مزمل چانڊيو
سينيئر رڪن
تنهنجي ملڻ جا سپنا
تنهنجي ملڻ بعد به
خبر نه آهي الائي ڇو سڀايان
نه ٿيا
سڄڻ ڪنڊن تي هلي هلي
پير زخمي ٿي پيا آهن
نير اکين ۾ جاري ٿي ويا آهن
ڪنهن ڪنڌ تي هٿ رکي چيو
بس گلن جي سيج ويجھي آهي
پر سوين سال پند هلڻ بعد
"صنم"پنڌ تي ڏٺم ته
اڄ به آئون ٻه قدم
هلي نه سگهي هئيس
۽ سامهون
منزل ايتري پري جو
منزل جي ڏسڻ جي
خواهش ۾
اکيون ڌنڌلائڻ لڳيون
صنم نجيب