خبر ناهي دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ڳاهيجا ۾ وحشي جوابدار پاران ٽن ڌيئرن سان جنسي ڏاڍائي ۽ 5 حمل ضايع ڪرڻ جو انڪشاف، جوابدار گرفتار

    شڪارپور/مديجي/ڳڙهي ياسين (نمائندن وٽان) ڳاهيجا ۾وحشي پيءُ پاران ٽن ڌيئرن سان جنسي ڏاڍائي، هڪ ڌيءَ جو 2 ڀيرا حمل ضايع ڪرڻ ۽ ٻيءَ جو 3 ڀيرا حمل ضايع ڪرڻ جو انڪشاف، ناريون ميڊيڪل چيڪ اپ بعد پوليس حوالي، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، خبرموجب ڳڙهي ياسين ويجهو ڳاهيجا ڳوٺ ۾ پيءُ طرفان ڌيئرن سان جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي، سومر ڏينهن صبح جو نصير احمد شاهه پنهنجي ننڍي ڀاءُ مٺل شاهه سان گڏ مڪئي جا سڱ وڪرو ڪرڻ خاطر ريڙهي ڪاهي ڪاروبار ڪري رهيو هو ته اوچتو موٽي گهر پهتو ته سندس جي 17 سالن جي ڀيڻ مسمات بيبي ليليٰ شاهه پيءُ جي جنسي ڏاڍائي کان بچڻ خاطر دانهون ڪري رهي هئي، پسمنظر ڏسي لٺ کڻي مارڪٽ ڪئي ته هو دانهون ڪندو گهر کان ٻاهر نڪتو، جنهن تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، جنهن بعد ايس ايڇ او ڳاهيجا شڪارپور مان وومين پوليس گهرائي، وومين پوليس جي سب انسپيڪٽر شگفته ٻين اهلڪارن سان گڏ ڳاهيجا ڳوٺ ۾ مختلف گهرن ۾ وڃي هن درد ناڪ واقعي بابت معلومات ورتي، پوليس موجب روشن شاهه جي اهڙي واردات ۾ ملوث هجڻ بابت محلي واسين به نشاندهي ڪئي، جنهن بعد پوليس بروقت ناڪابندي ڪري ڳوٺ ٻاهران الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن نصير احمد شاهه فريادي ٿي گناهه نمبر 32/2011 قلم 376/1ppc تحت فريادي ٿي ڪيس داخل ڪرايو آهي ته روشن شاهه منهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي 17 ورهين جي ڌيءَ مسمات ليليٰ عرف زبير سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته منهنجو پيءُ ڪافي عرصي کان بيبي ليليٰ ۽ ان کان وڏي ڀيڻ 19 ورهين مسمات صغريٰ سان جنسي ڏاڍائي ڪندو رهندو آهي، جڏهن ته اسان جي ٽئين وڏي ڀيڻ روزينا شاهه جيڪا فوت ٿي چڪي آهي سان به جنسي ڏاڍائي ڪندو هو، اسين بار بار پاڙي وارن کي دانهون ڏيندا هئاسين پر هرهڪ ائين چوندو هو ته توهان پيءُ پٽن جو مسئلو آهي. هن چيو ته مجبور ٿي فريادي ٿيو آهيان، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي نارين ليليٰ ۽ صغريٰ کي سول اسپتال شڪارپور آندو، جتي ڊاڪٽر شعيب الٽرا سائونڊ ۽ ڊاڪٽر رضوانه شيخ اندروني معائنو ڪيو، ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته ٻئي ناريون ڪنواريون نه رهيون آهن پر حتمي رپورٽ ليبارٽري مان ٽيسٽ بعد پڌري ڪئي ويندي. ٻنهي نارين کي وومين پوليس حوالي ڪيو ويو آهي جن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ڊي پي او شڪارپور جنيد شيخ ٻڌايو ته ڳاهيجا ۾ درد ناڪ واقعو پيش آيو آهي، هن چيو ته فريادي ۽ پوليس جي بروقت معلومات مان پتو پوي ٿو ته واقعو حقيقي آهي، هن چيو ته جوابدار گرفتار ٿي چڪو آهي، ڪيس کي مضبوط ڪرڻ واسطي جاچ پوليس کي هدايتون ڏنيون آهن ته جيئن جوابدار سزا کان نه بچي سگهي. هوڏانهن گرفتار ٿيل روشن شاهه ٻڌايو ته منهنجو پٽ ڀينرن سان مليل آهن جيڪو ڀينرن کي ڪٿي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، مان ان ۾ رڪاوٽ آهيان، جنهن ڪري منهنجي مٿان جڙتو الزام هنيو ويو آهي، غلام صغريٰ شاهه ميڊيا آڏو پيءُ مٿان الزام هڻندي چيو ته پيءُ گذريل ستن سالن کان وٺي مون سان ڪڌو عمل ڪندو رهيو آهي، جنهن مان مون 3 حمل پڻ ضايع ڪرايا آهن، جڏهن ته مون کان اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ روزينا شاهه سان به ڪڌو عمل ڪندو رهيو هو، جنهن مان منهنجي ڀيڻ 3 حمل ضايع ڪرايا ۽ هو درد جي داستان بڻجي مري وئي، شرم، حيا ۽ ظلم سبب هن ٻڙڪ به ٻِاهر نه ڪڍي، هينئر هن اسان جي ننڍي ڀيڻ 18 سالن جي بيبي ليليٰ کي گهر اندر زوري کنڀي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ۽ منهنجي ڀيڻ دانهون ڪيون ته ان وقت منهنجا ڀائر پهچي ويا، جن کي به اسان جي پيءُ ڪهاڙي کڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن پوليس کي اطلاع ڪيو، جيڪا بروقت پهتي جن کيس گرفتار ڪري ورتو، غلام صغريٰ شاهه ۽ ليليٰ روئندي چيو ته پيءُ پاران ڌيئرن سان وحشي عمل سان انسانيت جا ڪنڌ جهڪيل آهن، کيس سزا ملڻ گهرجي، هنن چيو ته اسان جي ماءُ پيءُ جي اهڙن ڪڌن ڪمن سبب ڪيترائي سال اڳ گهر ڇڏي پنهنجي مائٽن وٽ رهندي آهي، نارين جي ڀاءُ نصير احمد شاهه چيو ته گهر ۾ رڙيون ٻڌي پهتاسين ته هن ننڍي ڀيڻ کي هوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو تماشو سڄي ڳوٺ ڏٺو ۽ مجبور بڻجي کيس گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪرايو آهي، اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، هوڏانهن ٻنهي ڀينرن غلام صغريٰ ۽ ليليٰ شاهه کي وومين پوليس شڪارپور حوالي ڪيو ويو، کين عدالت ۾ پيش ڪري 164 تحت بيان ورتو ويندو.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خبر ناهي دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔ انسان جڏهن انسانيت جي درجي کان ڪري پئي ٿو ۽ اسفل سافلين ۾ ڪري ٿو ته سندس انڌ جي ڪا انتها ناهي هوندي، جيتوڻيڪ اهو ڪو پهريون ڏوهه ناهي پر پو به تمام ڏکائيندڙ ۽ ڪروڌ جهڙو آهي ۔۔۔ الله پناه ۾ رکي انسانيت جي وقار کي ۔۔۔۔

    لفظ ناهن جو ان ظلم جو ڪا نندا ڪري سگهجي ۔۔۔ توبهه جي به جا ناهي
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: خبر ناهي دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    الله توبه توبه۔۔۔ڳاھيجا اسان جي ڳوٺ کان ٿورو مفاصلي تي آهن۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: خبر ناهي دنيا ۾ ڇا پيو ٿئي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    انا لله وانا عليه راجعون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو