• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون بجاءِ هائبرنيشن ڪرڻ جو آسان طريقو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
سنڌ سلامت تي ڪافي پراڻو موضوع ان عنوان هيٺ اڳ ئي ادا ڦلپوٽو ونڊ ڪري چڪو آهي۔۔ پر هتي آ توهان کي وڌيڪ آسان طريقو ٻڌائيندس۔۔۔
هائيبرنيشن وارو عمل دراصل انهن ساٿين لاءِ بهتر آهي جيڪي ليپٽاپ استعمال ڪندا هجن يا وري ڪمپيوٽر تي ويهندڙ اهي دوست جيڪي مصروف ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٿوري دير لاءِ لنچ تي يا وري نماز لاءِ ويندا هجن پر نه چاهيندا هجن ته سندن کليل سمورا پروگرام بند ٿي وڃن جن ۾ مختلف ويب سائيٽس جو کليل هجڻ به شامل آهي ته جيئن واپسي تي انهن تي تڪڙو پهچي سگهجي۔۔۔ اهڙا ساٿي ڪمپيوٽر کي کُليل رکي ڇڏي ويندا آهن جيڪو عمل پڻ کين سٺو نه لڳندو آهي ته ڪوبه سندن ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري سگهي ٿو ۔۔۔ ان جو بهترين حل آهي ته توهان سمورن کُليل پروگرامز کي منيمائيز ڪريو ۽ ڪمپيوٽر کي هائيبرنيٽ ڪريو۔۔ جنهن سان ڪمپيوٽر توهان جي کُليل پروگرامس کي محفوظ ڪندي شٽ ڊائون ٿي ويندو ۽ ٻيهر تڪڙو کُلندي توهان جا کُليل سمورا پروگرام ڊيسڪٽاپ تي آڻي ڇڏيندو۔۔ يقينن اهڙي عمل سان ليپ ٽاپ استعمال ڪندڙ بهتر فائدو وٺي سگهندا جو سندن مشين جي بيٽري جي عمر وڌندي۔۔۔

ادا ڦلپوٽو مٿين ونڊوز ايڪس پي ۾ اهڙي عمل کي سيکاريو آهي هتي آ توهان کي ونڊوز 7 ۾ اهو عمل ڪرڻ سمجهائيندس ۔۔ جيڪڏهن هن عمل کي ذهن ۾ رکو ته توهان ونڊوز ايڪس پي ۾ لڳ ڀڳ ساڳي طريقي مطابق اهو عمل مڪمل ڪري سگهو ٿا۔۔۔
سڀ کان پهريان ڊيسڪٽاپ تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ New کي سليڪٽ ڪندي Shortcut کي سليڪٽ ڪريو۔۔۔

How_to_Create_a_Shortcut_to_Resource_Monitor_01.png

توهان اڳيان هڪ ونڊو کُلي ايندي جتي Type the location of the item, type: جي هيٺان لکڻ واري جاءِ يا وري لوڪيشن ڏيڻ واري جاءِ تي هي لفظ لکو يا ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو۔۔

C:\Windows\System32\rundll32.exe powrprof.dll, SetSuspendState 0,1,0

540px-Create_A_Hibernate_Shortcut_On_Windows_7_Desktop_001.png

نيڪسٽ بٽڻ ڪلڪ ڪرڻ سان توهان کان پڇيو ويندو ته هن شارٽ ڪٽ جو نالو ڏيو۔۔۔ توهان هتي ڪو به نالو يا هائيبرنيٽ پڻ لکي سگهو ٿا ۔۔۔ جي چاهيو ته ڪمپيوٽر جي صلاح ڏنل نالو پڻ رهڻ ڏيو ۽ finish بٽڻ کي پريس ڪريو۔۔۔

540px-Create_A_Hibernate_Shortcut_On_Windows_7_Desktop_002.png

توهان جي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪ ٽاپ تي هڪ آئڪان جو اضافو ٿي پوندو۔۔

Create_A_Hibernate_Shortcut_On_Windows_7_Desktop_003.png

جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان ڪهڙي به وقت ڪمپيوٽر کي هائيبرنيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
جواب: ڪمپيوٽر کي شٽ ڊائون بجاءِ هائبرنيشن ڪرڻ جو آسان طريقو۔۔۔

ٿي ويو سائين تجربو به ڪري ڏٺو وڏي مهرباني۔۔۔۔ پر هن عمل سان منهنجو انٽرنيٽ سان زونگ موبائل ذريعي ڪنيڪٽنگ ڪٽجي وئي وري ٻيهر ڪنيڪٽ ڪرڻو پيو ۔۔۔
 
Back
Top