ونڊوز جي تقريبن سمورن ورجن ۾ ڪجهه اهڙي پروگرامنگ رکي ويندي آهي جو جڏهن به پي سي انٽرنيٽ سان منسلڪ ٿئي ته ان نيٽ رفتار جو 20 سيڪڙو ونڊوز پنهنجي مقصد جهڙوڪ اپڊيٽنگ وغيره لاءِ رکي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو جن دوستن جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز اپڊيٽن جو آپشن فعال رکيل هوندو آهي ۔۔۔ ته انهن جي ڪمپيوٽرس تي اپڊيٽ ان 20 سيڪڙو رزروِ ٿيل رفتار ذريعي ٿيندي رهندي آهي۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان اهڙي اپڊيٽس جي عمل مان تنگ ٿي ان کي غير فعال رکيو آهي يا وري توهان اهي ونڊوز طرفان پنهنجي مقصد لاءِ رکيل 20 سيڪڙو نيٽ به پنهنجي استعمال ۾ آڻڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ هن معمولي پر ٿورو ڏکئي عمل ذريعي اها رفتار به پاڻ ڏانهن منتقل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ان لاءِ سڀ کان پهريان اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري رَن پروگرام کوليو جتي gpedit.msc انٽر ڪريو ته جيئن توهان اڳيان Local group policy editor ونڊوز کُلي اچي۔۔۔ هاڻي کاٻي پاسي موجود فولڊرس تي ڪلڪ ڪندا هيٺين لوڪيشن تي اچو۔۔۔ ocal Computer Policy –> Computer Configuration –> Administrative Templates –> Network –> QOS Packet Scheduler –> Limit Reservable Bandwidth. هاڻي ساڄي پاسي موجود Limit Reservable bandwidth تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔ ته توهان اڳيان Limit Reservable bandwidth ونڊو کُلي ايندي۔۔ هتي اڳ not configured تي ٽٻڪو لڳل هوندو جنهن کي تبديل ڪري وچين آپشن ENABLE تي ٽٻڪو آڻيو ۽ bandwidth Limit سيڪڙو کي زيرو تي آڻيو ۔۔ جنهن کي اپلائي ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔ ۽ نيٽ پرووائيڊر طرفان مليل مڪمل 100 سيڪڙو نيٽ جا مزا وٺو۔۔
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! واه ادا واه تمام بهترين ڏس پنڌ آهي لاجواب ٽپ آهي توهان جي ان ٻڌايل ٽپ سان ڪافي دوستن کي فائدو ملندو سدائين گڏ
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! ان کي چئبو آهي جادوگر جو ڪمال، پر اسان کان اهو ٽوٽڪو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ان لا جو موڳا مٽر آهيون، اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ٽوٽڪي کي غلط نموني سان سکبو يا پڙهبو، ته سارو عمل اوندو ٿي پوندو، جان جي جوکم جو به خطرو هوندو آهي، ان ڪري اسان کي ٻيلي ڊپ ٿو ٿئي ته جيڪڏهن عمل اوندو ٿي پيو اسان جو ته خير آهي پر اسان واري سڪيلڌي ڪمپيوٽر کي چرئي ٿيڻ ۾ دير ڪانه لڳندي۔ ان ڪري جڏهن به جادوگر رشيد سمون ٽنڊو محمد خان جي ياترا تي ايندو ته عامل کي پاسي ۾ ويهاري هي معمول انهي ٽوٽڪي تي عمل ڪري بغير ڪنهن ڪمپيوٽر جي چرئي ٿيڻ جي لاڀ حاصل ڪنداسين۔ جادوگر رشيد سمون جي بادشاهي جو خير۔
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! رشيد سائين۔۔۔ تمام بهترين ٽوٽڪو آهي۔۔ اصل انٽرنيٽ هلندي نه پر اڏامندي۔۔۔۔ اهڙي طرح نئين دوستن کي اضافي معلومات ڏيندا ڪريو ته جيئن سندن ڄاڻ ۾ اضافي سان گڏ سندن فائدو به ٿئي۔۔
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! مهرباني ادا رشيد توهان جي ڏسيل طريقو مون جهڙن وي وائرليس استعال ڪندڙن لا انتهائي فائدي مند ٿيندو مون توهان جي ٻڏايل طريقي سان سيٽنگ ڪئي آهي ته اسپيڊ ۾ واضع فرق آيو آهي توهان جي تمام تمام گهڻي مهرباني
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! محترم سائين رشيد صاحب، مون وٽ ته هيٺيون جواب ٿو اچي؟
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! اهو ايرر اچڻ ته نه گهرجي ۔۔۔ ان باوجود به جيڪڏهن توهان ونڊوز 7 يا ونڊوز وسٽا استعمال ڪري رهيا آهيو ته بجاءِ رَن پروگرام کولڻ جي اسٽارٽ مينو جي سرچ بار ۾ gpedit.msc لکو۔۔ ٿوري ئي دير ۾ مٿي گروپ پاليسي جي فائيل ظاهر ٿي پوندي توهان ان فائيل مٿان ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! لاجواب ونڊ آهي تمام سٺو ڏس ڏنو آهي توهان مان هن مهل ئي اهو ڪم ڪري چڏيو آهي مهرباني ادا رشيد
جواب: پنهنجي انٽرنيٽ جي رفتار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪريو۔۔۔ ! ها سائين ڪري ڏٺو سين بلڪل اسپيڊ ۾ فرق آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙا مفت جا مشوا ڏيڻ ته ڪو رشيد کان سکي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي به هڪ مشور ڏنو اٿئن اصل سي ڊيز وٺڻ کان جان چٽي پئي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لاجواب