نثارابڙو
نائب منتظم
موهن جو دڙو
تنوير عباسي
اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان!
تنهنجي ويرانيءَ ۾، چئو ايڏي ڪشش آئِي ڪٿان؟
تنهنجي برباديءَ تان صدقي، تنهنجي مٽجڻ تان نثار!
تنهنجي بربادي ئِي ٿِي وئِي آهه تنهنجو يادگار-
تنهنجون هي ويران ۽ ساڪت گهٽيون، هي رَکَ جا ڍير،
دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير-
بي ڪفن مُردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري،
جنهن ڏنِي آ سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگِي!
تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻائي ئي انقلاب،
تنهنجي سيِني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب:
تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين،
سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين-
۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهِي،
پنهنجي ماضيءَ جي بلنديءَ ڏي وري ايندي رهِي،
قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا،
سنڌ جي گلشن ۾ ڪيئي گل نوان کلندا رهيا،
۽ وري ’مهراڻ‘ جي مَي ساڻ پُر پيالا ٿيا،
هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا:
- اوچتو ئي اوچتو توکي هِي ڪهڙو پُور پيو،
جو کڻِي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن ڏٺو!
تنهنجي اکين جي انهن ويرانين جو هو اثر،
جو ويا برباد ٿي پل ۾ سوين آباد گهر-
ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئِي پنهنجِي قريب،
-اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب-
وقت جا طوفان اُڪري پنهنجو ٻيِڙو پار ٿيو،
پر ڪناري تي اچِي ٽڪرائجِي پُرزا ٿيو!
ڳوٺ خالِي ٿِي ويا ۽ شهر ويران ٿِي ويا،
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا، پريشان ٿِي ويا:
ڪلهه ڪچهرين جو لڳل رهندو هئو جت چهچٽو،
موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو؛
وقت جي ڦيري، هنن باغن کي ڦيري بر ڪيو،
ڪالهه هئا جت هنج، اڄ ڪانوَن اتي آ گهر ڪيو؛
هي ڊٺل جايون، ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي،
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي؛
تنهنجِي ويراني ۽ برباديءَ کي وسعت ٿِي ملي،
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿِي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي-
جيئن ٻڌون ٿا هاڻ تُنهنجي لئه، ته ’ تون ڀي ڪجهه هئين‘
وقت ايندو، سنڌ لئه شايد چيو ويندو ائين!
هان، مگر ڏسجي ٿو بس اميد جو هڪ ترورو،
-جو هنن اونداهين کي نور ۾ بدلائيندو؛
جي ذرو احساس ڀي پيدا اسان جي دل ۾ ٿئي،
فرق پو ڪوئِي نه پنهنجي راهه ۽ منزل ۾ ٿئي؛
قوم جي دل ۾ اگر ” تنوير“ قوميت اچي،
سنڌ، موهن جو دڙي بنجڻ کان پو شايد بچي!
مهراڻ 1956ع

http://imageshack.us