Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي
اڃان اڻ پلي دل صنم کي سڏي پئي
نئين نينهن تي نئين ستم کي سڏي پئي
اها زندگي جي روايت رهي آ
گلابن جي موسم ۾ غم کي سڏي پئي
انهي دل چري جي اها دل لڳي جو
هو قاتل کان نظر ڪرم کي سڏي پئي
ٽٽي اعتمادن جي پئي آرسي پر
ڀڄي ڀور ٿي ويل ڀرم کي سڏي پئي
اها سيال ڪوئل ڪري ڪوُڪ شايد
صبح ساڻ رنج و الم کي سڏي پئي
سيال حيات