[JUSTIFY]سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان انيڪ سورمن ۽ سورمين کي جنم ڏنو آهي جن ڌرتي ماء جي ٿڃ جي لاج رکندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو آهي۔ اهڙن ئي سورمين مان هڪ مائي بختاور جي ورسي جو ڏهاڙو آهي۔ سنڌ سلامت جو سمورو ساٿ ساڌ جي هن عظيم ڪردار شهيد مائي بختاور لاشاري کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي سلام پيش ٿو ڪري۔ هن عظيم سورمي 22 جون 1947 تي هارين جي هلايل تحريڪ دوران وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو ۽ موت کي مات ڏئي نئين تاريخ کي جنم ڏنو۔ ________________________________________ شهيد بختاور لاشاري امير حسين گشڪوري سنڌ ڌرتي جي تاريخ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿي هن ڌرتي به ڪيترن سورمن ۽ سورمين کي جنم ڏنو آهي جن موت کي به مات ڏي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ٺاهي آهي انهن ۾ شهيد مائي بختاور لاشاري به شامل آهي. جنهن پنهنجي حق وٺڻ خاطر ظالم زميندار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي شهيد مائي بختاور لاشاري سن 1880ع ۾ ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد تعلقي ٽنڊو باگو مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو هن جو والد مير وٽ هاري هو. بختاور مراد خان جو پهريون اولاد هئي جنهن ڪري مراد خان ۽ سندس ماءُ هن سان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. بختاور مراد خان کي پيري مشڪلن وڏي عمر ۾ ڌي جو اولاد ٿيو هوس ان ڪري بختاور سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ ايئن مراد خان جي زندگي جا گاڏو هلندو رهيو نيٺ هڪ ڏينهن بختاور به جواني ۾ پير پاتو ۽ مراد خان سندس شادي ان جي سوٽ ولي محمد لاشاري سان 1898ع ۾ ٿي 1906ع ۾ بختاور کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد خان رکيائين پوءِ هن کي 3 ٻار ٻيا به ٿيا جن ۾ قاضي لال بخش ۽ محمد صديق ۽ هڪ ڌي راستي به ٿي بختاور جو ور ولي محمد لاشاري هاڪڙي درياهه جي کاٻي ڪپ تي موجود ڳوٺ هيئدو ۾ رهندو هو ۽ سندس ور ولي محمد لاشاري قادياني اسٽيٽ ۾ هاري هو ۽ ان وٽ ٻاڪرو مال تمام گهڻو هو جنهن جي سار سنڀال به بختاور ڪندي هئي۔ ان وقت 1947ع ۾ هارين ۽ اسٽيٽ وارن جو پاڻ ۾ ڪڻڪ جي اڌ بٽئي تان تڪرار شروع ٿيو اسٽيٽ وارن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي في مڻ مان اسان کي توهان جي حصي مان اسان کي 2 ڪلو ڪڻڪ ڏيو جنهن تي هارين انڪار ڪيو ته کيڙي سان هاري ٿا ڪريون ڀاڻ مال جو وٿاڻن تان کڻي اسان ٿا ڇٽيون ڳاهيون به اسان هاري ٿا، سرد راتين ۾ پاڻي به اسان ٿا واريون ته اسان جي اڌ حصي مان توهان کي مڻ تي ٻه ڪلو ڇا جا ڏيون. جنهن تي ان وقت جي اسٽيٽ مينيجر چوڌري خالد ۽ سعدالله قادياني چيو ته اسان کي اسان جي مرڪز(ربوه) پنجاب مان حڪم مليو آهي ته في هاري کان مڻ تي ٻه ڪلو ڪڻڪ وصول ڪريو جنهن تي هارين رڙيون ڪيون ته اهو سراسر ظلم آهي اسان پنهنجي حصي مان هڪ داڻو به توهان کي نه ڏينداسون جنهن تي اسٽيٽ مينيجر مڇرجي پيو ۽ موقعي جي تلاش ۾ هو ته هارين کان ڪيئن به ڪري ڪڻڪ وصول ڪجي 22 جون 1947ع تي هاري تحريڪ طرفان جهڏو شهر ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي هئي جنهن جي دعوت هاري اڳواڻ گل محمد لاشاري کي به ڏني وئي جنهن بختاور لاشاري جي ور سميت سڀ هاري وٺي جهڏي ويل هو پويان اسٽيٽ مينيجر جي نيت خراب ٿي پئي ته هاري سڀ ويل آهن جهڏي ان ڪري اڄ موقعو آهي ته ڪڻڪ سڀ کڻي وٺان هن هارين جي هن هجڻ جو فائدو وندي ڪجهه لاٺڙيا پاڻ سان گڏ وٺي ڪڻڪ جي ديري(کري) تي پهتو ۽ عملدارن کي حڪم ڪيائين ته صاف ٿيل سڀ ڪڻڪ بيل گاڏين ۾ وجهو مرد نه هجڻ ڪري هارين جي عورتن چوڌري کي ڪافي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري اسان جي مردن کي اچڻ ڌيو پوءِ ڀلي ڪنڪ کڻي وڃجو پر اسٽيٽ مينيجر هارين جي هڪ به نه ٻڌي سڀ ڪڻڪ کني جڏهن بختاور جي ان جي صاف ٿيل کوڙي پهتو ته ڪمدار کي چيائين ته ڇا ٿا ڏسو ڪڻڪ کڻو جنهن تي بختاور چوڌري کي چيوته آئون توهان کي هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏيندس هي منهنجي ٻچن جي روزي آهي وڏي محنت کان پوءِ مون هي فصل تيار ڪيو آهي تون مهرباني ڪري اسان غريبن تي ڪجهه رحم ڪر پر هن هڪ به نه ٻڌي۔ چوڌري جيئن ڪڻڪ ۾ هٿ وڌو ته بختاور ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي سان چوڌري کي ڪيرائي وڌو چوڌري جنهن جي هٿ ۾ بندوق هئي اها به بختاور جي پيرن ۾ اچي ڪري تنهن تي پويون بيٺل هڪ لاٺڙيي ڪهاڙي سان بختاور تي وار ڪيو ۽ بختاور کي زخمي ڪري وڌائين پر بندوق بختاور جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ پويان کان بختاور تي ڪهاڙي جو وار ٿيڻ ڪري بندوق بختاور جي هٿ مان هيٺ ڪري پئي هن پنهنجو ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي کي ٻيهر کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سائيڊ تي بيٺل اسٽيٽ مينيجر ڊپ ۾ اچي بختاور جي ننيڍ پٽ کي يرغمال بڻائي بختاور کي چيائين ته هاڻ جيڪڏهن وڙهڻ جي ڪوشش ڪندي ته پهريان تنهنجي پٽ کي ماريندس پوءِ توکي جنهن تي بختاور پريشان ٿي وئي ته منهنجي ٻچڙي کي ڪجهه ٿي نه پوي ان ڪري هن ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ ٻيهر چوڌري تي ڏنڊي سان وار ڪيائين ڌڪ لڳڻ کان پوءِ چوڌري ڪجهه ٿڙيو ته هن يڪدم پنهنجي پٽ کي پويان بيهاري چوڌري تي ٽيون وار ڪرڻ لاءِ سڌي ٿي ته چوڌري بندوق جا سڌا فائر بختاور تي کولي ڇڏيا جيڪي بختاور کي سيني ۾ وڃي لڳا بختاور ڪري پئي ڪجهه دير ۾ بختاور وڃي جام شهادت پيتو ۽ امر ٿي وئي پر اسان ۾ حق وٺڻ جي نئين جوت جاڳائي وئي تاريخ ۾ ڏٺو ۽ پڙهيو ويو آهي ته حق پنڻ سان به پر ڇنڻ سان ملندا آهن جيئن ڪتي لطيف سائين فرمائي ٿو ته : سورهيه مرئين سوڀ کي نه دل جا وهم سڀ وسار کڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرئين آڏي ڍال ۾ ڍار مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين . (شاهه) بختاور به لطيف جي هنن سٽن جي عڪاسي ڪندي شهادت ماڻي سنڌ جي هارين مزدورن پورهيتن جي ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ جي اهڙن سورمين ۽ سورمن کي جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ اسان ۾ حق وٺڻ جي سگهه ۽ ٻڌي پيدا ڪري. آمين. روزانه عبرت تان ورتل ________________________________________ شهيد مائي بختاور ۽ هاري تحريڪ تاج مري 22 جون مائي بختاور جو ڏهاڙو آهي. مائي بختاور جو ڏهاڙو حقيقت ۾ هارين جي جدوجهد جو ڏهاڙو آهي، مائي مختاور ڪير هئي؟ سندس ڪردار ڪهڙو هو ؟ انهي کي ڏسڻ کان اڳ سنڌ جي هاري تحريڪ تي نظر وجهڻي پوندي. مائي بختاور کي ياد ڪرڻ وقت ضروري آهي ته سندس تحريڪ ”جو ذڪر ڪجي، سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي تاريخ ڏسجي ته اها 300 سال کان به وڌيڪ پراڻي آهي پر خاص طور سنڌ ۾ هاري جو جڏهن به ذڪر ٿئي ٿو ته 1930 کان انهيءَ جو ذڪر ٿئي ٿو جڏهن ميرپورخاص ۾ هاري ڪانفرنس هارين جي منظم تحريڪ جو پايو وڌو ويو . سنڌ جي هاري تحريڪ جو جڏهن ذڪر ٿيندو ته ان وقت جي ايم سيد ۽ جمشيد مهتا جهڙن ڪردارن کي وساري نٿو سگهجي .جن مٿين طبقي سان هوندي به اهو سمجهيو ته جيستائين هارين کي منظم نه ڪبو ايستائين نه ملڪ ۾ جمهوريت اچي سگهندي نه انگريز حڪمرانن کان آجپو حاصل ڪري سگهبو. جنهن ۾ ملڪ جي اڪثريتي آبادي مڙني حقن کان محروم هجي، اتي ڪئين ٿي آزادي حاصل ڪري سگهجي . بحر حال 1930 ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ٺهي. سنڌ هاري ڪميٽي جو پهريون صدر ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان هيو . پر 1945 ع ۾ جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سڻڀي سرڪاري نوڪري کي لت هڻي اچي هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ته سنڌ جي هاري تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿي وئي. جيتوڻيڪ سنڌ جي هاري تحريڪ ۾ ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان ڪامريڊ غلام محمد لغاري ، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ،قاضي فيض محمد ،ڪامريڊ رئيس بروهي ،مجنون مسلم ، ڪامريڊ نذير حيدري ،ڪامريڊ نذير جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ هاري تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿي وئي. بحرحال اسين اڌ بٽئي جي تحريڪ جو ذڪر ڪنداسين جنهن کي مائي بختاور ۽ بالاچ بروهي پنهنجو ريٽو رت ڏئي ڪاميابي جي منزل تي پهچايو .بٽئي تحريڪ سنڌ جي هاري تحريڪن ۾ منفرد تحريڪ هئي. هن تحريڪ ۾ هاري ڪارڪنن فيصلو ڪيو ته اڌ بٽائي جي اصول کي هارين جي ٻڌي ۽ طاقت جي ذريعي مڃرائجي، انهيءَ فيصلي کان تحريڪ جو مرڪز هاڻوڪو ضلعو ميرپور خاص ،سانگهڙي ،عمرڪوٽ نواب شاهه هئا. هن تحريڪ جي هڪ مکيه ڪردار رئيس بروهي ٻڌايو ته هاري ڪاميٽي فيصلو ڪيو ته مختلف هنڌن تي هاري ڪانفرنسون ڪرائجن ۽ پوءِ هارين کي چئجي ته اڌ بٽائي سندن حق آهي جڏهن به ڪنهن هاري جو کرو تيار ٿئي ته اهي اچي هاري ڪارڪنن کي ٻڌائين پوءِ ائين ئي ٿيو . هارين ۾ سجاڳي آئي هاري جڏهن به لابارو ڪري ڳاهه ڳاهي راهه ٺاهيندا هئا ته وڃي هاري ڪميٽي جي ساٿين کي ٻڌائيندا هئا پوءِ هاري ڪارڪن وڏيري ڏانهن پيغام موڪليندا هئا ته اچي بٽئي ڪرايو. هاري ڪارڪن جهنڊا هٿن ۾ کڻي جاڳيا ،جاڳيا هاري جاڳيا جا نعرا هڻندا کري تي پهچندا هئا ۽ جيڪڏهن زميندار پهچندو ته واهه نه ته پاڻ ساڻ دٻو کنيو ويندا هئا هڪ دٻو هاري واري پاسي ۽ ٻيو دٻو زميندار جي پاسي لاهيندا هئا ۽ پوءِ هاري کي چوندا هئا ته تون پنهنجو حصو کڻي وڄ ۽ زميندار ڏانهن پيغام موڪليندا هئا ته اوهان پنهنجو حصو کڻي وڃو. مائي بختاور جيڪا 1880ع ۾ ڳوٺ دودو خان سرڪاڻي لڳ روشن آباد هاڻو ڪو تعلقي ٽنڊي باگي ۾ مراد خان لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو تنهن 1947ع ۾ زميندار سعدالله کي للڪاريندي چيو ”جيستائين اسان جا مرد هارين جي ڪانفرنس تان واپس نه ايندا ايستائين اوهان کي کري مان ڪڻڪ کڻن نه ڏيندس“. 22 جون سومر ڏينهن سڄي سنڌ مان هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ،غلام محمد لغاري ۽ مير محمد ٽالپر اچي جهڏي ۾ گڏ ٿيا جتي هاري ڪانفرس هئي.علائقي جا هاري اچي جهڏي ۾ گڏ ٿيا زميندرا کي بل ٿيو سو چوڌري سعدالله 30 ،40 گاڏيون ڪهرائي اچي کرن تان ڪڻڪ کڻڻ شروع ڪئي جنهن تي شهيد مائي بختاور ۽ سندس مڙس ولي محمد ۽ سندس پٽن سميت کري تي زميندار کي للڪاريو ۽ پوءِ چوڌري سعدالله جي ماڻهن بندوق جا فائر ڪري مائي بختاور کي شهيد ڪري ڇڏيو مائي بختاور جي شهادت رنگ لاٿو ۽ اڌ بٽئي تحريڪ ڪاميابي ماڻي .اڄ جيڪا اڌ بٽئي هاري کي ملي رهي آهي اها مائي بختار جي شهادت جو ثمر آهي. جيتوڻيڪ 1988ع کان پوءِ هاري تحريڪ سست رفتاري جو شڪار ٿي وئي پر گذريل ڪجهه سالن کان ٻيهر منظم ٿيڻ لڳي آهي . هاڻي مائي سومري ،مائي جوري جمالي ،آسيت ،ڪملا ،ڪويتا ،ميناوتي جي شڪل ۾ کوڙ سارين عورت هاري ڪارڪنن ساڳئي طرح جدوجهد ڪري رهيون آهن اهي مائي بختاور جو نئون روپ آهن سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل نئين سر ٻيهر سنڌ ۾ هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو آهي .ٽيننسي ايڪٽ جي تحريڪ ۾ ترميمن جي تحريڪ هجي يا زرعي سڌارن ۽ هارين کي گهرن جو مالڪ بڻائڻ جي تحريڪ ۽ اتر سنڌ ۾ سارين جا اگهه مقرر ڪرائڻ جي تحريڪ هجي سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل اڳ ڀري رهي آهي پر اڃان هارين جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ جي ضرورت آهي. [/JUSTIFY]
شهيد بختاور جي 65 هين ورسيء جي موقعي تي اسان سنڌ جي هن سورمي کي سلام پيش ڪيون ٿا۔ اڄ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ عورت تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ پاران مائي بختاور کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء تقريب ٿي گذري۔ جنهن ۾ مائي بختاور جي جدوجهد تي ڳالهائڻ سان گڏ سندس حياتي ۽ جدوجهد تي ناٽڪ پڻ پيش ڪيو ويو۔