جي دوستو يوفون وارن اعلان ڪيو آهي ته پهرين جولائي کان هر ايزي لوڊ يا ڪارڊ ريچارج تي 1۔1 سيڪڙو مينٽيننس چارجز پڻ ڪٽيا ويندا سندن اهڙي اعلان جي پوئواري موبلنڪ پڻ ڪئي آهي ان طرح پهرين جولائي کان 100 روپين جي ڪارڊ تي هيٺيون ڪٽوتيون ڪيون وينديون۔۔۔ وٿ هولنڊنگ ٽيڪس ۔۔۔۔ 10 سيڪڙو جي ايس ٽي۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 5۔19 سيڪڙو سروس چارجز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 5 سيڪڙو مينٽيننس چارجز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ 1۔1 سيڪڙو اميد ته موبائيل ڪمپنين جي اهڙي عمل تي پي ٽي اي به خاموش رهندي ۔۔۔ ڊپ آ ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته يوفون ۽ موبلنڪ کانسواءِ ٻيون ڪمپنيون به ائين ئي ڪنديون۔۔۔ ۽ اڳتي هلي مس ڪال چارجز، ڪال ڪنيڪٽ چارجز، ڪال ٽرمينيشن چارجز يا وري سي ايل اي ڊسپلي چارجز جهڙا ٽيڪس به لڳندا۔۔۔ ۽ جي اها صورتحال آئي ته موبائيل فقيرن جي استعمال ۾ بلڪل به نه رهندي۔۔۔
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز سائين مان ته ائين چوندس ته عاشقن جي ڳاٽي کان ڳالھ چڙهندي ٿي وڃي۔
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز ڳاله مڙني ساڳي آهي عاشق يا فقير۔ ڇو جو عشق به عاشق کي فقير ٿو بڻائي ڇڏي
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز ابا سائين فقيرن کي ته موجان آهن، ايزي لوڊ جي دڪان تي فقير ئي لوڊ ڪرائيندا۔ ڇاڪاڻ فقيرن جي ڪمائي روزانه عام ماڻهونءَ کان گهڻي آهي ۽ خرچ ڪجهه به نه ۔۔۔۔ هاڻ هيئن ئي ٿيندو ته عام ماڻهون فقيرن کي چوندا الله جي نالي تي 10 روپيا موڪل ته پٽ سان ڳالهايان، ويچارو بيمار آهي ۔۔۔
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز ادا ڳالهه ته نقصان واري ٻڌائي اٿئي ان چارجز تي اسان کي گهرجي ته اسان سخت کان سخت احتجاج ڪريون ته جيئن اها چارجز ڪٽي وڃي اهڙيون ٽيڪسيون لڳيون ته موبائيل استعمال ته ڪري ويندا سين پر پو۽ هوندي صرف ان ڪمنگ ايزي لوڊ يا وري ڪارڊ کان اصل توبهه ڪري ڇڏينداسين سدائين گڏ
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز اسانجي احتجاج سان ڇا ٿيندو ڪجهه به نه ۔۔۔۔۔۔۔ پر اسا ن احتجاج ڪنداسين ئي ڪون اسان منهگائي جا مارا اهڙين شين جا عاد ي ٿي ويا آهيون۔
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز معني 100 روپي واري ڪارڊ تي اسان کي بيلنس گهڻو ملندو؟
جواب: پهرين جولائي کان موبائيل استعمال ڪندڙن کي هڪ وڌيڪ نقصان۔۔۔ مينٽيننس چارجز بيلينس ئي ڪونه وجھرائينداسين