”ڇا بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ واقعي ويڇا ها؟“ جي اين مغل [JUSTIFY] هن وقت حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب نه مير مرتضيٰ ڀٽو هن دنيا ۾ آهي ۽ نه محترمه بينظير ڀٽو هن دنيا ۾ آهي. ٻئي پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڀاءُ شاهنواز ڀٽو سان گڏ ڳڙهي خدابخش جي شهيدن جي قبرستان ۾ آرامي آهن. پر سياست ته ڪيتري بي رحم آهي جو ڪافي عرصي کان سياسي حلقن ۾ اهي افواهه گردش ۾ آهن ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ۾ سخت ڇڪتاڻ هئي. ڪجهه سياسي حلقا ته ايترا بي رحم آهن جو محترمه بينظير ڀٽو کي مير مرتضيٰ جي قتل جو به ذميوار سمجهن ٿا. انهيءَ پروپئگنڊا سبب اڄ ميرمرتضيٰ ڀٽو جا ٻچا ۽ محترمه بينظير ڀٽو جا ٻچا هڪ ٻئي کان ڪافي پري آهن. جيڪڏهن اهي افواهه غلط ثابت ٿين ۽ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا ٻچا مڙي مٺ ٿين ته نه فقط ڀٽو خاندان جا ڏک ڌوپي سگهن ٿا پر عوام کي خاص طور سنڌ جي عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر سهارو ۽ ڏڍ ملي سگهي ٿو. صحافت ۾ رهڻ دوران آئون ڀٽي خاندان ۽ خاص طور تي ڀاءُ ۽ ڀيڻ يعني مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ناتن جو ڪنهن حد تائين شاهد آهيان. مون کي ياد آهي ته جڏهن پي پي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي ته آئون هڪ ٻئي سينيئرصحافي نظام الدين سان گڏجي ڀٽي صاحب جي ڀيڻوئي منورالاسلام جي گهر ويس اتي ان وقت عجيب سوڳوار ماحول هو. گهر تي گهري خاموشي ڇانيل هئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته جڏهن رات جو دير سان اهي افواهه گرم ٿيا ته ڀٽي صاحب کي حڪمرانن ڦاهي ڏيئي ڇڏي آهي ته ڀٽي صاحب جي ڀيڻ پريشان ٿي اسلام آباد ۾ پي پي جي ان وقت جي هڪ انتهائي اهم رهنما کي ٽيليفون ڪيو ۽ پڇيو ته اها ڳالهه ڪيتري حد تائين درست آهي ته ”ظالمن ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي آهي“. (آئون في الحال پي پي جي ان مرڪزي رهنما جو نالو ظاهر ڪونه ٿو ڪريان پر مون تي اهو قرض آهي ته مناسب وقت تي آئون اهو قرض ضرور لاهيندس) جواب ۾ پي پيءَ جي ان رهنما ڀٽي صاحب جي ڀيڻ کي چيو ته، ”ڇا ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ مذاق آهي؟ نه، اهو ناممڪن آهي. توهان وڃي مٺي ننڊ سمهو. صبح جو توهان کي سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ملندي.“ منورالاسلام ٻڌايو ته جڏهن صبح جو بي بي سيءَ خبر نشر ڪئي ته ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏني وئي آهي ۽ جڏهن ڀٽي صاحب جي ڀيڻ کي ننڊ مان اٿاري اها خبر ٻڌائي وئي ته هوءَ اهو چئي بيهوش ٿي وئي ته، ”اها آهي سٺي خبر جنهن جي باري ۾ ”فلاڻي“ مون کي رات چيو ته صبح جو توکي سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ”ملندي“. اهي خبرون هلي رهيون هيون ته اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي ۽ سڄي گهر ۾ قهرام مچي ويو. ٽيليفون تي لنڊن مان ميرمرتضيٰ ڀٽو ڳالهائي رهيو. هن اهو اطلاع ڏيڻ لاءِ ٽيليفون ڪيو ته هن ڪراچيءَ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي ڇڏي آهي ۽ هو ٻن ڪلاڪن اندر ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿي رهيو آهي، موٽ ۾ منورالاسلام جي گهر جي هڪ، هڪ فرد ميرمرتضيٰ ڀٽي سان ڳالهائي کيس منٿون ڪيون ته هو پاڪستان نه موٽي. ”هتي سندس زندگي خطري ۾ آهي، ان مرحلي تي اسين ٻئي صحافي به ٽيليفون جي ويجهو ٿياسين ۽ ٻئي طرفان ميرمرتضيٰ ڀٽو ڏک ۽ ڪاوڙ گاڏڙ آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. سندس آواز اسين به ٻڌي سگهياسين پئي. ميرانتهائي جذباتي انداز ۾ چيو ته مون کي پنهنجي جان جي ڪابه پرواهه نه آهي. آئون هر خطري کي منهن ڏيندس. منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي. منهنجي ماءُ، جنهن مون کي جنم ڏنو ۽ منهنجي انتهائي پياري جوان جماڻ ڀيڻ بينظير ڀٽو فوجي آمر وٽ نظربند آهن. هنن جي جان مال، هر شيءَ خطري ۾ آهي. اهڙي حالت ۾ اوهين مون کان اها تقاضا ڪيئن ٿا ڪريو ته آئون پاڪستان نه وران ۽ لنڊن ۾ ئي رهان. منورالاسلام جي گهر واري ۽ ميرمرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ اهو تڪرار ڪافي وقت جاري رهيو. نيٺ منورالاسلام جي گهر جي هڪ خاتون روئيندي ميرمرتضيٰ ڀٽو کي چيو ته هي ڀٽي صاحب توڙي بيگم صاحبه جو حڪم آهي ته مير ملڪ واپس نه اچي پر بيگم نصرت ڀٽو مير لاءِ نياپو ڏنو ته جيڪڏهن تون هن وقت ملڪ واپس موٽئين ته آئون توکي ٿڃ نه بخشينديس.“ ان کان پوءِ خاموشي ڇائنجي وئي. مير کي پاڪستان واپسي ملتوي ڪرڻي پئي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته وچين ڌرين جي شرارتن ۽ ڪجهه ”واقعن“ سبب محترمه بينظير ڀٽو توڙي مير مرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ ڪنهن حد تائين غلط فهميون ضرور پيدا ٿي ويون هيون. بينظير ڀٽو صاحبه مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن واپسيءَ واري ٽائيمنگ جي حق ۾ نه هئي. هن مير کي اهڙو نياپو به موڪليو ته هو في الحال اڃان پاڪستان نه وري، هن انديشو ظاهر ڪيو ته ايجنسيون کيس قتل ڪري سگهن ٿيون. خاص طور تي بينظير ڀٽو جي حڪومت جي دور ۾ پوليس طرفان المرتضيٰ لاڙڪاڻي تي ڪيل فائرنگ کان پوءِ انهن غلط فهمين ۾ وڌيڪ واڌارو ٿي ويو. ان حد تائين جو بيگم نصرت ڀٽو ان حملي جي ڪري محترمه بينظير ڀٽو کان ناراض هئي. ٻئي طرف، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي خبر پئي ته المرتضيٰ تي پوليس فائرنگ ڪئي آهي ته پاڻ ڏاڍي ڪاوڙي ۽بيگم صاحبه جي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ المرتضيٰ کي پنهنجو اباڻو گهر سمجهي جيئن المرتضيٰ ۾ داخل ٿي ته کيس اندر اچڻ کان روڪيو ويو. اهو ڏک بينظير کي ڪڏهن ڪو نه وسريو. بعد ۾ شايد کيس 70 ڪلفٽن ۾ به اچڻ نه ڏنو ويو. مون کي ياد آهي ته، نوي جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ آصف زرداري غلام مصطفيٰ جتوئي خلاف سندس موري واري اباڻي تڪ مان چونڊ وڙهيو. ان وقت اليڪشن مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو سڀ کان پهرين سانگهڙ پهتي جتي هن اسٽيڊيم ۾ هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪيو. انهن ڏينهن ۾ فرنٽيئر پوسٽ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو، آصف زرداري ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيتن تي مون هڪ پورٽريٽ لکيا هئا. ان ۾ مون محترمه جي شاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئي ته ڪجهه سببن جي ڪري شادي محترمه جي سياسي ضرورت بڻجي وئي ۽ هن لاءِ ضروري هو ته هوءَ شادي شدهه هجي ته جيئن هوءَ هر سياسي مشن ۾ حصو وٺي سگهي. محترمه شايد منهنجو اهو پورٽريٽ پڙهيو هو. سانگهڙ ۾ جلسي کان پوءِ محترمه، آصف زرداري توڙي پيپلز پارٽي جا سڀ رهنما اسٽيڊيم جي مٿئين حصي ۾ هڪ ڪانفرنس هال ۾ گڏ ٿيا جتي چانهن بسڪيٽ جو دور هليو. ان وقت مون سان محترمه توڙي آصف زرداري جي به سياست تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اتان محترمه ۽ آصف زرداري کي هيليڪاپٽر ذريعي موري وڃڻو هو جتي هنن کي هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪرڻو هو. مون کي جيئن ته ٻين صحافين سان گڏ حيدرآباد موٽڻو هو ته جيئن سانگهڙ جي جلسي جي اخبار لاءِ رپورٽنگ ڪري سگهان، تنهن ڪري آئون ان هال ۾ رڪجي پيس ته محترمه ۽ پيپلز پارٽي جا سڀ رهنما هيلي پيڊ ڏانهن روانا ٿي وڃن. جڏهن سڀ پيپلز پارٽي رهنما ۽ ڪارڪن هيٺ لهي ويا ته آئون چاڙهيون لهڻ لڳس ته منور سهروردي تيز مٿي چڙهندو نظر آيو ۽ چيائين ته محترمه توهان سان ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي. آئون جڏهن هيٺ گاڏيءَ وٽ پهتس جنهن جي پهرين سيٽ تي محترمه ويٺل هئي، ته مون کي ڏسي چيائين ته توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي ته توهان گاڏي جي ٻي قطار واري سيٽ تي ويهو ته پاڻ هيلي پيڊ تائين ڳالهائيندا ٿا هلون. جڏهن گاڏي هلي ته محترمه مون ڏانهن پوئتي نهاريندي چيو ته توهان فرنٽيئر پوسٽ ۾ منهنجي باري ۾ جيڪو پورٽريٽ لکيو آهي مون اهو پڙهيو آهي. اهو پورٽريٽ لکڻ کان اڳ جيڪڏهن توهان مون سان ڳالهايو ها ته آئون توهان کي چوان ها ته مون شادي ان ڪري به ڪئي ته جيئن منهنجو به پنهنجو گهر هجي. جنهن کي آئون پنهنجو گهر چئي سگهان. اهي لفظ چوڻ تحت سندس اکين ۾ پاڻي تري آيو. آئون سمجهي ويس ته سندس اشارو انهن واقعن ڏانهن آهي جن ۾ کيس المرتضيٰ ۽ 70 ڪلفٽن ۾ اچڻ نه ڏنو ويو. بعد ۾ هيلي پيڊ پهچڻ تي محترمه هيلي ڪاپٽر ۾ ويهڻ کان اڳ سانگهڙ ضلعي پيپلز پارٽي جي رهنمائن کي ضروري هدايتون ڏيئي رهي هئي ته اوچتو مون کي خبر نه آهي ته ڪهڙو خيال آيو جو مون محترمه جو توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي کيس چيم ته آئون توهان سان اڪيلائيءَ ۾ ڪجهه اهم ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيان ٿو. مون کي ايئن نه ڪرڻ گهربو هو. پر محترمه ناراض ٿيڻ بدران آصف زرداري کي چيو ته تون هيلي هيليڪاپٽر ۾ ويهه آئون مغل سان اڪيلائي ۾ ڳالهائي اچان ٿي اهو ٻڌڻ تي محترمه جي چوڌاري جيڪي به پيپلز پارٽي رهنما ۽ ڪارڪن گڏ ٿيل هئا سي پري ٿي ويا ۽ وچ ۾ فقط آئون ۽ محترمه وڃي بچياسين. محترمه مون ڏانهن نهارڻ لڳي ته آئون ڪهڙي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون عجيب شش و پنج ۾ اچي ويس. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڳالهه ڪٿان شروع ڪريان. نيٺ همٿ پڪڙي آئون محترمه کي مخاطب ٿيس ۽ چيم ته ”محترمه معاف ڪجو، مون کي اوهان جي خانداني معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي، پر خبر نه آهي ته ڇو آئون چاهيان ٿو ته اوهان کان پڇان ته جڏهن توهان ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ ابي امان جو اولاد آهيو ته پوءِ ڇا اليڪشن ۾ بيهارڻ لاءِ توهان وٽ مير مرتضيٰ ڀٽو لاءِ هڪ به سيٽ نه آهي؟ آئون اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته محترمه جي اکين مان لڙڪ ڳڙي آيا. مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ته ڇا توهان به ائين ٿا سمجهو ته مون وٽ مير لاءِ هڪ به سيٽ نه آهي؟ محترمه شڪايت ڪندي چيو ته مير منهنجو ڀاءُ آهي. آئون سندس وڏي ڀيڻ آهيان. هو جڏهن کان پاڪستان واپس موٽيو آهي خبر نه آهي ڪنهن ڪنهن سان رابطي ۾ آهي. آئون هن جي ڀيڻ آهيان پر منهنجي لاءِ هن وٽ نه آهي؟ اهو چئي محترمه هلڪي آواز ۾ مون کي مخاطب ٿي ۽ چيو ته مغل صاحب اوهين اسان جي خاندان جا خيرخواهه آهيو. توهين منهنجي ۽ مير جي وچ ۾ mediate ڪرايو. مون کان ته ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو. آئون اهڙي ڪنهن به صورتحال لاءِ تيار نه هوس. مون محترمه کي چيو ته مون تي ايترو اعتماد ڪرڻ جي مهرباني پر اهو بار منهنجي کڻڻ کان ڳرو آهي، آئون شايد نڀاهي نه سگهان، ٻيو ته مون چيو ته آئون هڪ صحافي آهيان آئون ايڏو وڏو سياسي ڪردار ڪٿان ٿو ادا ڪري سگهان؟ منهنجي طرفان ڪافي نٽائڻ جي باوجود محترمه زور ڏيندي چيو ته مغل صاحب اها ذميداري کڻو. منهنجي مير مرتضيٰ ڀٽي سان نه ملاقات هئي ۽ نه ڪا سڃاڻپ هئي. عجيب ذميداري هئي! بهرحال، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ 70ڪلفٽن تي ميرمرتضيٰ ڀٽي جي پريس ڪانفرنس هئي. آئون پريس ڪانفرنس ڪور ڪرڻ لاءِ هلي ويس ته جيئن موقعو ملي ته مير صاحب کي اڪيلائپ ۾ ملاقات لاءِ چوان، پريس ڪانفرنس کان پوءِ آئون به ان لائين ۾ لڳي بيهي رهيس جتان مير کي لنگهڻو هو، منهنجو ڪم ان وقت آسان ٿي پيو جڏهن ش ڀ جو هڪ سينيئر ورڪر شايد هن جو نالو جسڪاڻي هو، (هو مون سان صحافي تحريڪ دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ هو ۽ بعد ۾ مير جي جلوس ۾ ٽرڪ تان ڪري پوڻ سبب انتقال ڪري ويو. مير سان گڏ هو. مير جو پنهنجن ڪارڪنن سان ۽ سندس ڪارڪنن جو مير سان عشق هو. مون ڏٺو ته مير سان گڏ جسڪاڻي اچي رهيو آهي جيئن مير منهنجي ويجهو پهتو ته جسڪاڻي مير کي ٻانهن کان ورتو ۽ سڌو مون وٽ وٺي آيس منهنجو تعارف ڪرائيندي انتهائي دادلي انداز ۾ زور ڏنئين ته توهان سڀ کان پهرين مغل صاحب سان ملو. اهو ضروري آهي. مير کلي رهيو هو ۽ مون کي چيائين ته پاڻ ڪڏهن ملون، مون کي جيئن ته ان ڏينهن ئي حيدرآباد ورڻو هو تنهن ڪري مون چيو ته هينئر ئي ملجي. مير صاحب معذرت ڪندي چيو ته اڄ ته نه ٿا ملي سگهون جو مون کي پارٽي رهنمائن سان گڏ ڪيڏانهن وڃڻو آهي جتي منهنجو انتظار ٿي رهيو آهي. مير چيو ته سڀاڻي ملون. مون معذرت ڪئي ۽ چيو ته سڀاڻي آئون هتي نه آهيان. مير چيو ته پوءِ ٽي چار ڏينهن هتي نه هوندس. پاڻ ان کان پوءِ ئي ملي سگهون ٿا. ان کان پوءِ آئون خاص طور مير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج، ڇهه ڀيرا ڪراچي آيس ۽ 70 ڪلفٽن سان رابطو قائم ڪري مير سان ملاقات لاءِ وقت گهريو پر هڪ ڀيري به مير سان ملاقات نه ڪرائي وئي. خبر نه آهي مون کي اهو محسوس ٿيو ته ايجنسيون منهنجن ان اسائينمينٽ کان آگاهه ٿي چڪيون آهن ۽ هنن اهڙو انتظام ڪيو آهي جو منهنجي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽي جي ملاقات نه ٿي سگهي. اهڙي طرح منهنجي ۽ مير جي ملاقات نه ٿي سگهي ۽ مير شهيد ٿي ويو. مير کي شهيد ڪندڙن کي خبر هئي ته هنن مير کي ڇو شهيد ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته مير سنڌ جو مستقبل هو. مير کي شايد سنڌ لاءِ هڪ وڏي جنگ وڙهڻي هئي. اهڙي طرح ظلم مير شهيد ڪري سنڌ کان سندس مستقبل ڦريو ويو. ڪجهه عناصر پروپئگنڊا ڪن ٿا ته مير جي قتل ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح محترمه به ملوث هئي. حالانڪه، مون کي بلاول هائوس ڪراچي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد قسم کڻي ٻڌايو ته محترمه کي ٻڌايو نه ويو هو ته مير شهيد ٿي چڪو آهي، محترمه کي ٻڌايو ويو ته مير زخمي آهي. جڏهن هوائي جهاز ذريعي محترمه ڪراچي پهتي ته محترمه هوائي اڏي تان سڌو اسپتال وڃڻ چاهيو ٿي جتي مير جو لاش رکيل هو، پر محترمه کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته مير فقط زخمي آهي تنهن ڪري پهرين بلاول هائوس هلجي پوءِ اتان اسپتال وڃجي. ان شاهد مطابق، محترمه جڏهن بلاول هائوس جي هڪ ڪمري ۾ هئي ته هن جي ڪن تي ڪمري کان ٻاهر ورانڊي ۾ ٻن نوڪرن جي ڳالهه ٻولهه پئي جنهن ۾ هو چئي رهيا هئا ته مير صاحب ته انتقال ڪري ويو آهي پر محترمه کان في الحال اها ڳالهه لڪائي وئي آهي، اهو ٻڌڻ شرط محترمه رڙيون ڪندي ٻاهر نڪتي ۽ پيرين اگهاڙي ڪار ۾ ويٺي ڪار ذريعي اسپتال وٽ پهچي پيرين اگهاڙي اسپتال ۾ ان ڪمري ۾ وئي جتي مير جو لاش رکيل هو. اکين ڏٺن شاهدن مطابق محترمه ڪافي عرصي تائين مير جي ميت وٽ بيٺي رهي. هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا. هڪ ٻي ڳالهه به رڪارڊ تي آڻڻ گهرجي ته هڪ ڀيري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ايم ايل (ن) جي ميمبرن کي گوڙ ڪرڻو هو. منصوبي مطابق ان احتجاج دوران محترمه جي لاءِ به ڪو خطرو هو، مير مرتضيٰ کي به شايد اها سڻس پئجي وئي ۽ هو ٽڪيٽ وٺي ڪراچي کان اسلام آباد پهتو ۽ اسيمبلي جي پاس حاصل ڪري اچي اجلاس جي اسپيشل گئلري ۾ ويٺو. ان وقت اسلام آباد ۾ فرنٽيئر پوسٽ جي بيورو چيف ٻڌايو ته جڏهن هيٺ اسيمبلي هال ۾ پي ايم ايل (ن) جي ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ ان وقت جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي گرد جمع ٿيڻ لڳا ته پريس گئلري ۾ ويٺل مڙيئي نيوز مئن مٿي واري گئلري جي ڪٽهڙي وٽ بيهي هيٺ جو نظاهرو ڏسڻ لڳا. ان دوست ٻڌايو ته مڙني صحافين توڙي ٻين گئلرين ۾ مڙني ويٺلن جون نظرون محترمه جي سيٽ ۽ سندس ارد گرد ٿيندڙ پي ايم ايل (ن) ايم اين ايز تي هيون. هن چيو ته خبر نه آهي ڪيئن سندس نظرون وڃي هيٺ گئلري ۾ ويٺل ميرتضيٰ ڀٽو تي کتيون. هن چيو ته ”مون محسوس ڪيو ته مير سخت بيچين آهي، جڏهن پي ايم ايل (ن) جو گهيرو بي بي گرد تنگ ٿيڻ لڳو ۽ ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته هاڻ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ته اوچتو مير پنهنجي سيٽ تان اٿي بيٺو جيئن ته گئلريءَ ۾ ويٺلن جي رش سبب ٻاهر نڪرڻ جي جاءِ نه هئي تنهن ڪري اوچتو مير ننڍڙي ديوار تان لانگ ورائي. هو هاڻ ٻئي طرف ٽپ ڏيڻ وارو هو ته پيپلز پارٽي ايم اين ايز بي بي جي گرد جمع ٿي ويا ۽ محترمه کي پنهنجي گهيري ۾ حفاظت سان اسيمبلي هال مان ٻاهر ڪڍي ويا. ڀيڻ کي صحيح سلامت مان ٻاهر ويندو ڏسي، مير لانگ واپس ڪئي ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ بغير وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺو. ان دوست صحافي جو چوڻ آهي ته هن ان وقت مير جي چهري تي غصي ۽ ڪاوڙ جون ريکائون ڏٺيون. هن دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن بي بي کي پيپلز پارٽي وارا پنهنجي حفاظت ۾ نه وٺن ها ته دنيا چند منٽن ۾ عجيب نظارو ڏسي ها ته هڪ ڀاءُ اسيمبلي ۾ گهڙي مخالفن جي صفن کي چيري ڪيئن حفاظتي پنهنجي پياري ”پنڪيءَ“ کي وٺي اسيمبلي مان ٻاهر نڪري ها. ڀٽي جي پٽن، نياڻي ۽ گهرواريءَ جابر ۽ ظالم حڪمرانن سان مسلسل جنگ وڙهي آهي ۽ پنهنجون جانيون نذراني طور پيش ڪيون. ان جنگ ۾ نه بينظير پوئتي رهي، نه مير پوئتي رهيو، نه شاهنواز پوئتي رهيو ۽ نه بيگم صاحبه پوئتي آهي. ڇا جنهن خاندان تي عالمي ۽ ملڪي قوتن طرفان اهڙي خون خوار جنگ مڙهي وئي هجي اهي هڪ ٻئي سان ٽڪرجڻ جو سوچي به سگهن ٿا. ڀٽي خاندان خلاف ڪافي پروپئگنڊا ٿي چڪي، هاڻ ان کي ٻنجو اچڻ گهرجي، اميد ڪرڻ گهرجي ته فاطمه ڀٽو، جنهن ۾ هر وقت بينظير ڀٽو جهلڪ نظر اچي ٿي، انهيءَ سموري پروپئگنڊا کي رد ڪندي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ مڙني شهيدن يعنيٰ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي گڏيل سلامي پيش ڪري اتان عوام جي نئين سر قيادت جي ابتدا ڪري، عوام سندس راهون ڏسي رهيا آهن.[/JUSTIFY] عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
جواب: ڇا بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ واقعي ويڇا ها ؟؟ جي اين مغل هن سڄي ليک ۾ سڀ ڳالهيون اسانجي سامهون جون آهن، هن ليک ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۔۔۔ ها هن ليک ۾ هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ۔۔۔ هاڻ اهي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي سنڌ کان هميشه مستقبل کسينديون رهيون آهن، ڇا هن وقت اسين سڀ انهن ئي قوتن جا همنوا ته ناهيون؟ ٻي ڳالهه ته ڇا انهن قوتن سان گڏ ڪجهه اسانجا پنهنجا گهر جا ڀيدي ته مليل ناهن؟ گهر جا رکوالا ئي ڌاڙيلن جا دوست ته ناهن؟ انجو جواب ڳولهينداسون ته جواب به ڪافي ۽ گهڻا ملي ويندا لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا سهڻا دوست سليمان
جواب: ڇا بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ واقعي ويڇا ها ؟؟ جي اين مغل مان سائين جي سوال سان متفق آهيان لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا سهڻا دوست سليمان سدائين گڏ
جواب: ڇا بينظير ڀٽو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي وچ ۾ واقعي ويڇا ها ؟؟ جي اين مغل ادا ڪرائتي معلوماٽ سان گڏ هڪ سٺو ونڊ به