يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
اسان مان هر ڪنهن کي روز ايم ايس آفيس جي فائيلن جي ڏي وٺ جي گهرج رهندي آهي اسان مان اڪثر دوست هڪ اهم مسئلي جو شڪار رهندا آهن جنهن ۾ ورڊ جي فائيل جو نه کلڻ اهم مسئلو آهي ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اڄ ڪلهه آفيس 2007 جو استعمال گهڻو آهي پر اڪثر جاين تي آفيس 2003 به استعمال هيٺ آهي آفيس 2003 جي فائيل 2007 ۾ کلندي آهي پر 2007 ۾ سيو ٿيل فائيل 2003 ۾ ناهي کلندي 2007 ۾ ڪم ڪندڙ دوستن کي هڪ مشورو ڏيان ٿو ته هو پنهنجي ايم ايس آفيس جي فائيلن کي سدائين 2003 ۔97 فاميٽ ۾ سيو ڪن ته انهن سان اهڙو مسئلو پيش نه ايندو۔ اهو فارميٽ هيئن تبديل ڪبو آهي
سڀ کان پهرين ورڊ جي ايڊيٽر پيڊ ۾ کٻي پاسي مٿي ڪلڪ ڪريو
هاڻي ورڊ آپشنز تي ڪلڪ ڪريو جيڪو مينيو ۾ آهي
هاڻي اوهان سيو ٽيب تي ڪلڪ ڪريو، ۽ پهرين پهرين آپشن “Save files in this format”تي ڪلڪ ڪري هي منتخب ڪريو “Word 97-2003 Document”.
هاڻي اوهان جي موڪليل فائيل هر جڳهه تي کلندي ۽ اوهان کي ڪابه پريشاني نه ٿيندي