جواب: سلام سهڻا سولنگي صاحب، خئير مبارڪون، ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست اوطاق تي، اوهان سنڌ دوستن جي ساٿ جي آس آهي سنڌ سلامت جي دوستن کي، سنڌ جي اوطاق آهي، انڪري سنڌ سان جڙيل هر مسئلو (واڌو يا ڪاٽو) هن اوطاق جو مسئلو آهي، اوهان دوست هن اوطاق تي اچي هڪٻئي جي رهنمائي ڪندا ته سنڌ سلامت جو مقصد پورو ٿيندو ۔۔۔ لک ٿورا، ڀيرو ڪرڻ نه وساريندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام واعليڪم السلام...سائين اسان اوهانکي هتي اچڻ تي ڀليڪار ٿا چئون..دوست پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائيندا ته اوهانجي مهرباني ٿيندي.
جواب: سلام سهڻا سائين اوهان کي به هن محبتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪرڻ تي دل جي گهرائن سان ڀليڪار ڇئجي ٿو ، سائين پنهنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا ، اوهان پنهنجي ئي ضلعي جا آهيو ، پر جيڪر وڌيڪ ڊيٽيل ڏيندا ته بهتر آهي ، وڌيڪ راز جا راڻا آهيو، پنهنجو خيال رکندا ، سدائين گڏ
جواب: سلام محترم دوست نديم احمد سولنگي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ جيڪڏهن اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ته واهه واهه جو اوهان سان دوستن جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي وڇي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔
جواب: سلام مهرباني ڀا، هي تمام سٺي ڪوشش آهي، ۽ اسان کي خوشي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي لا ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو اڃا موجود آهن۔ مان سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي جيڪو سنڌ جو هڪ وڏو پبلشر ادارو آهي، سا ڏهه سال وابسته رهيو آهيان ۽ هينئر سرڪاري ملازم آهيان منسٽري آف انڊسٽريز ۾۔ آخر ۾ توهان کي هڪ دفعو ٻيهر لک لک واڌايون سنڌ سلامت سائيٽ جي لا۔ مهرباني
جواب: سلام مهرباني ادا عاشق، ذات ڀائي آهين، مان ڪالهه ئي جوائن ڪيو آهي اڄ پنهنجي ڪوائف اپ ڊيٽ ڪيان ٿو پو اها پڙهي وٺجو۔