ماروي ميمڻ اسيمبلي ۽ (ق) ليگ جي ميمبر شپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ق) جي ماروي ميمڻ پارٽي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي، پارٽي ۽ حڪومت تي مسئلن جي حل لاءِ اخلاقي جرئت نه هئڻ جا الزام، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ ق ليگ جي وفاقي وزير مخدوم فيصل صالح حيات جي ماروي ميمڻ تي تنقيد، ڊڪٽيٽر دور ۾ اخلاقي جرئت نه ڏيکارڻ ۽ ڊڪٽيٽر مشرف سان رابطا برقرار رکڻ جا طعنيٰ، ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي مسلم ليگ (ق) جي ماروي ميمڻ چيو ته مون بجيٽ جي مخالفت ڪئي، هي منهنجي آخري تقرير آهي، هن چيو ته پارٽي جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ منهنجي لاءِ هتي رهڻ مشڪل ٿي ويو، مان پارٽي جي ميمبر شپ ۽ اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفا ڏيان ٿي، هن چيو ته آئون قومي مفادن تي ٺاهه نٿي ڪري سگهان، هن چيو ته حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ۽ ڊرون حملا روڪڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، هن چيو ته زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ متوازن ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ڏوهاري عمل آهي، حڪومت قدرتي آفتن کي درست نموني منهن ناهي ڏنو، هن چيو ته حڪومت قومي زبانن بابت بل رد ڪري صوبن جي حقن کان انڪار ڪيو آهي، عدالتي فيصلن تي عمل نه ڪيو ويو، ترقياتي بجيٽ ۽ منصوبا ڪميشن مافيا حوالي ٿي ويا، هن چيو ته مان پاڪستان، آزاد ڪشمير، بلوچستان، خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ سنڌ جي عوام لاءِ استعيفا ڏيان ٿي ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنديس، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو ته اخلاقي همٿ جي ڳالهه ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر سياستدانن کي جلاوطن ڪيو، هڪ ڊڪٽيٽر هڪ چونڊيل وزيراعظم کي هٿڪڙيون هڻي، جهاز ۾ لٽڪائي جلاوطن ڪيو، ان وقت ته همٿ نه ڪئي وئي، هن چيو ته جڏهن چيف جسٽس کي روڊ تي گهليو ويو ان وقت ته همٿ وارو مامرو نه آيو، ان وقت سرڪاري گاڏين جا مزا ورتا ويندا هئا، هن چيو ته اڄ به ان ڊڪٽيٽر سان ملاقاتون ٿين ٿيون، فنڊ ورتا وڃن ٿا، هن چيو ته اسان ڪنهن جنرل جي پٺو ۽ حواري لاءِ تاڙيون وڄائڻ لاءِ تيار ناهيون، جنهن استعيفا ڏني هتي ويهي ڊڪٽيٽر مشرف تي تنقيد ڪري ته مان تاڙيون وڄائڻ لاءِ تيار آهيان، هتي پوائنٽ اسڪورنگ آهي، هوءَ استعيفا ڏئي هلي وئي، هن چيو ته استعيفا ڏيڻ سان ڊڪٽيٽر جي ڇاپ ختم ٿئي ها ته ڪيترا ماڻهو استعيفا ڏئي هليا وڃن ها۔
مسلم ليگ (ق) جي وفاقي وزير مخدوم فيصل صالح حيات چيو ته ماروي ميمڻ جي ڪارڪردگي قابل تعريف به رهي آهي، مان کيس چيو ته هوءَ اخلاقي طور پابند آهي ته پارٽي پاليسي تي عمل ڪري، جيڪڏهن نه ته بهتر رستو آهي ته استعيفا ڏئي جيڪا هن ڏني آهي، هن چيو ته اسان مان ڪير به فرشتو ناهي، سڀني کان غلطيون ٿينديون رهيون آهن، هن چيو ته هوءَ پنجاب مان پارٽي جي مخصوص سيٽ تي آئي پر 99 سيڪڙو فنڊ ٺٽي ۾ استعمال ڪيا، جتان هوءَ چونڊ وڙهڻ چاهي ٿي، ان وقت اخلاقي همٿ ڪيڏانهن وئي، هن چيو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ (ق) ليگ جا سمورا ميمبر ته وزير نه ٿي بڻجي سگهيا، اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ماروي ميمڻ چيو ته منهنجي استعيفا برسات جو پهريون ڦڙو آهي، مون ضمير جي آواز تي بجيٽ خلاف ووٽ ڏنو، هن چيو ته آئون ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه پئي ٿيان، سڀني پارٽين جي سٺن قدمن جي حمايت ڪنديس، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي،

روزانه ڪاوش جي خبر