• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌيان طلب

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ٻروچ
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ٻروچ

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت تي ڪوشش ڪري هر شعبي لاء الڳ سيڪشن ٺاهيا ويا، پر انهن ۾ ٻارن لاء ڪو به سيڪشن نه ٺاهيو ويو ۽ نه ئي ڪنهن جو ڌيان به ان طرف ويو۔۔ پر هاڻي ٻارن کي فورم تي فعال ڏسي ڪري مون کي اڄ شدت سان احساس ٿيو ته اسان جي ڪيڏي نه وڏي ڀُل هئي ته ٻارن کي نظر انداز ڪيو سين۔۔ هاڻي اهي معصوم ٻار هڪٻئي جا نالا ۽ شهرن جا نالا، ”مختلف موضوع“ جي سيڪشن ۾ راند طور استعمال پيا ڪن۔۔

ان طرف ڌيان جي ضرورت آهي۔

wslam
 
واه ڙي ٻروچ واه اصل مَٽ ڀڃ ڇوڙيوني۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تسا ڏي ڳالهه بجاٌءِ هي۔۔۔ ٻال تي هون پر اسان مُڇان وَالي اهندي ڪري اهڙا ڪو سيڪشن ڪونه ٺهه سگهسين۔۔۔

ادا تُساڏي سوچ ڪون ايوين ڪيو لڳدا پيا هي، پر ميڏي سوچ ڪون ايوين لڳدا پيا هي ته تُسان واقعي ٻالان والي ڳالهه آک ڏتي اگر تُسان ڪون ڪو جواب نهين ڏيوڻا تُسان نه ڏيوو۔۔ پر ٻيا ٻالان دي دل ڪيو پيئي ڏکيندين هو۔۔۔۔

مهربان ادا ٻروچ ٻالان ڪون ڇوڙ ڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڏي ٿيسن ته آپين هي منهن ڏيسن۔۔۔۔۔
 
ادا ٻروچ هڪ اهم سيڪشن ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جي مهرباني ۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ سائين نثار ناز جن پڻ اڳ ئي حڪم ڏئي چڪا آهن ۔۔۔ هڪ وڌيڪ مهرباني ٿيندي جيڪڏهن ان سيڪشن جو خوبصورت نالو به ٻڌايو ۔۔۔ جلد ئي توهان کي ان نالي وارو سيڪشن فورم تي نظر ايندو۔۔۔
 
ادا ٻروچ هڪ اهم سيڪشن ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ جي مهرباني ۔۔۔۔
ان سلسلي ۾ سائين نثار ناز جن پڻ اڳ ئي حڪم ڏئي چڪا آهن ۔۔۔ هڪ وڌيڪ مهرباني ٿيندي جيڪڏهن ان سيڪشن جو خوبصورت نالو به ٻڌايو ۔۔۔ جلد ئي توهان کي ان نالي وارو سيڪشن فورم تي نظر ايندو۔۔۔

سائين هو۔ئن ته نالا گهڻا ئي تجويز ڪري سگهجن ٿا پر منهنجي خيال ۾ ٻالڪ مناسب رهندو۔ وڌيڪ توهان ٻين دوستن جي صلاح به وٺي سگهو ٿا۔
 
گلن جهڙا ٻارڙا،
هن نالي سان سنڌ ۾ هڪ تنظيم هوندي هئي جنهن سنڌي ٻارن لئه ادبي ثقافتي ۽ قومي جاڳرتا وڌائڻ لئه سٺو ڪم ڪيو هو ... انجي ياد ۾ اهو نالو به ٿي سگهي ٿو ...
 
گلن جهڙا ٻارڙا ريڊيو پاڪستان خيرپور تان هر آچر تي پروگرام نشر ٿيندو آهي
 
Back
Top