برج خليفه دبئي ۾ آهي هن وقت دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت آهي۔ 828 ميٽر يعني 2717 فٽ اونچي هن عمارت جو ڪم 2004 ۾ شروع ٿيو ۽ 2009 ۾ پورو ٿيو۔ ڪجهه رڪارڊ جيڪي برج خليفه جي نالي آهن۔ سڀ کان اونچي عمارت سڀ کان گهڻيون منزلون سڀ کان ڊگهي ۽ تيز ترين لفٽ سڀ کان اونچي مسجد (158 هين منزل تي)
جواب: برج خليفه ۔۔ دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت سائين محترم سليمان، آ هميشه ڇو پنهنجي ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي ترقي کي ڏسي ڏک جا ڳوڙها ڳاڙيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون دنيا جي ملڪن جي ترقي ڏٺي آهي، دنيا جا ملڪ ۽ قومون سالن ۾ جيتريون منزلون طع ڪن ٿا اسان سنڌي خاص ۽ پاڪستاني عام ڪري صدين ۾ اهڙيون منزلون طع ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهون ۔۔۔ دبئي جي چپي چپي ۾ ڪو خزانا لڪل ڪونهن، جيترا خزانا سنڌ ۾ لڪل آهن يا ظاهر ڦورو ڦري وڃن ٿا ۔۔۔ ؟؟؟ پر دبئي هڪ قوم آهن ۽ پنهنجي ملڪ سان وفادار آهن، هاڻ سڄي قوم خوش آهي، اچو ته سندس ترقي ڪرڻ جي رفتار هن تصوير مان لڳايون ۔۔۔ 1990 ۽ 2003 ۾ 13 سالن جو فرق آهي، اوهان ڏسو ته ڪيئن ان 13 سالن ۾ هڪ روڊ هڪ شهر ۾ تبديل ٿيل آهي، حيرت آهي قومن جي ترقي تي ۽ افسوس ۽ ڏک آهي سنڌ جي حالت تي
جواب: برج خليفه ۔۔ دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت مهرباني پسند ڪرڻ جي ۔۔۔۔۔۔ يار دل ته منهنجي به چئي ٿي ته دنيا جي هن عجوبي جو ديدار ڪري اتان دنيا کي ڏسجي ۔۔۔۔۔۔۔۔ دنيا اميدن تي قائم آهي۔ رب چاهيو ته هڪ ڏينهن چڪر هڻي اينداسون۔
جواب: برج خليفه ۔۔ دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت سائين نثار مهرباني بلڪل اوهان جي ڳڻتي اوهان جا ڳوڙها جائز آهن۔ قومون ترقي جي منزل تي روان دوان آهن ۽ اسان جي قوم اڃان هوٽلن تي هلندڙ ڊش ۽ وي سي آر تان ڪانه ٿي اٿي۔ اسان جا اديب ۽ مفڪر پنهنجي جهيڙن مان واندا ڪونه ٿا ٿين، اسان جا سيستدان مفاد پرستي ۽ ذاتي انائن مان ڪونه ٿا نڪرن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ برج الخليفه جو ايڏو جلدي ۾ ٺهڻ ۽ دنيا جي نقشي تي سڀ کان وڏي عمارت طور نمودار ٿيڻ ڪا گهٽ ڳالهه ناهي۔
جواب: برج خليفه ۔۔ دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت ادا اسان جا ڳوڙها رڳو انهي ڪري به نه ٿا ڪرن ته اسان جي قوم اڃان هوٽلن تي فلمون ڏسڻ کان واندي ناهي پر ڏک اهو به آهي ته اسان هزارين سنڌي نوجوان جيڪي پنهنجي فيلڊ ۾ ماهر آهن ۽ سٺين پگهارن تي دبئي ۾ ڪم ڪن ٿا۔ مزي جي ڳاله ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هنن عمارتن جو ڪمپيوٽر سسٽم ۽ نيٽ ورڪينگ جو ڳچ ڪم اسان جي ملڪ جي نوجوانن سر انجام ڏنو آهي۔ جنهن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان۔
جواب: برج خليفه ۔۔ دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت بلڪل سچ اڄ به اسان جا ڪيترائي انجنيئر دبئي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن۔ پر ڪاش انهن کي هتي ڪي موقعا ملن۔