• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي۔۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي

اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي
نئين نينهن تي نئين ستم کي سڏي پئي

اها زندگي جي روايت رهي آ
گلابن جي موسم ۾ غم کي سڏي پئي

انهي دل چري جي اها دل لڳي جو
هو قاتل کان نظر ڪرم کي سڏي پئي

ٽٽي اعتمادن جي پئي آرسي پر
ڀڄي ڀور ٿي ويل ڀرم کي سڏي پئي

اها سيال ڪوئل ڪري ڪوُڪ شايد
صبح ساڻ رنج و الم کي سڏي پئي​

سيال حيات
 
جواب: اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي۔۔۔۔سيال حيات


اها زندگي جي روايت رهي آ
گلابن جي موسم ۾ غم کي سڏي پئي


لاجواب شاعري ۽ خوبصورت خيال

اوهان کي عرض ته سائين جي سهڻي شاعري کي جلد ڪمپوز ڪري ڏيو جيئن اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌ سلامت تان پيش ڪجي۔
 
جواب: اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي۔۔۔۔سيال حيات

سائين سليمان صاحب۔۔۔۔ مان سائيمن جن جي شاعري جا اي بوڪ ڪمپوز ڪري رهيو آهين جيڪي بس آخري مراحل ۾ آهن۔۔۔ جلد اوهان ڏي ميل ڪبا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ناچيز۔۔۔۔۔
اسد سيال۔۔۔۔۔۔!
 
Back
Top