نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، جيئي سنڌ ۔ دوستو اجالو حق آهي ۽ انڌيرو ناحق آهي جڏهن جڏهن روشني ۽ اوندهه جو جهيڙو ٿيو، فتح حق جي ٿيندي اهي روشنين جي ٿيندي آهي، اوندهه کي سدائين مات ٿيندي آهي، بلڪل نڪور وائي توهان دوستن سان ونڊ ڪريان ٿو، اميد ته پسند ايندي۔
وائي
نثاراحمدناز
جيئن جيئن پرهه ڦُٽي !
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
دهشت ساري جَڳَ مان،
خُونِي کيل کُٽي...........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
دوکي جون ديوارون،
باقِي ڏينهن ٻه ٽي...........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
اُجيارا آخر انڌ کي ،
ويندا نيٺ لُٽي.........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
ڌُنڌِ جو بادل سنڌ مٿان،
سِگهڙو “ناز” ٽُٽي............!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
جيئن جيئن پِرِهه ڦُٽي....!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
نثاراحمدناز
جيئن جيئن پرهه ڦُٽي !
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان
دهشت ساري جَڳَ مان،
خُونِي کيل کُٽي...........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
دوکي جون ديوارون،
باقِي ڏينهن ٻه ٽي...........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
اُجيارا آخر انڌ کي ،
ويندا نيٺ لُٽي.........!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
ڌُنڌِ جو بادل سنڌ مٿان،
سِگهڙو “ناز” ٽُٽي............!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
جيئن جيئن پِرِهه ڦُٽي....!
ويڙهه وِڙهون انڌيارن سان
ويڙهه وڙهون انڌيارن سان