هڪ ديپ ٻرڻ تائين۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
هڪ ديپ ٻرڻ تائين


سڀ ديپ وسامي ويا ، هڪ ديپ ٻرڻ تائين
ڪجهه ڀي نه بچيو باقي ، هت تنهنجي ورڻ تائين

تو دير ڪئي ڏاڍي ، ڪجهه خواب مري ويا پر
ديدون ته رهيون دڳ ۾ ، محبوب مرڻ تائين

ڪک پن ته اسان ميڙي ، هڪ پنهنجو اڏيو اجهڙو
برسات رهي وسندي ، جهوپيءَ جي جهرڻ تائين

ڪيئن توسان ملان ، مُرڪان ، آ واٽ تتل واري
جند جان جلي ويندي ، هن باهه ٺرڻ تائين

بس سيال حيات اسان ، مدهوش گذاريو پئي
هن پيار جي امبر تان ، ڌرتي تي ڪرڻ تائين

سيال حيات
 
جواب: هڪ ديپ ٻرڻ تائين۔۔۔سيال حيات

تو دير ڪئي ڏاڍي ، ڪجهه خواب مري ويا پر
ديدون ته رهيون دڳ ۾ ، محبوب مرڻ تائين


واهه واهه

تمام خوبصورت شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پختي شاعري ۽ لفظن جو بهترين سنگم

خبر ناهي ڇو هيڏي سٺي شاعري ۽ ان جو سرجڻهار مٿي نه اڀريا ۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top