• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

لالچ، لوڀ، حوس، ڇڏ ٻيائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

هي دنيا آهي ڏاڍي هرجائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

تو ڇو اسلامي ساک وڃائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

پاڻهي ڀڄندي هي گمراهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ختم ٿيندي هي تباهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

دشمن آهي تنهنجي شاهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

خدا و رسول ڳالھ سمجهائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ڇڏ غيرن جي همراهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

غير جي منهن ۾ آ ڇائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

هي بازارن ۾ جا بي حيائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ڇڏ ڪوڙ رک سانڀي صفائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

بن قدرِ انسان سجده جائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

هي آهي قانون الاهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ڏاڏل دنياوي جاگير اجائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

 
جواب: لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

واه سائين ڏاڏل اصل اڄ ته قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ
توحيد ربانيءَ جا ڏس ڏئي سونو ڪري وڌو اٿوَ

حق ۽ سچ جو پيغام آهي
سدا خوش رهو
 
جواب: لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

واه سائين ڏاڏل اصل اڄ ته قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ
توحيد ربانيءَ جا ڏس ڏئي سونو ڪري وڌو اٿوَ

حق ۽ سچ جو پيغام آهي
سدا خوش رهو

سائين بي لغام جذبن کي هي اوطاق ملي آهي ونڊڻ لاءِ سو ڪنهن وقت اوٻر نڪري ٿو پوي اوهان جا قرب جو اوهان مان ڏنو ۔
مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

هي آهي قانون الاهي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

ڏاڏل دنياوي جاگير اجائي
لاالا ڪر الاالله جا سپاهي


لک ٿورا تمام سهڻو پيغام

جنهن کي سمجهن ۽ عمل ڪرڻ سان ڪاميابي يقيني آهي۔ ڏاڏل جي سالڪن جو پيغام هاڻي ڏاڏل سان گڏ اسان تائين به پهچي رهيو آهي۔

ٿورا اوهان جي اهڙي قربن جا
 
جواب: لاالا ڪر الاالله جا سپاهي

پرائمري پڙهندا هيا سين اسڪول جو نالو هوندو هو پرئمري اسڪول عمر الدين پٺاڻ جاڙيون شريف۔ ان زماني ۾ اتي هڪ درويش رهندو هو جيڪو سالڪ به هو ته عارف به هو ۔ جيڪي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ پڙهيا آهن تن کي خبر آهي ته صبح جو اسڪول ۾ صبح قرآن شريف پرهايو ويندو هو ۔ هڪ صبح جو اسن کي اسن جو استاد پرهائي رهيو هو ته اهو درويش اسڪول ۾ آيو سائين مولوي صاحب سائين کي ٻڌايو هي ڇوڪرو هيترا سيپارا هي هيترو حفظ ڪري چڪو آهي ۔ ته سائين جن هڪ جملو چيو جنهن جي شايد گهڻي دير کان پوءِ سمجھ آئي ته سائين هنن ٻارن کي لا الا سمجهايو ۔ اسان سوچيندا رهيا سون ته اسان هيترو قرآن پڙهيو آهي سائين ٿو چوي تهنن ٻارن کي لاالا سمجهايو ۔ ليڪن گهڻي دير کان پوءِ اهو درويش جو جملو سمجھ ۾ آيو ته ها ٻيلي لا الا ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي ۔ هاڻي سمجھ ۾ ٿو اچي ته لاالا ڪڏهن ٿيندو ۔
علامه اقبال جو شعر آهي
زبان سي ڪھ بهي ديا لاالا تو ڪيا حاصل
دل ونگاه مسلمان نهين تو ڪڇ حاصل نهين۔
وسلام
 
Back
Top