• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت لاءِ هڪڙو نئون لوگو ۔

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو سنڌ سلامت لاءِ هڪ نئون لوگو تيار ڪيو اٿم ۔ سنڌي سڄڻو ذهن جي ڊڪشنري ۾ تلاش ڪيم ته لفظ ”لوگو“ جي خالص سنڌ معنى ڇا ٿي نڪري هڪ ٻه معنائون نڪتيون پر مان ۽ مُنهنجي دل ان ڳالهه تي مطمئن ڪونه ٿي. بس سنڌ سلامت جي ايڊيٽر سائين وحيد ڦلپوٽي جنهن تازا تازا انگريزي سيکارڻ جا ڪلاس اسٽارٽ ڪيا آهن کين گُذارش ٿو ڪريان ته لفظ ”لوگو“ جي ڪا خالص آسان ۽ سُهل معنى اسان کي ڳولهي ڏين ته آئنده انگريزي لفظ لوگو کان ڇوٽڪارو ملي. بهر حال پيش خدمت آهي سنڌ سلامت لاءِ هڪ نئون ............................. لوگو ....... ڇا ڪيون ان لفظ جي صحيح سنڌي ڪونه ٿي اچي نه.............

saro%20aalam1.jpg
 
سائين توهان جي شيئرنگس جو ته مان هون ئي ديوانو آهيان پر اهڙا لوگوز ٺاهي اصل وڏي ايڊمن چواڻي اندر ٺاري وڌئو
تمام خوبصورت لوگو آهي سائين
باقي سائين رهيو سوال لوگو جي معني ته جيڪا شيء توهان کي هٿ نه ٿي اچي ته فقير کي وري ڪٿان هٿ ايندي مڙئي سائين فقير جي حال ، مستقبل تي رحم ڪريو:D

shal judy hujeen

sindhsalamatsaathsal
 
دوستو سنڌ سلامت لاءِ هڪ نئون لوگو تيار ڪيو اٿم ۔ سنڌي سڄڻو ذهن جي ڊڪشنري ۾ تلاش ڪيم ته لفظ ”لوگو“ جي خالص سنڌ معنى ڇا ٿي نڪري هڪ ٻه معنائون نڪتيون پر مان ۽ مُنهنجي دل ان ڳالهه تي مطمئن ڪونه ٿي. بس سنڌ سلامت جي ايڊيٽر سائين وحيد ڦلپوٽي جنهن تازا تازا انگريزي سيکارڻ جا ڪلاس اسٽارٽ ڪيا آهن کين گُذارش ٿو ڪريان ته لفظ ”لوگو“ جي ڪا خالص آسان ۽ سُهل معنى اسان کي ڳولهي ڏين ته آئنده انگريزي لفظ لوگو کان ڇوٽڪارو ملي. بهر حال پيش خدمت آهي سنڌ سلامت لاءِ هڪ نئون ............................. لوگو ....... ڇا ڪيون ان لفظ جي صحيح سنڌي ڪونه ٿي اچي نه.............

saro%20aalam1.jpg

سائين ناز صاحب، سهڻي رمز، علامت يا دلڪش نشان چئجي ٺاهيو اٿوَ، ان نڀاڳي لوگو جا ڪجه اهي لفظ ٿيندا جي اسين استعمال ڪري سگهونٿا ... ڪافي محنت ٿيل آهي ۽ تصويرن جي چونڊ به من موهيندڙ آهي ... بس انهيءَ هوائي اڏي لئه ته دل سڪي مئي آهي ...
shal judy hujeen
 
السلام عليڪم سائين نثار ناز صاحب

سائين اڄ توهان جي اسٽارٽ ڪيل ٿريڊن کي ڏسي رهيو هوس سو هن ٿريڊ تي نظر پئي ته بي اختيار ان کي کولي ڏسڻ لڳس سائين توهان جو هي لوگو ته سون آهي سون ، ماشاالله جيتري ان لوگو جي ڳالهه ڪبي سا گهٽ ٿيندي مان ادي رشيد کي گذارش ڪندس ته مهرباني ڪري سائين نثار ناز جي هن لوگو کي هڪ دفعو ٻيهر مڙئي ٿورو رحم جي نظر سان ڏسي ۽ ان کي جلد کان جلد فورم تي اپ لوڊ ڪري .
shal judy hujeen

۔

sindhsalamatsaathsal
 
ادا ڦلپوٽا صاحب صلاح ته واه جي آهي ۽ هوئن به سائين نثار ناز جن جا تيار ڪيل لوگوز هڪ ٻئي کان گوءِ کڻندا آهن۔۔۔ ڀلا هن لوگو کي ڏسو ڪيڏو نه خوبصورت ۽ پنهنجي ثقافت کي ظاهر ڪندڙ لاجواب لوگو آهي پر ۔۔۔۔۔۔۔ هن لوگو ۾ سائين جيڪو سنڌ بابت نعرو لکيو آهي اهو ايم بي خورشيد فونٽ سان لکيل آهي جيڪو سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن اڃان رليز نه ڪيو آهي ۔۔۔۔ هي لوگو لڳائي متان ڪنهن جي دل آزاري ڪري وجهجي ۔۔۔۔۔۔ اها ڳالهه روڪي پئي۔۔۔۔۔
 
جي ادا رشيد توهان سچ ٿا چئو پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چلو توهان جي ڳالهه سان سهمت آهيان ته ڪنهنجي دل آزاري نه ٿئي ته چڱو آهي، بلڪل اهڙا فونٽ ڊي بي ايم سسئي ۽ ادا صارم مڱڻيجي صاحب جا به آهن۔ جيڪڏهن اجازت ڏيو ته هن لوگو کي هتان هميشهه جي لاءِ گُم ڪري ڇڏيان مطلب هن پوسٽ جو انت آڻي ڇڏيان۔
 
Back
Top