هڪ مسڪراهٽ ڪاميابي جا سؤ در کولي ٿي!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]
    هڪ مسڪراهٽ ڪاميابي جا سؤ در کولي ٿي!!!

    تحرير: عبدالرزاق عمراڻي

    نيويارڪ ۾ مين هٽن ۾ هڪ 42 منزل عمارت آهي ۽ ان 42 منزل عمارت جي 40هين فلور تي هڪ دفتر آهي. انتهائي شاندار دفتر تقريبن 5 هزار اسڪوائر فوٽ جو دفتر جنهن ۾ سڄو عملو امريڪي آهي، سيڪيورٽي گارڊ کان وٺي رسپشنسٽ تائين آفيس سيڪريٽري کان وٺي ٽيليفون آپريٽر تائين سڄو عملو امريڪي آهي. هن سڄي دفتر ۾ واحد شخص جنهن کي قيمتي اطالوي سوٽ پهريل آهي، جنهن جي هٿ ۾ ڪيوبا جو سگار جنهن جي ڪپڙن کي فرانسيسي خوشبو لڳل، پر هن جي لهجي ۽ هلڻ چلڻ جو انداز خالص پاڪستاني آهي هو سيالڪوٽ جو رهاڪو هو. جڏهن هن کان پڇيو ويو ته اوهان ترقي ڪيئن ڪئي ته هن جي چهري تي مسڪراهٽ اچي ٿي وڃي، هڪ جاندار مسڪراهٽ سان هو سامهون واري سوال ڪندڙ تي هڪ گهري نگاهه رکي چهري تي مرڪ آڻي پنهنجائپ سان چوي ٿو ته مون کي اڄ هن مرتبي تي منهنجي مسڪراهٽ پهچايو آهي. آئون پاڪستان جو هڪ اڇوت شهري هئس، جنهن کي ڇهڻ اتان جي ماڻهن لاءِ مشڪل هو، منهنجا ڪئين بزرگ سيالڪوٽ ۾ گندگي ۽ ناليون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندا هئا، جن کي ماڻهو ڀنگي چوندا هئا، مون جوان ٿيڻ کانپوءِ سوچيو ته آئون اهو ڪم نه ڪندس، جڏهن ته هڪ ڀنگي کي ماڻهو ٻيو ڪو ڪم ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا، جنهن سماج ۾ مقامي ماڻهو خود روزگار لاءِ ترسندا هجن، جن جو مذهبي تعلق رياست جي مذهب سان لاڳاپيل هجي، جيڪي مراعت يافته هجن، سي به روزگار لاءِ پريشان هجن ته اتي هڪ ڀنگي کي ڪير روزگار ڏيندو ۽ آئون ڀنگي ٿيڻ لاءِ تيار نه هوس. ائين آئون سيالڪوٽ مان لاهور هليو آيس، بيروزگاري مان تنگ ٿيڻ ڪري ننڍن شهرن مان وڏن شهرن ۾ آيل ماڻهو پريشان هوندا آهن، انهن جي دل احساس ڪمتري ڪري مسڪرائڻ وساري ويهندي آهي، پريشاني، ڏک ۽ بک بدحالي منهنجي چهري جي مسڪراهٽ کي ختم ڪري ڇڏيو، آئون کلڻ ۽ مسڪرائڻ وساري ويٺو هوس. هڪ ڏينهن هڪ ريڙهي واري کان ڦارهوا خريدڻ لاءِ بيٺس، همراهه بزرگ هو، هن ڦارهوا ڏيڻ بدران منهنجي چهري تي نظر فڪس ڪري غور سان ڏسي پڇيو ته کلڻ ۽ مسڪرائڻ ڇو وساري ڇڏيو اٿئي؟ مون بيروزگاري مان مليل نفرت وچان چيو ته اهڙي سماج ۾ جتي حقدار کي حق نه ملي، جتي محض زبان رنگ نسل ذات پات سبب نفرت جو نشانو بڻجڻو پوي، اتي کل ۽ خوشي مسڪراهٽ ناياب نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو؟ ڪيئن آڻيان چهري تي مسڪراهٽ يار بس 5 روپين جا ڦارهوا ڏي ته وڃان، هن رلي هيٺان رکيل شيشو ڪڍي ۽ منهنجي آڏو ڪيو ۽ چيو ته ڏس تنهنجو چهرو کلڻ نه ڪري ڪيڏو نه ۽ سخت ٿي ويو آهي، واقعي جڏهن مون آئيني ۾ پاڻ کي ڏٺو ته محسوس ٿيو، منهنجو چهرو هاڻ اهو نه رهيو آهي ۽ پوءِ هن چيو ته پيارا هڪ دفعو منهنجي چوڻ تي کلي ڏيکار ته سندس اهڙي انداز تي مون کي کل اچي وئي، هن هڪدم آئينو منهنجي اڳيان ڪيو ته مون پاڻ کي بدليل محسوس ڪيو. هن ڦارهوا وڪڻندڙ چيو ته بابا جنهن ماڻهو وٽ ٻيو ڪوبه هنر نه هجي، اهو جيڪڏهن مسڪرائڻ سکي وٺي ته اهو هنر به هن لاءِ دنيا ۾ ڪامياب ڪرڻ جو اهم سبب بڻجي سگهي ٿو.

    هن جي ڳالهه منهنجي دل کي لڳي ۽ مون مسڪرائڻ جو هنر سکڻ شروع ڪيو، مون مسڪرائڻ جي طريقن وارا ڪتاب خريد ڪيا ۽ پڙهڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ ان طريقي مطابق مسڪرائڻ پڻ شروع ڪيو. هاڻ مون کي ڄاڻ ملي ته انسان جي چهري تي کِل ٻه سؤ اهڙن زاوين تي حرڪت آڻي ٿي، جو ماڻهو تازو ۽ زنده رهي ٿو. جيڪو ماڻهو ڏينهن ۾ 20 دفعا مسڪرائي ٿو، ان جي چهري جا تاثرات زنده رهن ٿا، هو چهري ذريعي تمام جذبن جو اظهار خوش اسلوبي سان ڪري سگهي ٿو، پر جيڪي ماڻهو گهٽ مسڪرائن ٿا، انهن جو چهرو آهستي آهستي مرڻ لڳي ٿو، اهي ماڻهو تاثرات کان خالي رهن ٿا. مون کي خبر پئي ته اسان جي مسڪرائڻ سان جسم مان هڪ ڪيميڪل پيدا ٿئي ٿو، اهو ڪيميڪل اسان جي ڇڪيل ۽ اڪڙيل اعصابن غصي وارن جذباتن کي سڪون پهچائڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ اسان کي سچي خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ ان سبب ڪري اسان پاڻ کي هلڪو ۽ مطمئن محسوس ڪريون ٿا ۽ ائين اسان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. مون اهو محسوس ڪري کلڻ ۽ مسڪرائڻ سکي ورتو ۽ ڪلاڪن تائين اها پريڪٽس ڪندو رهيس. هن جي چوڻ مطابق ته مسڪرائڻ جا 21 قسم آهن، اوهان مسڪرائي سلام ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي ٻين جي حوصلا افزائي ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي معذرت ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي شرمندگي جو اظهار ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪريو ٿا، اوهان مسڪرائي پنهنجي ناڪامي جو اعلان به ڪريو ٿا.

    مون مسڪرائڻ جي 21 قسمن تي هڪ سال اندر عبور حاصل ڪيو ۽ جيئن ته آئون بيروزگار هئس، ان ڪري روزانه شام جو جناح باغ ۾ واڪ ڪرڻ ويندو هئس، اتي هڪ گورو انگريز به واڪ ڪرڻ ايندو هو، روزانه هڪ ٻئي کي گذرڻ وقت ”سمائل پاس“ ڪندا هئاسون، مون هر جڳهه تي نوڪري لاءِ درخواستون ڏنيون، پر جواب نه صرف انٽرويو کان پر نوڪري کان به جواب؟؟ ان دوران ڪجهه دوستن مشورو ڏنو ته ٻاهر هليو وڃ، هتي تنهنجو روزگار نه آهي؟

    ساٿين امريڪا وڃڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيائون ته اتي بي شمار موقعا آهن، مون پٽ سٽ ڪري پاسپورٽ ٺهرايو ۽ امريڪي قونصل خاني جي طرف وڃي قطار ۾ بيٺس، ويزا لاءِ اتي ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار لڳل هئي، جتي بيٺل ماڻهن جي هٿن ۾ بئنڪ اسٽيٽمنٽ ۽ ڪاروبار جا ڪاغذ هئا، جڏهن ته ان قطار ۾ آئون واحد شخص هئس، جنهن وٽ رڳو پاسپورٽ هو، منهنجي ڪاميابي جو ذرو به امڪان نه هو، پر جڏهن دري وٽ پهتس ته سامهون وارو منظر حيران ڪندڙ هو، ڇو جو سامهون ويٺل انگريز اهو هو، جيڪو روزانه جناح باغ ۾ مون سان مسڪراهٽ جو تبادلو ڪندو هو، هن وري اتي به مون کي ڏسي مسڪرايو ۽ جواب ۾ مون به کيس مسڪراهٽ سان نوازيو. هن مون کي اشاري سان پاسپورٽ ڏيڻ جو چيو، مون کان پاسپورٽ وٺي هڪ منٽ جي انتظار جو چئي اندر ويو ۽ واپس اچي پاسپورٽ مون کي ڏنو، جنهن کي کولي ڏٺم ته پنج سالن جي ويزا لڳل هئي. جڏهن نيويارڪ ايئرپورٽ تي لٿس ته مون وٽ صرف 10 ڊالر هئا، پهريون ڪم جو مون کي مليو سو هو صفائي ڪرڻ جو ۽ پوءِ هڪ فيڪٽري ۾ لوڊر جو ڪم مليو ۽ آئون سؤ سؤ ڪارٽون ڪلهن تي کڻي ٽرڪ ۾ لوڊ ڪندو هئس، پوءِ آئون سيلزمين ٿيس ۽ ائين مون ڪيمسٽ جي دڪان تي به نوڪري ڪئي. گهر گهر اخبارون پهچائڻ جو ڪم به ڪيم، هر جڳهه تي منهنجي مسڪراهٽ منهنجي ڪم آئي. منهنجي مسڪراهٽ ڪري ننڍي وڏي ڪم ۾ آئون مڙني کان مٿي اهم حيثيت ولاريندو هئس.

    اڳتي هلي مون پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، اڄ 20 سالن کانپوءِ منهنجو شمار نيويارڪ جي امير ترين ايشيائي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، منهنجي ڪارگو ڪمپني آهي، مون وٽ پنهنجا ايترا جهاز آهن، جيترا پاڪستان وٽ به ناهن. ماڻهو گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ آئون جهازن ۾. هن چيو ته يقين ڪريو ته آئون فون کڻڻ شرط هيلو ڪرڻ کان پهرين مسڪرائيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن، حالانڪ آئون به ڄاڻان ٿو ته سامهون فون کڻڻ واري کي منهنجي مسڪراهٽ نظر نه ٿي اچي، پر جڏهن آئون ڳالهايان ٿو ته منهنجي آواز ۾ هڪ خوشگوار تاثر ۽ مٺاس ڀرجي اچي ٿو ۽ يقينن اهو منهنجو تاثر اڳلي تائين ضرور پهچي ٿو، يقين ڪريو ته انسان کي مسڪراهٽ جي شڪل ۾ اهم صلاحيت سان نوازيو ويو آهي، هڪ اهڙي صلاحيت جنهن سان اوهان پوري دنيا کي فتح ڪري سگهو ٿا، پر اسان مان الاهي ماڻهو ان صلاحيت کي ڄاڻن نه ٿا، اهي هن صلاحيت جي ڪمال کان واقف نه آهن. يقين ڪريو ته جي ماڻهن ۾ اها صلاحيت اچي وڃي ته دنيا ان جي قدمن هيٺ هوندي. اچو ته هڪ ٻئي کي مسڪراهٽ جا گل آڇيون ۽ هن مارا ماري واري دور ۾ چهري کي پُر رونق ڪريون.

    روزانه عبرت تان ورتل

    [/JUSTIFY]
     
  2. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    جواب: هڪ مسڪراهٽ ڪاميابي جا سؤ در کولي ٿي!!!

    واه ادا سليمان
    دل ته چوي ٿي ته هي سڀ پڙهڻ کانپوءِ پنهنجا ٻٽيهه ئي ڏند ٻاهر ڪري پيو هلان من ڪو ڀاڳ کلي پئي
    پر ٻين کان ته ٺهيو پنهنجي ئي گهر وارن کان ڊپ ٿو لڳي ته ڪو اولو سولو ڌڪ هڻي ڪڍن رهندو پنهنجا ڏند به ڀڃائي ويهي رهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو