هڪ، ٻه يا ٽي ڏينهن ئي ٿيا هوندا جو گوگل ڪروم جي 13 ورجن جون ڳالهيون ٿيون هيون۔۔۔ پر وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت جي نعري تي عمل ڪندي گوگل ڪروم جو 14 ورجن به ميدان ۾ اچي چڪو آهي۔۔۔ هن ورجن ۾ کوڙ سارن بگس کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔ جهڙوڪ ورجن 8 ۾ ايندڙ آل ورجنس بگس جو خاتمو۔۔ ونڊوز ۾ اسڪرين ريڊرس وارن لاءِ ٽيڪسٽ پڙهڻ جي سهولت جي بهتري۔۔۔ ميڪ آپريٽنگ سسٽم ۾ وائيس اوور جي سهولت جي بهتري۔۔۔ وڌيڪ ڊيٽل ڏسڻ لاءِ هن لاگ ايريا جو ڦيرو ڀريو۔۔۔ هن ورجن جو اسٽيبل انسٽالر ته گوگل ڪروم جي سائيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ پر هميشه وانگر دوستن جي سهولت لاءِ آف لائين انسٽالر هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
جواب: گوگل ڪروم سان مقابلو ڪير ڪري۔۔۔ حاضر آهي سندس ورجن نمبر 14 تمام مفيد معلومات آهي ادا رشيد گوگل ڪروم هون به پنهنجو پسنديده برائوزر رهيو آهي پر انهن بگس جي ڪري ئي ان کي ڇڏي ڏنو هو پر جيئن ته هي نئون ورجن آيو اهي ان کي ڊائونلوڊ ڪري ٿو وٺان بهترين ڪوشش آهي سدائين گڏ
جواب: گوگل ڪروم سان مقابلو ڪير ڪري۔۔۔ حاضر آهي سندس ورجن نمبر 14 گوگل ڪروم جو ڪونگنيٽو موڊ مون کي ڏاڍو پسند آيو جنهن ۾ ڪنهن به ويبسائيٽ جي ڪنهن قسم جي ڪوڪيز يا وري ٽريسز يوزر جي ڪمپيوٽر تي محفوظ نه ٿا ٿين۔ اپ ٽو ڊيٽ انفارميشن ڏيڻ جي مهرباني سائين۔۔۔ گوگل ڪروم واقعي مقابلو سخت لڳائي ويٺي آهي۔۔
جواب: گوگل ڪروم سان مقابلو ڪير ڪري۔۔۔ حاضر آهي سندس ورجن نمبر 14 ادا رشيد مهرباني مطلب ته گوگل ڪروم هاڻي ڊوڙي رهيو آهي ۔۔آئي ڏينهن نوان اپڊيٽ ورجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خير اسان مفت خورن لاء سٺي سهوليت آهي