هڪ تاريخ جي پڄاڻي
سنڌ جو ناليوارو محقق ۽ تاريخدان شوڪت علي خواجائي عذاب سهندي سهندي ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ گذاري ويو. فقير طبيعت جو مالڪ شوڪت خواجائي اڄ اسان ۾ موجود ناهي، پر سندس تحقيق تي مشتمل ڪئين ڪتاب موجود آهن، جن جي هر ورق ۾ شوڪت زنده ۽ امر رهندو. ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي يگاني محقق شوڪت علي خواجائي تي سندس گهر ۾ ڪجهه جوابدار تيزاب هاري فرار ٿي ويا هئا، جن مان هڪ جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي ان گرفتار ٿيل جوابدار کي مهمانن وانگر ترسايو ويو ۽ ٻيا اڃا تائين گرفتار ٿي نه سگهيا آهن. ٻه ٽي ڏينهن مسلسل ڪاوش ۾ شوڪت جي ايذائن ۽ عذابن جي خبر ايندي رهي، ته اڄ شوڪت جي مٿي جا ڦٽ ٻيهر کلي پيا.... وري خبر پڙهيم ته ڊاڪٽرن، شوڪت جي اک جو آپريشن ملتوي ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته اسان وٽ بيهوشيءَ جي انجيڪشن موجود ناهي. ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ بيهوشيءَ واري انجيڪشن نه ملڻ ڪيڏي وڏي تعجب جي ڳالهه آهي! صدمي ۾ سندس ڀاءُ مختيار خواجائي به گذاري ويو آهي. شوڪت خواجائي، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا اديب، اداڪار، محقق ۽ تاريخدان بيماريءَ ۾ علاج نه هئڻ ڪري عذابن جي زندگي گذاريندي وڃي مٽي ماءُ حوالي ٿيا. اديب، اداڪار، محقق، تاريخدان ۽ راڳي، ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، جن جو قدر اسان جي حڪمرانن وٽ نه آهي.
سيد ڪوثر عباس رضوي/روهڙي