• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بينظير جهڙي خدايا ڪا سياڻي پيدا ڪـــر

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
بينظير جهڙي خدايا ڪا سياڻي پيدا ڪــر
عـــــوام لاءِ وڙهـــندڙ ڪـا نيــاڻي پيدا ڪـر

ڇــــڏي آئـــي اميري جــا اســـان جي ڪري
نرم دل ۽ طبعيت جي فقيرياڻي پيدا ڪري

هيو ساٿ جنهن جـــو هـــر پــــل اســـان سان
گهــرن منجھ اهڙي گـــهر ڌيـــاڻي پيدا ڪر

هُيـــــس پيـــــــار دل ۾ اســــان لاءِ ڪـــــيڏو
ڪــــا پـــيءُ جــــي نظـــر ۾ نماڻي پيدا ڪر

خوشين جـــون لـــهرون کڻي آئـــي جيـــڪـا
تنـهن جهــــڙي اســـان ۾ ســوڀياڻي پيدا ڪر

اڄ جـــي راڻـن کــي گھڻوئـــــي آزمـــــايو آ مولا
وري بينظير جــــهڙي ڪــا راڻــــي پيدا ڪـر

مزمل چانڊيو
 
جواب: بينظير جهڙي خدايا ڪا سياڻي پيدا ڪـــر

بينظير جهڙي خدايا ڪا سياڻي پيدا ڪــر
عـــــوام لاءِ وڙهـــندڙ ڪـا نيــاڻي پيدا ڪـر


اسان جون دعائون آهن ته سنڌ ۾ اهڙيون ڏاهيون هستيون پيدا ٿين جيڪي سنڌ لاء سوچين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

شهيد محترمه کي سلام ۽ سندس جدوجهد کي به سلام۔۔۔۔۔
 
Back
Top