دوستو۔۔۔۔!!! اُميد ته اوهان سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا ۽ پنهنجي پنهنجي وت وسيلي ڪم کي پٽيون ڀيٽا هوندا، دوستو نون آيل دوست کي مون پاران دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔ عزيزو سهڻا سنڌي دوستو۔۔۔۔۔!!! مان ڪجھ ٽائيم سنڌسلامت کان پري گذارو ۽ مان تمام گهڻي ڪمي محسوس ڪئي۔۔۔۔اوهان سڄڻن جي ۽ سٿ جي۔۔۔۔خير دل ۾ اھا اُميد هئي ته شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي دوستن جو ديدار نصيب ڪبو پر ائين نه ٿي سگهيو۔۔۔۔۔ان جا ڪي ئي سبب آهن۔ سنڱ۔۔۔!! دل جي خواهش هئي ته محترم دوستن ڀائرن جو شل ديدار نصيب ٿئي (اسد ميرجت "مست") (سائين سليمان وساڻ صاحب) (عمران سومرو "درويش") (ڦلپوٽو فقير۔۔۔۔۔۽ شڪيل آرزو۔ هي دوست منهنجو ٽارگيٽ هئا۔ پر جيڪو قسمت ۾ هيو اُھو ئي ٿيو۔ احوال۔۔۔!!! ٿيو ڪجھ هن ريت ته ان ڏينهن مان سکر ويل هيس ته اچانڪ ڪراچي جي هڪ دوست جي فون آئي۔۔۔۔۽ چيائين ته شڪارپور جي آچار۔۔۔۔جنهن کي اسان کٽاڻ وغيره چوندا آهيو۔۔۔چيائين ورتيون آ۔۔۔سچ ته جڏهن به شڪارپور ياد ايندي آهي ته ذهن ۾ لوڪل فقير جو خاڪو ٺھي ايندو آهي۔ سو ان ڏينهن به ٿيو ڪجھ ائين۔۔۔۔۔۽ مان سکر کان شڪارپور جي وين پڪڙي ۽ شڪارپور جي ويجهو پهچي مون فقير کي ميسج ڪيو۔۔۔۔۔۽ وري وچ شڪارپور ۾ پهچي ٻيهر فقير کي ميسج ڪيو ته فقير جن پاڻ ڪال ڪئي ۽ ٻڌايو ته مان رستم چوڪ تي گاڏي ٿو ٺهرايان توھان پنج ڏھ منٽ انتظار ڪيو مان اچان ٿو۔۔۔۔هاڻي اسان وٺ ٽائيم ٿورو هيو۔۔۔مونکي ڳوٺ پهچي ڪراچي جي تياري به ڪرڻي هئي۔۔۔۔سو مان شڪارپور رستم چوڪ تي پهتس ۽ فقير جن کي مون ڪال ڪري چيو ته فقير شڪارپور جي اُس ۽ گرمي ته ساھ ٿي ڪڍي جلدي ديدار ڪرايو ته اسان نيڪر ڪيون۔۔۔۔۔هاڻي وڏو مسئلو اھو هيو ته فقير کي سڃاڻيان ڪيئن۔۔۔۔؟؟؟ هلو خير مڙئي ڪجھ پارن تي فقير کي سڃاتو ۽ ٿورو ٽائيم فقير جي ڪچهري ۾ گذاري فقير جي گاڏي تي ويھي اچي شڪارپور جي وين اسٽاپ تي پهچي فقير کان موڪلايو سين۔۔۔۔۔ڳوٺ پهچي ڪراچي جي تياري ڪئي سين۔۔۔۔۔۽ هيئر اوهان جي سامهون آهيون۔ اڙي يار بيھ بيھ۔۔۔۔۔سائين سليمان وساڻ صاحب جن جي مهرباني۔ بس سائين احوال ته وڏو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هتي ئي ٿا ٿا ختم ڪريون۔۔سلام سنڌ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! سنڌ سلامت جي دوستن جون ياريون قائم ٿين ته اسانجون دليون ٺرن ۔۔۔ سنڌ سلامت سڄي سنڌ ۾ دوستين جي قائم ڪرڻ جي امين آهي، عاشق جي ڦلپوٽي سان ملاقات ٿي، هڪ دوست جي ٻي دوست سان ملاقات ٿي ۔۔۔ واه جو ڪم ٿيو ۔۔۔ اميد ته اڳتي به اهو عمل جاري و ساري رهندو
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! سائين مرڪندا رهو مينهن وسن روڊ پسن ڀلي گهمن راڻا ادا اوهان ايڏاهن ويا هيؤ اسن وري اوهان جي ملاقات لاءِ اوهان جي علئقي ۾ پهتاسون پر ديدار نه ٿيو۔ خير انشاءِ وري ڪنهن وقت حاضري ڀربي ۔وسلام
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! عاشق سولنگي کي سنڌ سلامت تي ٻيهر ڀليڪار سچ ته عاشق جي غير موجودگيء ۾ سنڌ سلامت ۽ خاص ڪري فيس بوڪ تي کيس گهڻو مِس ڪيوسين۔ يار ويس ماڻهو آهي مڙئي ايس ايم ايس ڪري اسان کي پيو ياد ڪندو آهي نه ته اسان صفا سست ماڻهو آهيون جو ڪال ته پري ايس ايم ايس به گهٽ ڪيون۔ ان جو سبب ڪا بيلنس جي ڪمي نه پر پنهنجي سستي هوندي آهي۔ عاشق هوندو آهي ته مڙئي سنڌ سلامت تي رونق لڳي پئي هوندي آهي خاص ڪري سندس عجيب ۽ غريب جملن سان جيڪي سچ ته سچائيء جون چنهنڊڙيون هونديون آهن۔ بس ڪڏهن جهوني جي ڪري ته ڪڏهن وري سندس ايس ايم ايس ڪري کيس وقت به وقت رابطي ۾ رهياسون۔ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي جو سنڌي شاعري جي گروپ تي ڪنهن دوست چيو ته ڊزائن اوهان سٺي ڪيو ٿا ۽ ٻيو مرحوم عاشق سولنگي۔۔۔۔۔ سو مونکان ته ڇرڪ نڪري ويو ۽ هڪدم عاشق کي فون ڪيم ته همراهه نوبنو ويٺو هو، تڏهن وڃي ڪجهه جان ۾ ساهه پيو ۔ ان ڏينهن جڏهن شڪارپور ۾ هو ته اسان کي سندس خبر پئجي وئي هئي۔ ڦلپوٽي فقير سان سندس ملاقات تي کيس اسان پاران به ڀاڪر پائي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها ۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جي دوستن جون هڪ ٻئي سان ملاقاتون ، اڪيرون ۽ خلوص سچ ته ياد رهندو آهي۔ مونکي دوستن پاران ڏنل پيار سدائين سندن ياد ڏياريندو رهندو آهي۔ نه ته ڪٿي مون جهڙو نڪمو ماڻهو ۽ ڪٿي سنڌ سلامت جي محبتي محفل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشق کي واپسي تي ڀليڪار ۽ انشاء الله ڪچهريون قائم رهنديون۔ محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو انهيء جي ويڙهي پاڻهئ ايندو بادشاه (ڀٽائي)
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! واه ڙي عاشق واه نيٺ نيشنل فقير سان ملاقات ٿي وئي اوهان جي واه ادا واه يار مان به فقير سان به دفعا ٻن منٽن لاء ملي چڪو آهيان ڇا ڳاله ڪجي پاڻ واري فقير جي تمام سگهڻو ماڻهون آهين تمام پيارو ماڻهون آهي شڪارپيور جو جي قرب ڏسڻو هجيو ته فقير سان ضرور ملو ۔۔۔۔
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! سنڱت جي مهربانيون..پيار جو سنڱت ايڏو مس ڪيو.......سچ ته سنڌسلامت جي دوستن سان رت جا رشتا ٿي ويا آهن.
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! فقير سائين تمام بهترين ماڻهو آهي، سندس سان ڪجهه منٽن جي ملاقات ۾ ئي ماڻهو سندس جي شخصيت مان متاثر ٿئي ٿو، نماڻائي ۽ قرب سندن رت ۾ شامل آهي، ۔۔۔ عاشق جي به مهرباني جيڪو دوستن سان ملندو ٿو وتي۔۔۔۔
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! يار پاڻ انٽرنيشنل فقير سان ته ملي چڪا آهيون پر نيشنل فقير جو ديدار اڃان نصيب نه ٿيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عاشق جي ملاقات جو هڪڙو فائدو ته پيو جو عاشق سنڌ سلامت تي ٻيهر فعال ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستن جون اهي ملاقاتون جاري ء سار ي رهن شل
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! ادا مونکي سکر ۾ ڪافي دفعا فون ڪري فقير سائين پابند ڪيو ته مان سڀاڻي سکر اچي رھيو آھيان مان ڏاڍو خوش ٿيس ته فقير سائين سان ملاقات ٿيندي، پر رات جو دير سان فون ڪري معذرت ڪيائين ته منھنجو پروگرام ڪينسل ٿي ويو آھي ان ڪري مان سڀاڻِي نه اچي سگھندس، سچ پڇو ته ان ڪال کان پو مونکي ائين لڳندو آھي ته مونکان ڪجھ کسجي ويو آھي۔ فقير سائين تقريبن ٽي يا چار دفعا ائين ئي ڪيو آھي۔ ھاڻِي جي فقير اچڻ بابت فون ڪندو آھي ته ان جي اچڻ جو انتظار نه ھوندو آھي بس ان جي ٻي ڪال جو انتظار ھوندو آھي ته ھو ڪيڏي مھل ڪال ڪري اھو ٻڌائي ٿو ته اچڻ جو پروگرام ڪينسل آھي۔
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! واليڪم السلام سائين سائين ان ڏينهن مون جي گاڏي خراب ٿئي پئي مان ان جي رپيئرنگ ڪرائي رهيو هوس ته ادا عاشق جو ايس ايم ايس مليو ته مان شڪارپور ۾ آهيان توهان صرف درشن ڪرايو مان ادا عاشق ڏي بيڪ رنگ ڪئي چيو مانس ته ائين ڪا نه ٿيندو ترسو ته سهي پر ادا عاشق اصل جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيائين ته مان رستم موڙ تي اچان پيو اتي ئي بس صرف هڪ ٻئي کي ڏسي وٺون پو۽ ادا عاشق رستم روڊ تي ايو پو۽ اتي ئي هوٽيل تي ڪچهري ڪئي سين ادا عاشق سان گڏ هڪ ٻيو به مهمان هيو سو صفا اصل ويهڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن سو انهن کي وٺي بس اسٽاپ تي ويهاري روانو ڪيس ادا عاشق مجبور بلڪل سلڇهڻو آهي سندس اخلاص ڪچهري جو انداز ماشاالله الله کيس حياتي ڏي مان ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت فورم جو ، اڄ فورم جو ڪري مون جا هڪ نه پر هزارين دوست آهن مهرباني سدائين گڏ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! سائين سليمان وساڻ صاحب اهي توهان جون مهربانيون چئبيون جو توهان ايترو خلوص ۽ محبت ڏيو ٿا انشاالله هڪ ڏينهن روبرو ملاقات ڪبي ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! ادا علي علي توهان جي مهرباني جو توهان مون سان ٻه منٽ مليا ادا علي علي جڏهن توهان ايا هئا ته اهي سنڌ اندر ٻوڏ جا ڏيهن هئا هر ڪو ماڻهو مون سميت پريشان حال هيو توهان رنگ ڪئي ته مان اچان پيو مون کي اهو اندازو نه هيو ته توهان هائيس وين ۾ آيهو ۽ فيملي سان آهيو مون وري اهو سوچيو هيو ته توهان اسان اڄ رات ڪچهري ڪبي پر ائين ٿئي نه سگهيو خيئر نينگر به ننڍي جمع به گهڻا وري ڪچهري ڪبي سدائين گڏ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! ادا مست مان اهڙو به تعريف جي لائق نه آهيان ٻيلي ڏاهو ٿئي مهربانيو سنگت جون سدائين گڏ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! ادا عرس پريا صاحب واليڪم السلام ادا سائين توهان جي مهرباني جو توهان فقير کي ملاقات لائق سمجهيو انشاالله جڏهن به ڪراچي آيس ته توهان سان ملاقات ضرور ڪبي وڏي مهرباني ادا سدائين گڏ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! واليڪم السلام ادا ادا توهان جي نوڪري اهڙي اهي جو توهان کي اڳ ۾ ٻڌائڻ ضروري هوندي آهي پر وري قدرت اهڙي ٿيندي آهي جو جنهن ڪم سان مان نڪرڻ جي ڪندو اهيان اهو ڪم گهر ويٺي ئي ٿئي ويندو آهي وري توهان کي فون ڪري ان ڪري ٻڌائيندو آهيان ته ڪٿي توهان مون جي انتظار ۾ پنهنجو سرڪاري ڪم نه ڪري سگهو سو اطلاع ڏيڻ ضروري هوندو آهي اميد ته تمام جلد ڪچهري ڪبي سدائين گڏ
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! محترم سائين۔۔۔مان سکر ان ڏينهن تقريبن رات اٺين کان يارھين تائين هيس۔۔۔جيڪڏهن اھا خبر هجي هان ته اوهان سکر ۾ آهيون ته ملاقات ۽ اوهان جو به درشن ڪيون هان۔ مان سکر پهچي ادا سليمان وساڻ سان رابطو ڪيو ته سائين جن چيو ته سکر جو اهڙو دوست نه آهي۔۔سو وري حياتي رھي ۽ ڳوٺ اچڻ ٿيو ته اوهان جو درشن ڪري وٺبو۔۔
جواب: لوڪل فقير سان مُلاقات۔۔۔۔۔!!! ڦلپوٽو فقير صاحب جن سان اسان جي ملاقات ته نه ٿيئ آهي۔پر انهن سان ٽيلفون تي ڪنٽيڪٽ رهندو آهي۔سائين جن هميشه اسان جي ڪمپيوٽر جي حوالي سان مدد ڪندا رهندا آهن۔ڦلپوٽو صاحب جي هڪ ًڳاله جيڪا انهن جي هن اڳڻ سان محبت جو واضح ثبوت آهي ته جڏهن به انهن سان اسان جي ڳاله ٻوله ٿيندي آهي ته هو فورم ۽ ان جي ترقي جي باري ۾ تمام گهڻو ڳالهيندا آهن ۽ ّچاهيندا آهن ته هي فورم انٽرنيٽ جي دنيا تي تمام گهڻيون ترقيون ماڻي بهترين فورمن مان هڪ ٿئي وڃي۔سائين جي اها سوّچ ۽ محنت انشاالله هڪ ڏينهن هن فورم کي آسمان ٍجي بلندين تي پهچائيندي ۔عاشق سولنگي صاحب جون مهربانيون جو انهن ڦلپوٽو فقير صاحب سان ملاقات جو منظر هن فورم تي چٽي اسان سڀني جي دل ۾ هنن سان ملاقات جو وڌيڪ اشتياق پيدا ڪيو آهي۔