جواب: مرندس ته اچي يادون۔۔۔۔۔۔احمد خان مدهوش مدهوش کي ميساري، ان دل تان ڇڏيندين ته به هي گيت غزل وايون تن من کي چميون ڏيندءِ تمام بهترين سٽون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خوبصورت شاعري ۔۔۔ مدهوش جي لفظن جي چونڊ ۽ وري انهن جي بيهڪ جي ڇا ته ڳالهه ڪجي جو جڏهن سٽن کي پڙهبو آهي ته اڳيان لفظ پڙهڻ کان اڳ ئي زبان تي تريو اچن۔۔۔ ان کانسواءِ سندس لفظ لفظ انتهائي گهرو ۽ اونهون لڳندو آهي۔۔۔ هن شاعري ۾ جتي شاعر محبوب سان هلڪي شڪوه ڪئي آهي اتي سندس مان ۽ مرتبي کي به ڪيترو نه اوچو ڪيو آهي۔۔ کيس مستقبل ۾ پيش ايندڙ سندس ساڻ وارتا جو ڪيڏو نه خوبصورت انداز رکيو اٿائين۔۔۔۔ مرندس ته اچي يادون ڳوڙهن کي چميون ڏيندءِ ڳوڙهن جون وهي لارون ڳلڙن کي چميون ڏيندءِ
جواب: مرندس ته اچي يادون۔۔۔۔۔۔احمد خان مدهوش واھ مدهوش واھ۔۔۔۔مدهوش جي شاعري کي سهڻي نموني چترڪاري ڪري ڪري اسان سان ونڊڻ جي مهرباني۔
جواب: مرندس ته اچي يادون۔۔۔۔۔۔احمد خان مدهوش مرندس ته اچي يادون ڳوڙهن کي چميون ڏيندءِ ڳوڙهن جون وهي لارون ڳلڙن کي چميون ڏيندءِ مدهوش سنڌ جو هڪ بهترين شاعر جنهن سادي ٻوليء ۾ تمام سٺي ۽ پختي شاعري ڪئي۔ اوهان سندس خوبصورت شاعريء جي چونڊ کڻي لاجواب ڊزائن ڪئي آهي۔ مدهوش جي مري وڃي پو هوش کي سنڀالجو
جواب: مرندس ته اچي يادون۔۔۔۔۔۔احمد خان مدهوش سائين رشيد، ادا عاشق، ادا سليمان،سائين نويد توهان جون مهربانيون منهنجي چونڊ و ڊزائين کي پسند ڪرڻ لا