مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
ڇا هي پيار آهي؟
نـ هي انتظار آهي
دلبر جان جو انتظار آهي
اکيون بي چين دل ٻڌي
من جي باھ ڪير وسائي
هلي آءُ او جاني
تنهنجو ئي انتظار آ
نيڻ نماڻا
هر هر واٽون
نهاريان تنهنجون
هلي آءُ او جاني
توکي ساھ ساري
منهنجو پيار پڪاري
ڇا هي پيارآهي ؟
نـ هي
"صنم"جو اقرار آهي
مونکي توسان پيار آهي
تنهنجو ئي انتظار آهي
صنم نجيب