موهن جو دڙو: هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم جواهر لال نهروءَ جو پنهنجي ڌيءُ، هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم، اندرا گانڌيءَ ڏانهن لکيل خط
سنڌيڪار: ارشاد احمد شيخ – آدرش
جواهر لال نهروءَ جي پنهنجي ڌيءُ اندرا گانڌيءَ سان هڪ تصوير

مون اڃان هندستان جي سنڌو ماٿريءَ جي پراچين سڀيتا ۽ موهن جي دڙي تي اڀياس پئي ڪيو ته تازو ئي هڪ وڏو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ اها وارتا ڏني ويئي آهي، جنهن جي اڃا تائين ڄاڻ ملي نه سگهي هئي. هيءُ ڪتاب انهن ماڻهن سهيڙيو آهي، جن جي حوالي کوٽائيءَ جو ڪم سونپيل هو ۽ هنن پنهنجين اکين سان ڌرتي ماءُ جي ڪک مان هڪ دٻيل شهر نروار ٿيندي ڏٺو. اڃان اهو ڪتاب منهنجي هٿن تائين نه رسيو آهي. ڪاش ! هتي پڙهڻ لاءِ ملي ها!! تنهن هوندي به انهيءَ ڪتاب تي ڇپيل تبصرو پڙهيو اٿم، جنهن مان ڪجهه ٽڪرا توهان جي ڄاڻ لاءِ به ڏيان ٿو ته جيئن مون سان گڏ توهان به پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو آڻيو. سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا نهايت ئي حيرت ۾ وجهندڙ آهي، جيئن جيئن ان جو اڀياس ڪبو، تيئن تيئن عجب رنگ پسجڻ ۾ ايندو. ان لاءِ پراچين اتهاس جي آڳاٽي داستان کي پل کن لاءِ وساريندي، هن ڏيهه جي پنج هزار ورهيه اڳ واري سمي جو سير ڪريون ته هوند سهائيندڙ لڳندو
موهن جي دڙي سڀيتا جي باري ۾ اهو ئي اندازو آهي ته اها پنج هزار ورهيه اڳ جي سڀيتا آهي ۽ ان زماني ۾ اهو ماڳ هڪ سندر شهر ۽ سڌريل قوم جو آسٿانو هو، جيڪو هوريان هوريان ورهين پڄاڻان اوج تي پهتو هوندو. سرجان مارشل کوٽائيءَ جي ڪم جو نگهبان، هن ڪتاب ۾ خيال ظاهر ڪري وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته،”موهن جو دڙو ۽ هڙاپا بابت هڪ ڳالهه پڌري پٽ آهي ته جنهن سڀيتا جا اهڃاڻ جيڪي انهن ماڳن تان نروار ٿيا، سي نئين سڀيتا سان لاڳاپيل نه آهن پر پراچين ۽ هندستان جي زمين ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪا هئا ۽ لکين ماڻهن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو هئا، انهيءَ ڪري هندستان جو ڳاڻيٽو به ايران، عراق ۽ مصر جي ملڪن سان گڏو گڏ ٿيڻ کپي، جتي به انساني سڀيتا جي شروعات جو نماءُ ٿيو۔
شايد مون اڃا تائين توهان سان هڙاپا جي باري ۾ ذڪر نه ڪيو آهي، اهو ماڳ پنجاب جي اوڀر ۾ آهي، جتان به موهن جي دڙي مان لڌل اهڃاڻن وانگر ڦٽل نشان پڻ کوٽي ڪڍيا ويا آهن
مهراڻ ماٿريءَ جو سير ڪندي، اها ڄاڻ ملي ٿي ته اسان نه رڳو پنج هزار ورهيه اڳ پر ان کان به گهڻو آڳاٽي سمي جڏهن انسان وستي وسائڻ ۽ جاين جوڙڻ جو هنر سکيو هو، تڏهن موهن جي دڙي جو عروج هو ۽ آريا اڃا ڀارتي ڀونءِ ۾ نه آيا هئا، پر تنهن هوندي به انومان ڪڍجي ٿو ته هندستان جي ٻين ڀاڳن ۾ نه پر پنجاب ۽ سنڌ ۾سڌريل ۽ اوج تي رسيل قوم ۽ ساڳي نموني واري اها سڀيتا هٿ وسيڪو (موجود) هئي، جيڪا عراق ۽ مصر جي سڀيتا سان گهڻي ڀاڱي ملندڙ جلندڙ هئي، پر ڪجهه ڳالهين ۾ ٻه هٿ وڌيڪ هئي۔
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽائيءَ ويل جيڪي آڳاٽا اهڃاڻ مليا آهن، سي من موهيندڙ ڀانءِ پوندڙ آهن. خبر ناهي ته هندوستان جي زمين ۾ اڃان ڪيترا دل پسند اهڃاڻ ۽ ماضيءَ جون يادگيريون دفن ٿيل هونديون. ان ڳالهه مان اهو انومان پڻ ٿئي ٿو ته هيءَ سڀيتا پوري ڏيهه اندر پکڙيل هوندي، نه رڳو موهن جي دڙو يا هڙاپا تائين دنگ هوندو. پر ڏٺو وڃي ته ٻئي ماڳ به هڪ ٻئي کان گهڻو پري آهن۔
هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن پٿر جي ٿانون ۽ هٿيارن جو واهپو هو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽامي ۽ پتل جون شيون به شروع ٿيون هيون. سرجان مارشل هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون به لکيون آهن، جهڙوڪ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا مصر ۽ عراق جي سهيوڳي سڀيتا کان نرالي ۽ مٿانهين هئي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڪجهه نمايان خاصيتون اهي به هيون ته ڪپڙي اڻڻ لاءِ ڪپهه جو استعمال ان زماني ۾ رڳو هندستان تائين هيو ۽ اولهندي وارن وٽ ٻن يا ٽن هزار ورهين کان پوءِ شروع ٿيو. ان کانسواءِ آڳاٽي اتهاس ۾ مصر، عراق يا اولهندي کنڊ جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙن وڻندڙ حمامن ۽ عام رهواسين جي رهڻ جي سکي گهرن جو مثال ملڻ محال آهي، جيئن موهن جي دڙي مان نروار ٿيا آهن. ذڪر ڪيل ملڪن ۾ ديوتائن جا شانائتا مندر ۽ بادشاهن جا محل ۽ مقبرن جي اڏجڻ تي نه رڳومحنت ڪئي ويندي هئي، پر پيسا پاڻيءَ وانگر وهايا ويندا هئا، پر عام ماڻهو مٽيءَ جي جهوپڙين ۾ جيون گذاريندا هئا. سنڌ اندر حالتون ان جي ابتڙ هيون. هتي سڀ کان سندر اهي عمارتون آهن، جي عام رهواسين جي آرام لاءِ جوڙيون ويون هيون۔
هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته، ” سنڌ جي واديءَ جو فن ۽ مذهب به هڪ خاص شان رکي ٿو. ٻين ديسن ۾ ان دؤر جون ڪي اهڙيون شيون نه ٿيون ملن جيڪي پنهنجي بيهڪ جي لحاظ کان هنن شين سان ڪو ٿورو گهڻو ميلاپ رکنديون هجن. مثلن، رڍن، ڪتن ۽ ٻين جانورن جي مٽيءَ جا پتلا يا مهرن جا ٻڙا وغيره. انهن ۾ سڀ کان سهڻيون شيون، ننڍن ننڍن سڱن وارا، ڪٻ نڪتل ڏاندن جون مورتيون آهن. انهن شين کي اوهان هڪ نهار سان سڃاڻي سگهو ٿا ۽ انهن جي بيهڪ ۽ سهڻائپ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نه ٿا رهي سگهو. اهڙو فن جنهنجو ڪو مثال نه ٿو ملي. ٻن انساني مجسمن جي نفاست ۽ نزاڪت جو مثال مهذب يوناني دؤر ۾ به نه ٿو ملي. رهيو انهن جو مذهب ته ان ۾ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ملن ٿيون، جيڪي ٻين ملڪن ۾ به موجود هيون، اهي ڳالهيون آڳاٽي تاريخ جي هر مذهب تي لهن ٿيون، پر مجموعي طرح انهن جي مذهب ۾ هندوستان جو خاص رنگ ايڏو گهرو آهي جو موجوده هندو ڌرم ۾ ۽ ان ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو آهي۔
ڪاش! مان اهي هڙاپا جا مجسما يا انهن جون تصويرون ڏسي سگهان. اهو ممڪن آهي ته ڪڏهن تون ۽ مان هڙاپا ۽ موهن جي دڙي هلون ۽ من ۽ اکين سان اهي شيون ڏسون پرحالي تون پنهنجي پوناواري مدرسي ۾ پڙهندي رهه ۽ مان پنهنجي مدرسي ۾ جنهن کي ماڻهو دهره دون جو ضلعي جيل چوندا آهن۔
هي خط، سنڌ ادبي اڪيڊميءَ جي ڪتاب ” موهن جو دڙو- پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾“، مان ورتل آهي. پڙهندڙ اگر چاهين ته ڪو به مضمون اسان کان اي ميل ذريعي گهرائي سگهن ٿا. هي ڪتاب سي ڊي تي پڻ موجود آهي ۽ آن لائن به موڪلي سگهجي ٿو

محترم عزيز ناريجو جي ٿورن سان جنهن انڊس هيرلڊ ۾ لکيل هي ليک فيس بوڪ تي ونڊ ڪيو آهي۔