ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سڀڪو پاڻ لاءِ آهي سياڻو
سڀڪو مطلب لاءِ وڪاڻُو
سڀڪو پاڻ لاءِ آهي سياڻو
ڪو ڪنهن کي ڪي نه چوي
ڪو انڌو ڪو آ ڪاڻو
مليا آهن سڀ مانگر
ڳولين پيا انساني داڻو
هميشه رهيو تازه دم
حرص ناهي ٿيندو پراڻو
جيڪو نه ٿو وٺي ڪو دام
تيار تنهنجي لاءِ آهي گهاڻو
ظلم جي لکجي نئين داستان
ڏسو هي صورت نماڻو
چُپ آهن زاهد جا سجده
پيرن پاتو پيرهن پيراڻو
غريب سان ٽوڙِي رشتو
هن ڳوليو آهي دولتمند نياڻو
دل وڌي وئي ظالم جي جا
ڪنهن نه ڪيو ڪو پڇاڻو
فرعون و يزيد صورت بدلي
هاڻي داءُ هڻ ٿا دوستاڻو
انسانن ۾ ناهي رهي انسانيت
ڪير ڀريندو هي هرجاڻو
ڏاڏل سچ کي سچ چونداسين
اوهان جي مرضي ڄاڻو نه ڄاڻو