• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي سنڌڙي ته هئي اڳ وفائن جو ديس۔

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
جيند ميمڻ
جن جي تخليق
قومي محبت سان سرشار دوست ساحر

پنهنجي سنڌڙي ته هئي اڳ وفائن جو ديس۔
ڇو بڻيو آهي اڄ هي انائن جو ديس۔

ڪيڏي محبت هئي، پيار سڀ ڪنهن ۾ هو۔
ڪنهن جي نظر لڳي ٿيو جفائن جو ديس۔

وئي وڪوڙي هتي سڀ کي مطلب پرستي،
پيار پوڄا ڇڏي ٿيو دغائن جو ديس۔

هي ڌرتي ڀٽائي ۽ سامي، سچل جي هئي،
اڄ وڏيرن سندن سامراجن جو ديس۔

اچ ته ساحر سڀئي ساٿي پنهنجا سڏي،
ٻاريون محبت جي جوت ٿي روشنائن جو ديس۔۔۔

260266_194224117295863_100001248279284_539477_5964274_n.jpg
 
جواب: پنهنجي سنڌڙي ته هئي اڳ وفائن جو ديس۔

تمام خوبصورت شاعري ۽ اوهان جي چتر ڪاري۔۔۔
جاري رهي دوست۔۔۔۔
 
جواب: پنهنجي سنڌڙي ته هئي اڳ وفائن جو ديس۔

هي ڌرتي ڀٽائي ۽ سامي، سچل جي هئي،
اڄ وڏيرن سندن سامراجن جو ديس۔


عاشق آيو ته ميلي مچي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔

جنيد جي لاجواب شاعري ۽ اواهن جا ڏنل خوبصورت رنگ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه واهه دل خوش ٿي وئي
 
جواب: پنهنجي سنڌڙي ته هئي اڳ وفائن جو ديس۔

تمام خوبصورت شاعري ۽ اوهان جي چتر ڪاري۔۔۔
جاري رهي دوست۔۔۔۔

ادا آرزو۔۔۔اوهان سان ملڻ جي آرزو مونکي هُئي۔۔۔۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني۔


هي ڌرتي ڀٽائي ۽ سامي، سچل جي هئي،
اڄ وڏيرن سندن سامراجن جو ديس۔


عاشق آيو ته ميلي مچي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔

جنيد جي لاجواب شاعري ۽ اواهن جا ڏنل خوبصورت رنگ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه واهه دل خوش ٿي وئي

محترم سائين مهرباني۔۔۔لک لائق
 
Back
Top