مخدوم جاويد هاشمي جا سڏڪا !!!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جاويد هاشمي جا سڏڪا!

    ذوالفقار گراماڻي

    [JUSTIFY] هينئر ملڪ جي هن گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ”بول کي لب آزاد هين تيري“ جهڙي ڪيفيت تاري لڳي پئي آهي. هر طرف ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ۽ پريس رليزون، فجر تائين هلندڙ صحافين جا ڌرڻا ۽ ڌرڻن کانپوءِ ڪميشن جي ڪهاڻي، زنده باد ۽ مرده باد جا نعرا، ”رات“ جي محفل تي مڙندڙ ماڻهن جو عتيقه اوڍو جي شراب رکڻ تي اعتراض ۽ اهڙن ئي اعتراض ڪندڙ وڏن ماڻهن کي ٽيڪس جي نيٽ ۾ آڻڻ وارا حفيظ شيخ جا واعدا، سرفراز جي قتل کانپوءِ رينجرز جي اهلڪارن خلاف پيدا ٿيل غصو ۽ رياستي ادارن خلاف تنقيد هجڻ گهرجي يا نه، جهڙا سوال ۽ جواب. هي آهي اسلام آباد جو منظر، جنهن ۾ لکڻ واري لاءِ موضوعن جي کوٽ نه آهي، ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ واري کي تمهيد ٻڌندي تڪليف واري مرحلي مان گذرڻو نٿو پوي. جاويد هاشميءَ جون تقريرون به هينئر هڪ موضوع بڻيل آهن. ان ڏينهن جڏهن جاويد هاشمي قومي اسيمبليءَ ۾ جذباتي تقرير دوران هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي چيو ته، آصف علي زرداري جي سياست سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي ضرورت آهي، تڏهن اهڙي ڳالهه فيڊرل لاجز، پارليامينٽ هائوس کان ويندي سنڌ هائوس ۾ رهندڙ پ پ جي سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن جي خوش ٿيڻ وارو موضوع بڻيل هئي. ان ڏينهن پ پ جي ايم اين اي نفيسه شاهه پنهنجي والد سنڌ جي وڏي وزير کي به جاويد هاشميءَ جي تقرير جا تفصيل پئي ٻڌايا، جنهن تي قائم علي شاهه پاران چيل اهو جملو نفيسه شاهه لاءِ انڪشاف جهڙو هيو ته ”جاويدهاشمي پيپلز پارٽي ۾ رهيو آهي.“ سنڌ هائوس ۾ منجهند جي ماني تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ٿيل ڪچهري جو موضوع به جاويد هاشمي ئي بڻجي ويو هو، جنهن جو چوڻ آهي ته پنهنجن وڏن جي وفات کانپوءِ جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ رُنو آهيان ته بينظير ڀٽو جي شهادت تي رُنو آهيان.

    جاويد هاشمي جنهن پنهنجي زندگيءَ کي ”مان باغي آهيان“ جهڙي موضوع ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، تنهن جاويد هاشمي کان جڏهن به ڪو صحافي سوال ڪندي پڇندو آهي ته توهان پنهنجي سياست جي شروعات جماعت اسلامي کان ڪئي ته جاويد هاشمي کلي جواب ڏيندي چوندو آهي ته ”سڀ کان اڳ ۾ مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ ٻه ڀيرا جيل ويو هئس.“ ملتان ۾ تقرير ڪندي پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جوان ٻار جي ڪلهي تي هٿ رکي تقرير ڪندو هو، اهو اڄ جو باغي جاويد هاشمي آهي، جنهن تي ايوب خان حملو ڪندي کيس جيل وجهرايو هو. جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست جي طريقي خلاف تحريڪ استقلال جو حصو بڻجي مخالفت ڪئي، جنهن کي ضياءَ جيل جا ڏينهن ڏيکاريا ۽ پرويز مشرف قيدي ڪري رکيو، جنهن پنهنجن جي بيوفائي براشت ڪئي، تنهن جاويد هاشميءَ تي هينئر بيماري به حملو ڪري کيس خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر جاويد هاشمي واپس پارليامينٽ هائوس پهچي پنهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻن نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته مان ضياءَ سان ساٿ ڏيڻ تي معافي ٿو وٺان، توهان به پرويز مشرف سان ڊيل ڪرڻ تي معافي وٺو. اسلام آباد جي گرم هوائن ۾ جاويد هاشميءَ تي بيماري واري حملي جي موضوع تي به اڻ ڌريا ذهن چون ٿا ته مٿس بيماريءَ جو حملو پنهنجي اڳواڻن جي بي وفائي جو نتيجو آهي.

    جيتوڻيڪ سندس اهڙي تقرير سندس پارٽيءَ جي اندر غصي واري ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف تجزين ۾ کيس اڻ سڌي طرح سان ”صلاح“ ڏني وئي ته پارٽي جي اڳواڻن تي تنقيد ۽ معافي جهڙا مطالبا ڪرڻ کان اڳ کيس استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي. جنهن ”صلاح“ جي بنياد تي ئي پنجاب هائوس ۾ ميان نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل ميٽنگ دوران هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن استعيفيٰ کي پارٽي رد ڪري ڇڏيو. جاويد هاشميءَ جي هي استعيفيٰ ته رد ٿي وئي، پر هن پهرين استعيفيٰ 28 سالن جي عمر ۾ جنرل ضياءَ جي ڪابينه ۾ وزير هئڻ جي حيثيت ۾ ڏني هئي. تازو سيالڪوٽ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پ پ جي اميدوار کي ڪامياب ڪيو، ان کي ڪابينا ۾ وٺي وڃڻ جي ذميواري منهنجي آهي. عام تاثر به اهڙو آهي ته شايد سياستدان وزارتن لاءِ لوٽا بڻجڻ واري طعني کي به تحفو سمجهي قبول ڪندا آهن، پر جاويد هاشمي، شوڪت ترين ۽ اعتزاز احسن جهڙا اهڙا ڪيترائي ڪردار آهن، جيڪي وزير اعظم جي عهدي کان ويندي فنانس منسٽري تائين جهڙي عهدي کي قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿيندا پئي آيا آهن. جيتوڻيڪ جاويد هاشمي جنرل ضياءَ جي ڪابينه مان هڪ ڀرپور پريس ڪانفرنس ذريعي استعيفيٰ ڏئي ڌار ٿيو هو، پر جنرل ضياءَ سان گذاريل هڪ سال واري وقت جي به هن معافي وٺي ڇڏي آهي، جنهن لاءِ جاويد هاشمي چوي ٿو ته ان وقت اي پي سي ۾ شامل سموريون پارٽيون اقتدار ۾ انهيءَ وعدي جي بنياد تي شامل ٿيون هيون ته جنرل ضياءَ چونڊون ڪرائيندو، پر جڏهن هن واعدو وفا نه ڪيو، تڏهن مون اهڙي ڪابينه ۾ رهڻ بجاءِ استعيفيٰ ڏئي جنرل ضياءَ خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ ترجيح ڏني. جنهن جاويد هاشمي پنهنجي پارٽيءَ جي اهڙي فيصلي کي به مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته، پرويز مشرف کان ڪاريون پٽيون ٻڌي وزارت جو قسم کڻڻ کي به مناسب نٿو سمجهان، خبر نه آهي ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي انهن ڪارڪنن خلاف نوٽيس ڇو نٿي ڪڍي، جيڪي صرف جاويد هاشميءَ لاءِ نعرا هڻندي چوندا آهن ته ”ايڪ بهادر آدمي جاويد هاشمي، جاويد هاشمي“. قومي اسيمبلي جي ڪيفي ٽيريا ۾ پراڻا ملازم ٻڌائين ٿا ته جڏهن شهيد بينظير ڀٽو کان ويندي چوڌري اعتزاز احسن جهڙا اڳواڻ خطاب ڪندا هئا ته قومي اسيمبليءَ جون گئلريون ڀرجي وينديون هيون. محترمه بينظير ڀٽو چِٽ ذريعي اعتزاز احسن کي چوندي هئي ته جيستائين مان نه چوان تيستائين تقرير جاري رکو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻن ڪلاڪن جون پر مغز تقريرون ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو، پر قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ويندي گئلري جي گيٽ تائين سناٽو لڳو پيو هوندو هو، پر هاڻي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا کي بار بار ميمبرن کي چوڻو پوندو آهي ته ”ڪنڪليوڊ ڪريو.“ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ جي رڪارڊ مطابق جاويد هاشميءَ جون تقريرون 9 هزار پيجن تي مشتمل آهن، جيڪي ٽن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿي سگهڻ جيتريون آهن. اهو جاويد هاشمي اڄ به جڏهن تقرير لاءِ اٿندو آهي تڏهن قومي اسيمبليءَ جا پراڻا ملازم به ورديءَ ۾ گئلرين اندر نظر ايندا آهن، جنهن جاويد هاشمي جو جيڪڏهن گلو خراب ٿي پوي تڏهن اسفند يار ولي خان جهڙا اڳواڻ کلندي چوندا آهن ته شڪر آهي جو جاويد هاشمي جو گلو خراب ٿي پيو، نه ته اسيمبليءَ ۾ شام تائين ويهڻو پوي ها. نه رڳو جاويد هاشمي کي تقرير کانپوءِ تقريبن سڀ ڌريون تاڙين ذريعي داد ڏيندي نظر اينديون آهن، پر اهو ساڳيو جاويد هاشمي ئي آهي، جنهن جي پارٽيءَ جي حڪومت دوران ايم ڪيو ايم خلاف ٿيندڙ آپريشن دوران حيرت ناڪ حد تائين ايم ڪيو ايم جو ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جو آفاق احمد هڪ ئي وقت سندس گهر ۾ ”ترسيل“ هئا. جاويد هاشمي رڳو هڪ سال ضياءَ جي ڪابينه جو وزير ئي نه رهيو هو، پر علي ڪلي خان جي ڀيٽ ۾ پرويز مشرف کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻائڻ واري راءِ ۾ به جاويد هاشمي شامل هو، جنهن غلطيءَ جي جيتوڻيڪ هن معافي ته ناهي ورتي، پر پنهنجي قيد ڪاٽڻ ۽ وزارت قبول نه ڪرڻ واري عمل ذريعي اهڙي داغ کي ڌوئي ڇڏيو آهي. جنهن دور ۾ پرويز مشرف اينڊ ڪمپني اين آر او جا اعلان ڪندي سياستدانن کي پنهنجا ڪيس معاف ڪرايو، جهڙا موقعا فراهم ڪري رهي هئي، تڏهن به جاويد هاشمي پنهنجي خلاف ڪيل ڪيسن جي معافي اين آر او ذريعي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي ”ڪيس هلايو“، جهڙا مطالبا ڪيا هئا. جنهن تي نه رڳو جيلن ۾ تشدد ڪيو ويو، پر سندس نياڻي ميمونه ٽرسٽ آرگنائيزيشن جا ڪيس به مڙهيا ويا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي اهلڪارن هٿان نوجوان سرفراز کي گوليون هڻڻ وارا منظر ٽي وي اسڪرين تي نظر اچڻ لڳا، تڏهن هن قومي اسيمبليءَ ۾ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي چيو ته ”خدا جو قسم آهي ته مان سڄي رات سمهي نه سگهيو آهيان.“ هن پنهنجي جيل جا قصا ٻڌائيندي چيو ته نواب اڪبر بگٽي جيل ۾ مون سان گڏ هيو، جڏهن لاهور جي انارڪلي بازار ۾ اهڙو واقعو پيش آيو هو، تڏهن ٽن برگيڊيئرن کي هٽايو ويو هو. تڏهن نواب اڪبر بگٽي چيو ته انارڪلي بازار جي واقعي ۾ ٽن برگيڊيئرن کي هٽايو ٿو وڃي، پر بلوچستان ۾ ٿيل واقعن تي ڪنهن سپاهي کي به سزا نٿي اچي. قومي اسيمبليءَ جي فلور تي پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبر خواجه سعد رفيق سان گڏ روئيندي جاويد هاشمي اسپيڪر آڏو ٻانهون ٻڌندي چيو ته، هي ٻانهون ٿو ٻڌان، هنن کي چئو ته ائين نه ڪن. هي اسان جا ٻچا آهن، اسان جي ٻچن کي ڇو ٿا مارين. جاويد هاشمي اهڙن ئي ادارن تي تنقيد ڪرڻ يا خط ڏيکارڻ جي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽي آهي، جنهن ادارن تي هينئر ايبٽ آباد واري واقعي کان ويندي صحافي سليم شهزاد ۽ سرفراز جي قتل تائين جهڙن واقعن کانپوءِ سخت تنقيد ٿي آهي. بقول فردوس عاشق اعواڻ جي ته انهن پارليامينٽ آڏو پنهنجو پاڻ کي سرينڊر ڪيو آهي، پر جاويد هاشمي جهڙا سياسي ڪردار فقط تنقيد جي تشريح سان به اتفاق نٿا ڪن. جاويد هاشمي، جنهن کان صحافي ته ڪيترائي سوال ڪندا رهن ٿا، پر صحافين جي سوالن جي برعڪس وٽس صحافين کان پڇڻ لاءِ به ڪيترائي معصوم سوال آهن. هو پڇي ٿو ته مان ڀٽي صاحب لاءِ ننڍپڻ ۾ جيل ويو هئس، ڀٽو صاحب منهنجو آئيڊل آهي، پر هن جن وڏيرن کي 70ع ۾ شڪست ڏني، تن کي 77ع ۾ ٽڪيٽون ڇو ڏنيون. جنرل ضياءَ کيس ڦاسي ڏئي اسان سان ڌوڪو ڇو ڪيو؟ هن 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو پورو ڇو نه ڪيو هو؟ جيتوڻيڪ جماعت اسلامي جي نظريي سان اتفاق ڪري ٿو، پر سندس چواڻي ته هو هڪ ڏينهن به جماعت اسلامي يا جميعت جو ڪڏهن ميمبر ناهي رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان اختلاف رکي ڌار ٿي وڃڻ باوجود جڏهن کيس پرويز مشرف جيل جو قيدي بڻائي ڇڏيو، تڏهن سندس خاندان لنڊن ۾ محترمه بينظير ڀتو وٽ ئي ترسيل هو، جنهن ڪري ئي جاويد هاشمي محترمه بينظير ڀٽو تي ڳالهائڻ واري موضوع کي پاڻ لاءِ جذباتي ۽ تڪليف وارو موضوع قرار ڏئي نه ڳالهائڻ جي درخواست ڪندو آهي. هن قومي اسيمبليءَ جي فلور کي استعمال ڪندي سمورين ڌرين کي هٿ ٻڌي درخواست ڪئي آهي ته خدا جي واسطي اسان جي ٻچن کي نه ماريو.
    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو