ڇا رڳو آمريڪي فرمائشون مڃجن؟ زهير حسين حيدري پاڪستان پهرئين ڏينهن کان آمريڪا سرڪار جي خوشنودي لاءِ پنهنجو تن، من ۽ ڌن نه صرف ان اڳيان پيش ڪندو رهيو آهي، پر 64 سالن کان لاڳيتو قرباني به ڪندو رهيو آهي، پر آمريڪا سرڪار 64 سالن ۾ ڪڏهن زباني طور به ٻه اکر چئي اسان جي پُٺي نه ٺپري آهي ته واقعي توهان به اسان جي ساٿي ڌڙي جا ساٿاري آهيو. اسان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهڙا ناياب هيرا آمريڪا دوستي ۾ وڃائي ڇڏيا، بلڪه سندس ئي ڪاتيءَ سان ڪهائي ڇڏياسين. تڏهن به اسان تي اکيون ڳاڙهيون ڪري بيٺو آهي ته دهشتگرد توهان وٽ پلجن ٿا. روس کي ڊاهڻ لاءِ افغانستان جي جنگ جو ڪنو ڪم به اسان کان ورتائين ۽ ضياءُ الحق جهڙن ان جي سهڪارين پاڪستاني عوام کي ان جي نتيجي هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ دنيا جا ناميارا دهشتگرد تحفي ۾ ڏنا، جيڪا باهه ان وقت کان اڄ تائين وسائڻ بدران اڃان تيز ٿي رهي آهي. پر ائين جنگ وڙهندي وڙهندي اسان پنهنجا لکين ڳڀرو نوجوان رت ۾ ريٽي ڇڏيا. نائين اليون جو هٿرادو ڊرامو رچائي مسلمان ملڪن جي وسيلن تي قبضي لاءِ سي آءِ اي هٿرادو رٿابندي سان اسامه بن لادن ۽ ملان عمر جهڙن بدنام زمانه دهشتگردن کي متعارف ڪرايو. مذهبي جنوني ماڻهن جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي انهيءَ کي اڻ سڌي طرح سي آءِ اي ڀرپور نموني استعمال ڪيو ۽ القاعده جو نالو ڏيئي ان تنظيم جي اڻ سڌي طرح سي آءِ اي پاران اندروني مدد ڪئي ويئي ۽ ظاهري طور سڌي مخالفت ڪئي ويئي. اهڙي راند ڪئي وئي، جنهن ۾ صرف ۽ صرف مسلمان ملڪن کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي عزت نفس سان به کيڏيو. مسلمان ملڪن کي دهشتگردي جي لڙائي ۾ هڪ پاسي پنهنجو ساٿاري به بنايو، ٻئي پاسي انهن کي ان دٻاءَ ۾ به رکيو ته توهان دهشتگردن کي پناهه ڏيو ٿا. ان ڪري توهان جي ملڪ ۾ ڊرون حملن سميت هر قسم جي طريقي سان آئون دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻيان ٿو. ان لاءِ مون تي ڪنهن به حد بنديءَ جي ڪا به پابندي ناهي. دهشتگردي جي خاتمي جي نالي تي پاڻ ڀلي کلي عام ڪجهه به ڪري، ايستائين جو ريمنڊ ڊيوس جهڙن ماڻهن کي به موڪل آهي ته رستن تي عام ماڻهن تي گوليون هلائيندا وتن، جيڪڏهن گرفتار ٿين ته اهو چئي ڇڏايو وڃي ته هو سفارتڪار هو. پاڪستان جو رت مفت جو هو ان ڪري ان کي حق هو ته پاڪستاني ماڻهن جو کلي عام رت وهائيندو وتي. اسامه بن لادن جيڪو آمريڪا جو تراشيل بُت هو، جنهن ۾ روح وجهي ان کي افغانستان ۾ استعمال ڪيو ويو. ڪڏهن عراق تي حملو ڪيو ويو ته، ڪڏهن ان بهاني سان ايران تي اقتصادي پابنديون وڌيون ويو، ڪڏهن بحرين ۾ قتل عام ۾ مدد، ڪڏهن شام، لبيا ۽ لبنان ۾ اسامه ۽ ملان عمر جي موجودگي جي بهاني ڌمڪيون ۽ تازو اسامه کي ايبٽ آباد ۾ مارڻ جو ڊرامو بڻائي پاڪستان جي ساک کي نقصان رسايو ويو. سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر ڪيستائين اسان آمريڪا جي چوڻ تي هلنداسين؟ آخر ان ڪهاڻيءَ جو ڪو انت به آهي يا نه؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ”هڪ هڪاڻي ڪريون.“ اها هڪ هڪاڻي آمريڪا کان هر صورت ۾ جدا ٿيڻ جي آهي. پاڪستاني حڪمرانن هميشه ملڪ جي مفادن بدران سندن عارضي اقتدار جي بقا لاءِ آمريڪا حمايت ڪئي آهي، پر هن وقت پاڻي گهڻو وهي چڪو آهي. هاڻي وري ڪنهن نئين پرڪشش آڇ جو انتظار ڪرڻ جو شايد وقت به نه بچيو آهي، ڇو ته آمريڪا پاران اسامه کي مارڻ جو ڊرامو جيڪڏهن سچو آهي ته به حدون اورانگهڻ جو ڪيس آمريڪا تي ٿئي ٿو. حالانڪه پڪين خبرن موجب ته اسامه آمريڪا سرڪار وٽ ئي هو. گهڻو وقت اڳي ان کي ماري ڇڏيو هئائون. آمريڪا جي پراڻي پاليسي آهي ته پنهنجي ماڻهن کي پاڻ ماريندو يا مارائيندو يا اقتدار ڇڏائيندو آهي، جن ۾ شهنشاهه ايران، عدي امين، صدام وغيره ۽ جيئن حُسني مبارڪ جا ٽپڙ گول ڪرايائين ۽ هاڻي قذافي جي پويان پيو آهي ۽ جلد عرب سڳورن بادشاهن ۾ هٿ هوندس. پاڪستان ته آمريڪا جي خوشامد جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پر وري به ڪڏهن آمريڪي سينيٽ جو چيئرمين جان ڪيري اسان جي ڌرتي تي بيهي چوي ٿو ته ”وقت اچي ويو آهي ته فيصلو ڪريون پاڪستان جي امداد جاري رهي يا بند ڪئي وڃي.“ آمريڪي صدر چوي ٿو ته اسامه کي مارڻ جهڙا واقعا اڃان به ٿيا ته ڪنداسون. ڇا اسان اڃان به آمريڪا جا حمايتي ٿي هلي سگهون ٿا؟ چيو وڃي ٿو ته 64 سالن جا معاهدا ٿيل آهن، انهن مان ڪيئن جند ڇڏايون ته ان لاءِ چونداسين ته ادا معاهدا ته ٻنهي پاسن جا ۽ اصولن تي هوندا آهن، ڇا رڳو معاهدا مڃڻ لاءِ اسان ئي ذميوار آهيون...؟؟ آمريڪا تي ڪا به پابندي ڪونهي ته فيصلن جو مان رکي!؟ پاڪستان ۾ وري به ايتري آمريڪي مداخلت نه آهي، جيتري ايران ۾ شهنشاهه ايران جي زماني ۾ هئي. اهي ڄڻ مالڪ بڻيل هئا. ڪنهن به ايراني فرد جو قتل ڪن، ڪو ڪيس نه ٿي هلي سگهيو. انهن جا به ته معاهدا هوندا. پر جڏهن آيت الله خميني آمريڪا خلاف بغاوت جو فيصلو ڪيو ته سڀ معاهدا مليا ميٽ ٿي ويا. فقط ايراني قوم فيصلو ڪيو ته ڪنڌ اوچو ڪري هلڻو آهي. پوءِ چاهي ڪنڌ ڪٽجي ڇو نه وڃي. ان لاءِ کين وڏي قيمت ڀرڻي پئي. اهي ان لاءِ تيار ٿيا، آمريڪا صدام ذريعي ايران تي حملو ڪرايو، اڄ به ايران جا قبرستان تاريخ گاهه بڻيل آهن، جن ۾ لکين نوجوانن جون قبرون آهن، پر اڄ اها قوم پوري دنيا ۾ ڪنڌ مٿي ڪري هلي ٿي. ان جو صدر احمدي نجاد تقرير ٿو ڪري ته وائيٽ هائوس جا درو ديوار ڪنڀي وڃن ٿا. اها ڪوڙي گوري نيٺ کائڻي پوندي. اها گوري 20 سال اڳ کائون ها ته جاني نقصان ضرور ٿئي ها، بصر ماني کائڻي پوي ها پر اڄ ڳاٽ اوچو هجي ها،
جواب: ڇا رڳو آمريڪي فرمائشون مڃجن؟ محترم زهير حسين حيدري سچ لکيو آهي، پر افسوس جو شايد اسان اڃان پاڪستان ۽ پاڪستان جي وارث ادارن کي سمجهي نه سگهيا آهيون؟ 1952 ۾ جينوا ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ محترم جي ايم سيد اهو چيو هو ته جهڙي طرح سان پاڪستان ۽ انجي ادارن جي پروش ٿي رهي آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو هوندو جو پاڪستان هن خطي ۾ هڪ ٻرندڙ گولو هوندو ۽ تمام گهڻن انسانن جي قتل جو سبب ٿيندو ۔۔۔ اها ڳاله اڄ ٻه سئو فيصد صحي ثابت ٿي آهي پر اسان سنڌي پنهنجن ڏاهن جي ڪيل اڳڪٿين يا انهن پاران ڪيل رهنمائي ڪون ڏسندا آهيون ۔۔۔ هن وقت پاڪستان آمريڪا جو زرخريد غلام آهي، غلام يا ته وڙهي آزادي وٺندا اهن يا بغاوت ڪري يا وري مالڪ کي ٻاجهه پوي ته آزاد ڪري ۔۔۔ پر پاڪستان ۾ ٻئي صورتون نظر ڪون ٿيون اچن ۔۔۔ مينهن جي آڏو بين وڄائڻي آهي ۔۔۔ الامان