مايوس ڪٿي ٿيو آهيان، بس راز لڪايان ٿو آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. هي ڪنهن به ڏني آهي، پر گهر کي لڳي آهي لڙڪن جي ڦڻنگن سان، مان باهه وسايان ٿو. مَن ڀڀڙ پوي ڀڙڪي، اوندهه نه رهي جڳ ۾ مان ڇار ڇنڊي ڇَڄَ سان، ٽانڊن کي گڏايان ٿو. مَن هٿ جي اشاري تي، مسرور هو يان يان ڪَن مان گونگن ٻوڙن کي، هي شعر ٻُڌايان ٿو.
جواب: آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. هي ڪنهن به ڏني آهي، پر گهر کي لڳي آهي لڙڪن جي ڦڻنگن سان، مان باهه وسايان ٿو. مهرباني ادا عاشق لاجواب شاعري جنهن جو هر سٽ شاهڪار آهي، سچ ته بهترين۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي سهڻي چونڊ ۽ سهڻي ڊزائن۔
جواب: آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. ڳالهه ته مسرور سچي ڪئي آهي ته؛ مَن هٿ جي اشاري تي، مسرور هو يان يان ڪَن مان گونگن ٻوڙن کي، هي شعر ٻُڌايان ٿو. سنڌ جي ڳالهه سنڌين سان ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن گونگن ٻوڙن آڏو شعر چوڻ، جن مان صرف يان يان جي اميد ئي ڪرڻ به وڏي اميد آهي ۔۔۔ باقي سنڌي قوم هن وقت انڌي ٻوڙي ۽ گونگي ٿي پئي آهي ۔۔۔ ڏسجي ته ڪيستائين؟ لک ٿورا عاشق سائين ۔۔ واڪا ڪندا رهو من يان يان ٿي پوي
جواب: آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. محترم سنڌي سڄڻو۔۔۔منهنجي ونڊ ڪيل شاعري کي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔قرب
جواب: آ دور سجاڳي جو، سمهندي به ڪنايان ٿو. تمام خوبصورت ۽ حقيقت تي ٻڌل خيال سائين محمد خان مسرور پنائي جا ۽ ادا عاشق جي شاندار ڊزائين