاالله ان مان شفا ملي ٿي قبض هڪ عام بيماري هي جيڪا تيزي سان وڏي رهي آهي ان کي دور ڪرڻ لاءِ جيڪو سفوف قبض ڪشا يا معجون قبض ڪشا تيار ٿئي ٿي ان ۾ به بادام جو لازمي استعمال ڪجي ٿو ته جيئن پيٽ ۾ وٽ ۽ مروڙ ۽ تڪليف محسوس نه ٿئي پاڻ خوش نصيب ان حوالي سان آهيون جو پاڪستان کي کوڙ ساريون قدرتي جڙي ٻوٽيون وافر مقدار ۾ ملن ٿيون اصل ڳالهه آهي وکر جو اصلي معيار ي ملڻ ۽ صحيح مقدار ۽ طريقي سان دوا سازي ڪرڻ جدوجهد ۽ ڪوشش ڪرڻ سان هر مسئلو آسان ٿي سگهي ٿو بشر طيڪه نيت خالص هجي۔ [/justify] روزانه عبرت تان ورتل
جواب: بادام جا طبي فائدا سائين سليمان صاحب سائين حڪيم نذير احمد شيخ جو اهو نسخو ۽ بادامن جا فائدا پڙهي ڪري ڪافي دوستن کي فائدو ٿيندو سائين سليمان وساڻ صاحب اهڙي قسم جا نسخا شيئر ڪندا ڪريو يا وري ڪو ڪتاب وغيره جو لنڪ موڪليندا جنهن ۾ اهڙا نسخا هجن ته اصل توهان جا ٿورائتا رهنداسين انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: بادام جا طبي فائدا بادام اهي به آمريڪي بادام ۔۔۔۔ مٺا، تيل سان ڀريل ۽ وڏو داڻو ۔۔۔ واه، پراڻي زماني ۾ جڏهن بادام سستا هئا ته اسانجي ڳوٺن ۾ بادام، خسخس۔ ڪارا مرچ، ست مغز، وڏڦ، ننڍا ڦوٽا ۽ مصري ملائي، گهوٽي، پاڻي ملائي ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي ٿاڌل ٺاهي، برف ملائي پيئبي هئي ته ڇا گرمي ، ڇا گرمي جو تاثر ۔۔۔!!!، حاضمو به درست، سگهه به ملي ويندي هئي جسم جي گرمي به نڪري ويندي هئي ۔۔۔ پر هاڻ بادام تمام مهانگا ٿيندا وڃن ۽ انهن جي معيار به ڪرندو وڃي ۔۔۔۔ انڪري غريب جي پيئڻ کان چڙهندي وڃي ۔۔۔؟؟؟ بادام اڪسير آهي، ڪيترا ئي فائدا اٿس جيڪي حڪيم صاحب ڄاڻايا آهن۔ قدرت جي هر شئي ۾ شفا به آهي ته غذا به ۔۔۔۔۔ اي انسان تون ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندي ۔۔۔؟ قرآن شريف
جواب: بادام جا طبي فائدا فقير سائين مهربانيون يار بادام کاء ۽ اهي سڀ فائدا ماڻ، باقي اهڙو ڪو ڪتاب اي بوڪ ايڊيشن ۾ موجود ناهي، جيئن ئي مليو ته اوهان سان ونڊ ڪيو
جواب: بادام جا طبي فائدا سائين نثار سلام اوهان جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته هاڻي بادام گهڻا مهانگا ٿي ويا آهن۔ پوء به ڪڏهن ڪڏهن کائڻ گهرجن، اوهان سعودي ۾ جيڪي امريڪي بادام کائو ٿا اهي واقعي ڏسڻ ۾ ته زبردست لڳا باقي کائڻ جو مزو ته اوهان پئي ورتو ۔