ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو ڪڏهن ڪڏهن مجاز جو رنگ وڇوڙي ۽ جدائي جي سنگم کي هن ڪافي جي رنگ ۾ به رچائي ڇڏيندو آهي۔

    ٽڙيا ڪنول جا گُل اوسانول
    ڪافِي
    نثاراحمدناز

    ٽڙيا ڪنول جا گُل َ او سانول
    آءُ هَلِي راڻلَ او سانول

    ماڃر ۾ هِي مستيون آيون
    ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون
    دل نه ڏِئي ٿِي جَهلَ او سانول

    ساريون لُڻجن موتِيءَ ڌاڻا،
    سِڪَ مان سندجن يار سانڌاڻا
    ڪانه اٿئي ڪا ڪَلَ او سانول

    بيههَ ، پاٻوڙا، لوڙهيون آيون
    گيتَ وڇوڙي جا ٿا ڳايون
    ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول

    هاڻ جُدائِي واجب ناهي
    “ناز” اچِي تُون نينهن نڀائي
    ساٿ رهون ڪي پَلَ او سانول

    ٽڙيا ڪنوَلَ جا گُلَ او سانول
    آءُ هَلِي راڻَلَ او سانول​


    [​IMG]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    هاڻ جدائي واجب ناهي
    ”ناز“ اچي تون نينهن نڀائي
    ساٿ رهون ڪي پل او سانول​

    ڇا ته خوب لکيو آهي توهان۔۔۔ جي باقي سموري سٽن کي ختم ڪري صرف مٿين ٽن سٽن کي پڙهان ته مان حق تي هوندم۔۔۔
    لک لائق
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    واھ سائين ڇا شاعري آهي توھان جي۔۔۔۔۔۔تمام بهترين چترڪاري
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    سائين نثار سلام

    بيههَ ، پاٻوڙا، لوڙهيون آيون
    گيتَ وڇوڙي جا ٿا ڳايون
    ڳوڙها ڳوڙها ڳَلَ او سانول


    تمام بهترين وائي جنهن دل جي تارُن کي ڇُهيو آهي. سونهن ۽ فطرت تي ڪيل شاعري ۽ وري محبوب جو اوسيئڙو هجي. سچ ته هڪ لاجواب شاهڪار آهي۔ شاعريء سان گڏ تمام سهڻي چترڪاري جيڪا به موهي وجهي ٿي۔ لڳي ٿو اڄڪلهه ڏات جي ديوي اوهان سان گهڻو راضي آهي سندس به ٿورا جو ان بهاني اسان کي لازوال شاعري پڙهڻ ملي وڃي ٿي۔

    اوهان جي خوبصورت شاعريء تي اوهان کي واڌايون
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    ماڃر ۾ هِي مستيون آيون
    ساوڪ ۾ ٿيون بستيون سايون
    دل نه ڏِئي ٿِي جَهلَ او سانول

    يار نثار! اهڙي ڪافي جو اصل دل خوش ٿي وئي، ڳوٺ ياد اچي ويو ، سارين جا رومبا ختم ٿيڻ کانپوءِ اسانجو ڳوٺ ائين لڳندو هو ڄڻ ڌرتيءَ تي ڪنهن سائي چادر وڇائي هجي ۽ انجي وچ ۾ سهڻو ۽ سهانو ڳوٺ .... بهه، لوڙهيون، گل ڪنول جا ۽ من جي مستي ؟؟؟ واه جي موسم من جي به ته مٺڙي ملڪ جي به ...

    اهڙي موسم کي ناز سائين ڳائي، چمين ڏيڻ جهڙو عمل ڪيو آهي ...
    قبول پون
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    وڏي ائڊمن جون مهربانيون، جو چلو منهنجي ڪنهن شاعري جِي ڪافي ڏينهن کانپو ڪنهن هڪڙي بند جي ٽن سٽن کي پڙهي حق سدا موجود جا نعرا ته هڻڻ شروع ڪيائين بلڪل جادوگر رشيد سمان حق سدا موجود هوندو آهي ، انهي ڳالهه جو احساس مان شاعر آهيان مونکي شايد زياده هُئڻ کپي، باقي حڪم ڪر مان حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آ۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    سنڌ سلامت جا عاشق شال تنهنجي عاشقي سدائين پئي وسي، اسان جي غريباڻي شاعري تي پنهنجا بهترين ڪامينٽس ڏنا لک لائق ادا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٽڙيا ڪنول جا گُل او سانول(ڪافِي) نثاراحمدناز

    سڀ کان پهرين ته ادا محمد سليمان وساڻ تنهنجون مهربانيون جو محبتن جا سلام هميشهه اسان کي موڪليندو آهين ، پيارا ڏات جي ديوي جي مهربان ٿيڻ کان اڳ ۾ توهان جو همت افزايون ئي مونکي تخيل جي گُلابن کي مهڪڻ ۾ مدد ڪنديون آهن نتيجي ۾ جيڪا به غريباڻي شاعري هوندي آهي سا توهان جي سامهون هوندي آهي۔ توهان منهنجي هن ڪافي کي وائي چيو ته مٺا هي وائي ڪانهي پر ڪافي آهي، وائي ، ڪافي ۽ بيت خالص اسان جي سنڌي ادب جا خوبصورت چنڊ ۽ ستارا آهن، توهان منهنجي هن شاعري کي لاجواب شاهڪار چيو مهربانيون آهن توهان جون ادا سچ پُڇو ته لاجواب توهان آهيو جو قدم قدم تي محبتون نڇاور ڪندا آهيو اسان مسڪين شاعرن مٿان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو