فوج سان نه وڙهنداسين، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ فرق ناهي، لياري واسين کي چئون ها

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    لاڙڪاڻو ( رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مولوي نواز شريف کي الائي ڇو تڪليف ٿي وئي آهي، هو ضياءَ الحق واري سياست ڪرڻ چاهي ٿو، مولوي نواز شريف نه پر سندس سوچ وڙهي رهي آهي، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ ڪو به فرق ناهي، اسان سندن چوڻ تي فوج سان نه وڙهنداسين، مون کي جيلن ۾ سندس لڙڪ ياد آهن، اسان شهيد بينظير ڀٽو جو مفاهمت وارو ڪتاب پڙهيو آهي، جيڪڏهن اسان لياري واسين کي چئون ها ته مولوي نواز شريف کي سنڌ ۾ پير رکڻ به نه ڏين ها، اهڙو اظهار صدر آصف علي زرداري رات دير سان نئين ديري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي حوالي سان ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته اسان نواز شريف کي پنجاب پليٽ ۾ رکي ڏنو ۽ حڪومت ۾ شامل ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي هڪ آمر سان وڙهڻو هو، انهي آمر مون کي چيو ته آئون چار ئي صوبا توکي لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر مون اها ڳالهه نه مڃي، اڄ ڪاغذي شينهن ببر شير بڻجي رهيو آهي، صدر آصف چيو ته هڪ دفعو غوث علي شاهه چيو ته سندس لاءِ هيڏي وڏي جهاز ۾ جاءِ نه هئي، صدر آصف نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ملڪ کي نيلام ڪري نفرت پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا ، نواز شريف طالبان جي سوچ جو پوئلڳ آهي، سياسي ڄامڙن جي سوچ شڪست کائي رهي آهي ۽ اسان جي سوچ ڪامياب ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڪاغذي شينهن اسان جي اجازت سان سنڌ ۾ آيا، نواز شريف ٻڌائي ته هن لنڊن ۾ گڏ ڪيل دولت ڪٿان آندي آهي، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ محترمه اها فلاسافي مون کي سيکاري هئي، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، ادارن کي پاڻ ۾ نه ويڙهايو وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۽ جمهوريت ڪمزور ٿيندا، هن چيو ته فوج، عدليا، پارليامينٽ، ميڊيا ۽ ٻين ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو، سياسي اداڪار پنهنجي اداڪاري بند ڪن، لوڊشيڊنگ ۽ غربت هر ملڪ جو مسئلو آهي، انڊيا ۾ غربت آهي ۽ برطانيا ۾ لوڊشيڊنگ آهي، شهيد بينظير لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ورتيون پر ان جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون ويون، هن چيو ته اسان جو ملڪ ۽ جمهوريت شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ مطابق ترقي ڪن پيا، اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هر گهر مان ڀٽو نڪرندو، اسان جي نعرن ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي فلاسافي آهي ۽ آئون ان فلاسافي تي هلندي پارٽي ورڪرن جي رهنمائي ڪندس، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اها جنگ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندي، جلسي ۾ بختاور ڀٽو زرداري، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر نثار احمد کهڙو، ذوالفقار مرزا ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ موجود هئا، ان کان اڳ ناليوارن شاعرن شهيد راڻي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.نواز شريف اسان جي خلاف اين آر او ڪيس وڃي کولرايو،لوهار جي سوچ رکندڙن پنجاب ۾ چانور خريد ناهن ڪيا، نواز شريف چوي ٿو ته هو جنرلن نه سپاهين کي مڃي ٿو، ڇا جي ڪري، ڇا ان جي ڪري ته جنرل کيس وڏو عهدو ڏيارڻ ۾ هاڻ مدد نه ٿا ڪن،نواز شريف کي ملڪ جو درد هجي ها ته هو پاڪستان مان ڀڄي نه وڃي ها، جيڪڏهن اسان پاڪستان کپي جو نعرو نه هڻون ها ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿئي ها ۽ ان گهرو ويڙهه ۾ ڪامياب اسان ئي ٿيون ها، اسان شهيد ڀٽو جا سياسي جانشين آهيون، زراعت تي جي ايس ٽي صرف مون تي ۽ وڏن کاتيدارن تي لڳندو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فوج سان نه وڙهنداسين، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ فرق ناهي، لياري واسين کي چئو

    ادا اهي بيان بازي صرف ملي ڀڳت آهي

    مون کي اهڙن بيانن تي اعتبار ئي نه آهي

    بهرحال ڏسي وٺبو ڇا پيو ٿئي

    سدائين گڏ
     
  3. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: فوج سان نه وڙهنداسين، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ فرق ناهي، لياري واسين کي چئو

    آصف علي زرداري جي ڳالهين ۾ وزن تي لڳي ٿو باقي وڌيڪ ته خدا کي خبر آهي
     
  4. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: فوج سان نه وڙهنداسين، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ فرق ناهي، لياري واسين کي چئو

    ادا جيڪو به حڪمران اچي ٿو پنهنجي لا ڪا نئين سوچ کڻي ٿو اچي غريب عوام غربت جي چڪي ۾ پيهجي رهي آهي فقط
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: فوج سان نه وڙهنداسين، نواز شريف ۽ ملا عمر جي سوچ ۾ فرق ناهي، لياري واسين کي چئو

    ايڪ زرداري سب پي ڀاري۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو