سنڌ سلامت ٽيوب تي ڪم ڪندي اڄ سرمد سنڌيء جي آواز ۾ هڪ خوبصورت شاعري ٻڌڻ لاء ملي۔ سوچيم ته اوهان سان به ونڊ ڪجي:
چوريء چوريء ڪوئي ڪنهن سان نيڻ ملايون ويٺو آ
هيڏيء ساريء محفل ۾ ڪو پاڻ وڃايون ويٺو آ
ٻهراڙيء جو سادو ماڻهو جنهن جي دل ۾ مير نه هو
شهر جي سياڻن واپارين کان پاڻ ڦرايون ويٺو آ
(عبدالحڪيم ارشد)
هير ڏکڻ جي گهُلڻي آ، مند ملڻ جي اچڻي آ